Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 10:3 - Sindhi Bible

3 پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽ آيا، ۽ چيائونس تہ خداوند عبرانين جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ ڪيستائين تون منهنجي حضور ۾ عاجز ٿيڻ کان انڪار ڪندين؟ منهنجي اُمت کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽ آيا ۽ چيائونس تہ ”خداوند عبرانين جو خدا فرمائي ٿو تہ ’ڪيستائين تون منهنجي آڏو عاجز ٿيڻ کان انڪار ڪندين؟ منهنجي قوم کي وڃڻ ڏي تہ اهي وڃي منهنجي عبادت ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 10:3
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ ايلياہ سڀني ماڻهن وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو تہ ڪيستائين اوهين ٻن راين جي وچ ۾ پيا منڊڪائيندا؟ جيڪڏهن خداوند ئي خدا آهي تہ اُنهيءَ جي پٺيان لڳو: پر جيڪڏهن بعل آهي تہ اُنهيءَ جي پٺيان لڳو. ۽ ماڻهن ورنديءَ ۾ هڪڙو لفظ بہ نہ ڳالهايو.


ڏسين ٿو تہ ڪيئن اخي آب منهنجي اڳيان پاڻ کي عاجز ٿو ڪري؟ ۽ ڇالاءِ تہ هو منهنجي اڳيان پاڻ کي عاجز ٿو ڪري تنهنڪري آءٌ هن جي ڏينهن ۾ خرابي نہ آڻيندس: پر سندس پٽ جي ڏينهن ۾ سندس گهراڻي تي مصيبت آڻيندس.


تنهنجي دل نرم هئي، ۽ هن هنڌ بابت، ۽ اُتي جي رهندڙن بابت، مون جو چيو هو تہ اُهو ويران ٿيندو ۽ اُهي لعنتي ٿيندا، سو جڏهن تو ٻڌو تڏهن تو خداوند جي اڳيان نيزاري ڪئي، ۽ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا اٿيئي، ۽ منهنجي اڳيان رنو اٿيئي؛ تنهنڪري خداوند ٿو فرمائي تہ مون بہ تنهنجي دانهن ٻڌي آهي.


۽ جڏهن هو اهڙي مصيبت ۾ پيو، تڏهن خداوند پنهنجي خدا کان دعا گهرڻ لڳو، ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي اڳيان پاڻ کي نماڻو ڪيائين.


هن جي دعا ۽ سندس قبول ٿيڻ؛ ۽ انهيءَ کان اڳي تہ هو نماڻو ٿيو، هن جا گناهہ، ۽ هن جا سڀ قصور، ۽ جن هنڌن تي هن مٿانهيون جايون جوڙايون، ۽ يسيرتون، ۽ اُڪريل مورتون کڙيون ڪيائين، سي حوزيءَ جي تواريخ ۾ لکيل آهن.


تنهن جي نسبت ۾ ڇالاءِ جو تنهنجي دل نرم هئي، ۽ تو هن هنڌ جي برخلاف ۽ اتي جي رهندڙن جي برخلاف سندس ڪلام ٻڌو، ۽ تو پاڻ کي نماڻو ڪيو ۽ منهنجي اڳيان عاجزي ڪئي اٿيئي، ۽ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا اٿيئي، ۽ منهنجي اڳيان رُنو اٿيئي؛ تنهنڪري خداوند ٿو فرمائي تہ مون بہ تنهنجي ٻڌي آهي.


۽ منهنجي قوم جا منهنجي نالي پٺيان ٿي سڏجي، سا جيڪڏهن عاجزيءَ سان دعا گهرندي، ۽ منهنجي منهن جي طلب رکندي، ۽ پنهنجي شرارت جي رستن کان موٽندي، تہ آءٌ آسمان مان ٻڌندس، ۽ انهن جو گناهہ معاف ڪندس، ۽ انهن جي زمين کي شفا بخشيندس.


جنهن ڪري آءٌ پاڻ کي ڌڪاريان ٿو، ۽ مٽيءَ ۽ رک ۾ پڇتايان ٿو.


پر جيڪڏهن تون منهنجي اُمت کي وڃڻ نہ ڏيندين، تہ ڏس، سڀاڻي آءٌ تنهنجي ملڪ ۾ مڪڙ موڪليندس،


تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو تہ ڪيستائين اوهين منهنجن حڪمن ۽ منهنجي شريعت کي مڃڻ کان انڪار ڪندا؟


سو آءٌ توکي چوان ٿو تہ منهنجي پٽ کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري؛ ۽ جي تون هن کي موڪل نہ ڏيندين، تہ آءٌ تنهنجو پٽ، تنهنجو پهريتو پٽ ماري وجهندس.


تنهن کان پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽ آيا، ۽ چيائونس تہ خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ منهنجيءَ اُمت کي ڇڏ، تہ بيابان ۾ وڃي منهنجي لاءِ عيد ڪن.


تون اڃا بہ پاڻ کي منهنجيءَ اُمت کان مٿي ٿو سمجهين ڇا، جو هنن کي وڃڻ نٿو ڏين؟


اي ڀورڙا، ڪيستائين اوهين ڀورڙائيءَ کي پيار ڪندا؟ ۽ ڪيستائين ٺٺولي ڪندڙن کي ٺٺولي ڪرڻ ۾ خوشي حاصل ٿيندي، ۽ بي عقل علم کي ڌڪاريندا؟


ڇالاءِ جو مون سڏيو آهي، ۽ اوهان انڪار ڪيو آهي؛ مون پنهنجو هٿ ڊگهيريو ۽ ڪنهن بہ ماڻهوءَ ڌيان ڪونہ ڏنو؛


ناس ٿيڻ کان اڳي ماڻهوءَ جي دل مغرور ٿي ٿئي، پر عزت جي اڳيان نماڻائي هلي ٿي.


ڇالاءِ اڃا بہ اوهين مار کائيندا، جو وڃو وڌيڪ فساد ڪندا؟ سارو مٿو بيمار آهي ۽ سڄي دل ماندي آهي.


انسان جي مٿانهين نظر هيٺ آندي ويندي، ۽ ماڻهن جي وڏائي هيٺ جهڪائي ويندي، ۽ رڳو خداوند ئي انهيءَ ڏينهن مٿانهون ٿيندو.


اها خراب قوم، جا منهنجن ڳالهين ٻڌڻ کان انڪار ٿي ڪري، ۽ جا پنهنجي دل جي نٺرائي سان هلي ٿي، ۽ ٻين معبودن جي بندگي ڪرڻ لاءِ انهن جي پٺيان ٿي وڃي، ۽ اُنهن کي سجدو ٿي ڪري، سا بہ انهي ڪمربند جهڙي ٿيندي، جو ڪنهن بہ ڪم جو ناهي.


تون بادشاهہ کي ۽ ملڪہ والدہ کي چئُہ، تہ اوهين پاڻ کي نماڻو ڪريو ۽ هيٺ لهي ويهو. ڇالاءِ جو اوهان جي مٿي جا ڇٽ، يعني اوهان جي وڏائيءَ جو تاج، هيٺ لهي آيو آهي.


ڪماندارن کي بابل سان وڙهڻ لاءِ سڏي گڏ ڪريو، انهن سڀني کي جي ڪمان ڪشيندا آهن؛ انهن جي چوڌاري منزل ڪري بيهي وڃو؛ انهن جو ڪوبہ ماڻهو ڀڄي نڪرڻ نہ ڏيو: سندن ڪمن موافق کين بدلو ڏيو؛ جيئن پاڻ ڪيو اٿس، تيئن ساڻس ڪريو: ڇالاءِ جو هن خداوند سان سينو ساهيو آهي، يعني اسرائيل جي پاڪ خدا سان.


۽ انهي منهنجي حڪمن جي برخلاف بغاوت ڪئي آهي، جو ٻين قومن کان وڌيڪ شرارت ڪئي اٿس، ۽ منهنجن قانونن جي، پنهنجي آس پاس وارن ملڪن کان وڌيڪ انحرافي ڪئي اٿس: ڇالاءِ جو هنن منهنجا حڪم رد ڪري ڇڏيا آهن ۽ هو منهنجن قانونن تي ڪين هليا آهن.


پر اي بيلشضر، تو سندس پٽ، پنهنجي دل کي نماڻو نہ ڪيو آهي، جيتوڻيڪ انهي سڄي احوال جي توکي خبر هئي؛


هيءَ خراب جماعت، جا مون بابت ڪرڪر پيئي ڪري، تنهن سان آءٌ ڪيستائين صبر ڪندس؟ بني اسرائيل منهنجي برخلاف جيڪا ڪرڪر پيا ڪن، سا مون ٻڌي آهي؛


يا تون سندس ڀلائي ۽ تحمل، ۽ صبر جي نعمتن کي حقير ٿو ليکين ڇا، ۽ ايترو نٿو سمجهين تہ خدا جي ڀلائي توکي توبهہ ڏانهن مائل ٿي ڪري؟


خبردار متان اُنهي کان انڪار ڪريو جو ڳالهائي ٿو. ڇالاءِ جو جڏهن اُهي ماڻهو جن زمين تي هدايت ڪرڻ وارن کان انڪار ڪيو، سي بچي نہ سگهيا، تڏهن اسين آسمان مان هدايت ڪرڻ واري کان منهن موڙي ڪيئن بچي سگهنداسين.


خداوند جي حضور ۾ پاڻ کي نماڻو ڪريو تہ هو اوهان کي سرفراز ڪندو.


تنهنڪري خدا جي قدرت واري هٿ هيٺ پاڻ کي نماڻو ڪريو، تہ مناسب وقت تي هو اوهان کي سرفراز ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ