Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 10:2 - Sindhi Bible

2 تہ تون پنهنجي پٽ ۽ پوٽي کي ٻڌاءِ تہ مون مصر ۾ ڪهڙا ڪم ڪيا آهن، ۽ اُتي جي ماڻهن کي ڪهڙيون نشانيون ڏيکاريون اٿم: انهيءَ لاءِ تہ اوهان کي خبر پوي تہ آءٌ خداوند آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 هن ڪري بہ تہ تون پنهنجي پٽ ۽ پوٽي کي ٻڌائي سگھين تہ مون مصر ۾ ڪهڙا نہ ڪم ڪيا ۽ اتي جي ماڻهن کي ڪهڙا معجزا ڏيکاريا اٿم، انهيءَ لاءِ تہ اوهان سڀني کي خبر پوي تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 10:2
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري اي خداوند خدا، تون وڏو آهين: ڇالاءِ جو ٻيو ڪوبہ تو جهڙو ڪونهي، ۽ نہ جيڪي اسان پنهنجن ڪنن سان ٻڌو آهي، ان موجب توکان سواءِ ٻيو ڪو خدا آهي.


اي خدا اسان پنهنجن ڪنن سان ٻڌو آهي ۽ اسان جي ابن ڏاڏن اسان کي ٻڌايو آهي، تہ سندن ڏينهن ۾، ۽ قديم زماني ۾ تو ڪهڙا ڪهڙا ڪم ڪيا آهن.


تو پنهنجي هٿ سان ڌارين قومن کي هڪالي ڪڍيو ۽ کين آباد ڪيو؛ تو قومن کي تباهہ ڪيو، ۽ انهن کي پکيڙي ڇڏيو.


تڏهن ماڻهو چوندا تہ سچ پچ راستباز جي واسطي اجر آهي: بيشڪ اهو خدا آهي جو زمين تي انصاف ٿو ڪري.


جڏهن آءٌ ٻڍو ۽ اچي مٿي وارو ٿيان، تڏهن بہ تون مون کي ڇڏي نہ ڏج؛ جيسين ڪ آءٌ ٻي پيڙهيءَ کي تنهنجي قدرت، ۽ جيڪي انهن کان پوءِ ايندا تن کي تنهنجي طاقت جي بابت نہ ٻڌايان.


اسان اهي ڳالهيون ٻڌيون آهن ۽ انهي جي خبر اٿئون، ۽ اسان جي ابن ڏاڏن اسان کي اُهي ٻڌايون.


۽ جڏهن ڪنهن ايندڙ وقت ۾ تنهنجو پٽ توکان پڇي ۽ چوي تہ هن جي معنيٰ ڇا آهي؟ تڏهن تون هن کي چئج تہ خداوند اسان کي زور واري هٿ سان مصر مان ڪڍي ٻاهر آندو ۽ غلاميءَ جي گهر مان ڪڍيائين.


جڏهن آءٌ فرعون تي ۽ سندس گهوڙي سوارن تي غالب پوندس، تڏهن فرعون کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان.


۽ آءٌ فرعون جي دل کي سخت ڪندس ۽ هو انهن جي پٺيان پوندو، ۽ آءٌ فرعون ۽ سندس ساري لشڪر تي غالب پوندس؛ ۽ مصرين کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان. سو هنن ائين ئي ڪيو.


پر هاڻي خداوند چوي ٿو تہ هن مان توکي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان: ڏس، هيءَ لٺ، جا منهنجي هٿ ۾ آهي، سا آءٌ پاڻيءَ تي هڻندس تہ درياهہ جو سمورو پاڻي بدلجي رت ٿي پوندو.


جڏهن آءٌ پنهنجو هٿ مصر جي ملڪ تي ڊگهيريندس، ۽ بني اسرائيل کي سندن وچ مان ڪڍي ايندس، تڏهن مصرين کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان.


تڏهن هارون پنهنجو هٿ مصر جي پاڻين تي ڊگهيريو، تہ ڏيڏر ڪاهي آيا، ۽ مصر جو سارو ملڪ ڀري ڇڏيائون.


جيئرا، هائو جيئرا ئي تنهنجي تعريف ڪندا، جيئن آءٌ اڄ ڪري رهيو آهيان: پيءُ پنهنجي اولاد کي تنهنجي سچائيءَ جي خبر ڏيندو.


۽ مون هنن کي خود سندن نذرانن ۾ ناپاڪ ڪيو؛ جنهن صورت ۾ هنن جا سڀ پهريان ڄاول باهہ مان ٿي لنگهايا، تہ آءٌ هنن کي سُڃو سکڻو ڪريان، انهي لاءِ تہ هو ڄاڻن تہ آءٌ خداوند آهيان.


ڇالاءِ جو جڏهن مون هنن کي انهي زمين ۾ آندو هو جنهن جي کين ڏيڻ لاءِ مون قسم کنيو، تڏهن هنن سڀ ڪنهن مٿانهين ٽڪريءَ ۽ سڀ ڪنهن ٿلهي وڻ ڏانهن نگاهہ ڪئي، ۽ اُتي پنهنجون قربانيون چاڙهيائون، ۽ اُتي پنهنجو ڪاوڙ ڏيارڻ جهڙو نذرانو پيش ڪيائون؛ ۽ اُتي پنهنجون خوشبودار شيون رکيائون ۽ پيئڻ واريون قربانيون بہ اوتيائون.


اوهين اُها پنهنجي اولاد کي ٻڌايو ۽ اوهان جا ٻار وري ٻيءَ پيڙهيءَ کي ٻڌائين.


اي پيئرو، اوهين پنهنجن ٻارن کي چڙ ڏياري نہ ڪاوڙايو، بلڪ کين خداوند جي تعليم ۽ تربيت ڏيئي سندن پرورش ڪريو.


رڳو تون پنهنجي سنڀال ڪري، خبرداريءَ سان پنهنجي روح جي حفاظت ڪر، تہ متان اهي ڳالهيون جي تو پنهنجين اکين سان ڏٺيون آهن سي وساري ڇڏين، ۽ متان تنهنجي ساريءَ ڄمار ۾ اهي تنهنجيءَ دل تان لهي وڃن؛ پر تون اهي پنهنجي اولاد کي، ۽ اولاد جي اولاد کي سيکاري ڇڏج؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ