18 تڏهن موسيٰ فرعون وٽان نڪري آيو، ۽ خداوند کان دعا گهريائين.
18 تڏهن موسيٰ فرعون وٽان نڪري آيو ۽ اچي خداوند کان دعا گھريائين.
۽ خداوند الهندي جو واءُ آندو، جنهن مڪڙن کي ڌڪي کڻي ڳاڙهي سمنڊ ۾ وڌو، ۽ مصر جي ساري ملڪ ۾ هڪڙو مڪڙ بہ ڪونہ رهيو.
پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽان هليا ويا، ۽ جيڪي ڏيڏر خداوند فرعون تي موڪليا هئا، تن بابت موسيٰ کانئس دعا گهري.
تڏهن فرعون موسيٰ ۽ هارون کي گهرائي چيو تہ اوهين خداوند کي عرض ڪريو تہ هي ڏيڏر مون تان، ۽ منهنجن ماڻهن تان دفع ڪري، ۽ آءٌ انهن ماڻهن کي ڇڏيندس تہ وڃي خداوند جي لاءِ قرباني چاڙهين.
تڏهن موسيٰ فرعون کي چيو تہ ڀلي تون مون تي اهو فخر ڪر، ڪهڙي وقت لاءِ آءٌ تنهنجيءَ رعيت جي واسطي دعا گهران، تہ هي ڏيڏر تو تان ۽ تنهنجي گهرن تان دفع ٿين، ۽ رڳو ندين ۾ وڃي رهن؟
تڏهن ماڻهن موسيٰ وٽ اچي دانهون ڪيون، ۽ موسيٰ خداوند کان دعا گهري، ۽ باهہ وسامي ويئي.
پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجن دشمنن کي پيار ڪريو، ۽ جيڪي اوهان کي ستائين، تن جي لاءِ دعا گهرو؛
جيڪي اوهان کي پِٽين، تن جو خير گهرو، ۽ جيڪي اوهان سان جُٺيون ڪن، تن لاءِ دعا گهرو.