Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 10:16 - Sindhi Bible

16 تڏهن فرعون جلدي موسيٰ ۽ هارون کي گهرايو، ۽ کين چيائين تہ آءٌ خداوند اوهان جي خدا جو، ۽ اوهان جو گنهگار آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 تڏهن فرعون جلدي موسيٰ ۽ هارون کي گھرائي چيو تہ ”بيشڪ آءٌ خداوند اوهان جي خدا جو ۽ اوهان جو ڏوهاري آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 10:16
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو تنهنجو ٻانهو ڄاڻي ٿو تہ مون گناهہ ڪيو آهي: تنهنڪري ڏس اڄ آءٌ، يوسف جي ساري خاندان مان سڀ کان اول پنهنجي ڌڻي بادشاهہ جي استقبال لاءِ آيو آهيان.


ماڻهن جي شمار ڪرڻ کان پوءِ دائود پشيمان ٿيڻ لڳو. ۽ دائود خداوند کي چيو تہ جيڪي مون ڪيو آهي تنهن ۾ مون وڏو گناهہ ڪيو آهي: پر هاڻي، اي خداوند، آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ تون پنهنجي ٻانهي جو گناهہ معاف ڪر؛ ڇالاءِ جو مون ڏاڍو بي عقليءَ جو ڪم ڪيو آهي.


۽ جڏهن دائود ماڻهن کي مارڻ واري ملائڪ کي ڏٺو، تڏهن خداوند کي چيائين تہ ڏس، مون گناهہ ڪيو آهي ۽ ڏنگي هلت هليو آهيان: پر هنن رڍن ڇا ڪيو آهي؟ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ تنهنجو هٿ منهنجي، ۽ منهنجي پيءُ جي گهراڻي جي برخلاف ٿئي.


تڏهن فرعون موسيٰ ۽ هارون کي گهرائي چيو تہ اوهين وڃي هن ئي ملڪ ۾ پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني چاڙهيو.


تڏهن فرعون موسيٰ ۽ هارون کي گهرائي چيو تہ اوهين خداوند کي عرض ڪريو تہ هي ڏيڏر مون تان، ۽ منهنجن ماڻهن تان دفع ڪري، ۽ آءٌ انهن ماڻهن کي ڇڏيندس تہ وڃي خداوند جي لاءِ قرباني چاڙهين.


تڏهن فرعون ماڻهو موڪلي موسيٰ ۽ هارون کي گهرايو، ۽ چيائين تہ هن ڀيري مون برابر گناهہ ڪيو آهي؛ خداوند راستباز آهي، ۽ آءٌ ۽ منهنجا ماڻهو گنهگار آهيون.


جيڪو پنهنجا قصور لڪائي ٿو سو سکيو نہ گذاريندو، پر جيڪو اُهي قبول ڪندو ۽ ڇڏيندو تنهن کي رحم حاصل ٿيندو.


تڏهن ماڻهن موسيٰ وٽ اچي چيو، تہ اسان گناهہ ڪيو آهي، ڇالاءِ جو اسان خداوند جي، ۽ تنهنجي برخلاف ڳالهايو آهي؛ هاڻي تون خداوند کان دعا گهر تہ هو اسان جي وچ مان نانگ ڪڍي، ۽ موسيٰ ماڻهن جي لاءِ دعا گهري.


تڏهن بلعام خداوند جي فرشتي کي چيو، تہ مون گناهہ ڪيو آهي؛ ڇالاءِ جو مون کي خبر ڪانہ هئي تہ تون منهنجيءَ مخالفت ۾ رستي تي بيٺو آهين: سو هاڻي، جيڪڏهن تون خوش نہ هجين تہ آءٌ موٽي ويندس.


۽ چوڻ لڳو، تہ مون گناهہ ڪيو آهي، جو بي ڏوهيءَ کي جهلايو اٿم. پر هنن چيس تہ انهي ۾ اسان جو ڇا؟ تون ڄاڻ، تنهنجو ڪم ڄاڻي.


۽ سائول سموئيل کي چيو تہ مون گناهہ ڪيو آهي: ڇالاءِ جو مون خداوند جي حڪم کان، ۽ تنهنجي چوڻ کان ٻاهر وک وڌي آهي: ڇالاءِ جو آءٌ ماڻهن کان ڊنس، ۽ انهن جي ڳالهہ مڃيم.


تڏهن هن چيو تہ مون گناهہ ڪيو آهي: انهي هوندي بہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجي قوم جي بزرگن جي اڳيان، ۽ اسرائيل جي اڳيان، منهنجي آبرو رک؛ ۽ مون سان گڏجي موٽي هل تہ آءٌ خداوند، تنهنجي خدا کي سجدو ڪريان.


تڏهن سائول چيو تہ مون گناهہ ڪيو آهي: اي منهنجا پٽ دائود، تون موٽي اچ: ڇالاءِ جو آءٌ توکي اڳتي نقصان ڪونہ رسائيندس، جو اڄ منهنجي حياتي تنهنجي نظر ۾ قيمتي هئي: ڏس، مون بيوَقوفي ڪئي آهي، ۽ ڏاڍي غلطي ڪئي اٿم.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ