Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 10:13 - Sindhi Bible

13 تڏهن موسيٰ پنهنجي لٺ مصر جي ملڪ جي مٿان ڊگهيري، ۽ اهو سارو ڏينهن ۽ ساري رات اڀرندي جو واءُ لڳو؛ ۽ جڏهن صبح ٿيو تڏهن انهيءَ اڀرندي جي واءُ ۾ مڪڙ آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 تڏهن موسيٰ پنهنجي لٺ مصر ملڪ جي مٿان ڊگھيري تہ خداوند اهو سڄو ڏينهن ۽ سڄي رات اوڀر جو واءُ گھلايو. جڏهن صبح ٿيو تہ انهيءَ اوڀر جي واءُ پاڻ سان ماڪڙ آندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 10:13
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ڏسو، هنن کان پوءِ ٻيا ست سنگ سنهڙا ۽ لڪ جا ساڙيل نڪتا.


هن فرمايو تہ بيشمار مڪڙ ۽ سوٻٽ اچي پيا.


باهہ ۽ ڳڙا، برف ۽ بخارا؛ ۽ واچوڙا جي هن جي ڪلام تي عمل ٿا ڪريو؛


هن آسمان ۾ اُڀرندي جو واءُ موڪليو: ۽ پنهنجي قدرت سان ڏکڻ کان هوا لڳايائين.


هن انهن جي زمين جي پيدائش سوٻٽن کي ڏني، ۽ سندن محنت جو ڦل مڪڙن کي ڏيئي ڇڏيائين.


۽ موسيٰ پنهنجو هٿ سمنڊ تي ڊگهيريو تہ خداوند ساري رات اڀرندي جو واءُ لڳايو، ۽ سمنڊ کي هٽائي سڪائي ڇڏيائين، ۽ پاڻي وچ مان چيرجي پيو.


مڪڙن کي بادشاهہ ڪونهي، تہ بہ هو سڀ ٽوليون ٽوليون ٿي ٻاهر نڪرن ٿا.


پر خداوند سمنڊ تي هڪڙو وڏو واءُ موڪليو ۽ ڏاڍو طوفان اچي لڳو، جنهن جي ڪري جهاز جي ڀڄي پوڻ جو امڪان هو.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن سج اُڀريو، تڏهن خدا اُڀرندي جو گرم واءُ تيار ڪيو، ۽ يوناہ کي اهڙي اُس لڳي جو هو ماندو ٿي ويو، ۽ پنهنجي لاءِ عرض ڪيائين، تہ مري، ۽ چيائين تہ منهنجي لاءِ جيئڻ کان مرڻ بهتر آهي.


۽ ماڻهن کي عجب لڳي ويو، ۽ چوڻ لڳا تہ هي ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي جو واءُ ۽ سمنڊ بہ سندس حڪم ٿا مڃين؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ