Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 1:20 - Sindhi Bible

20 انهيءَ ڪري خدا داين سان ڀلائي ڪئي؛ ۽ اهي ماڻهو وڌندا ۽ زور وارا ٿيندا ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20-21 انهيءَ ڳالهہ جي ڪري خدا داين سان ڀلائي ڪئي ۽ سندن گھر آباد ڪيا، جو اهي خدا کان ڊنيون هيون. سو ائين بني اسرائيل جي قوم وڌندي ۽ تمام گھڻي ٿيندي رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 1:20
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇو تہ جيئن آسمان زمين کان گهڻو مٿي آهي، تيئن هن جو رحم انهن تي ججهو ئي آهي جي کانئس ڊڄن ٿا.


جيڪي کانئس ڊڄن ٿا تن کي هو کاڌو ٿو ڏئي: هو پنهنجي عهد کي هميشہ ياد رکندو.


جيڪي کانئس ڊڄن ٿا هو انهن جي مراد پوري ڪندو؛ ۽ انهن جي دعا ٻڌي کين بچائيندو.


ڇو تہ اي خدا تو منهنجون مڃتائون ٻڌيون آهن: ۽ جيڪي تنهنجي نالي کان ڊڄن ٿا تن جهڙي ميراث مون کي ڏني اٿيئي.


يقيناً جيڪي هن کان ڊڄن ٿا، تن کي نجات ويجهي آهي؛ تہ اسان جي ملڪ ۾ جلال قائم رهي.


پر جيئن جيئن هو کين وڌيڪ تڪليف ڏيڻ لڳا، تيئن تيئن اهي وڌندا ۽ پکڙجندا ويا. ۽ مصري بني اسرائيل جي ڪري ڏاڍا رنج ٿيڻ لڳا.


تنهن تي داين فرعون کي چيو تہ عبراني زالون، مصري زالن جهڙيون نہ آهن، هو همت واريون آهن، ۽ داين جي اچڻ کان اڳ ۾ ئي ويم ڪيو ڇڏين.


پر اسرائيل جو اولاد ڦلدار ٿيندو، ۽ گهڻو وڌندو ويو؛ ۽ نهايت طاقت وارو ٿيو؛ ۽ اهو ملڪ ساڻن ڀرجي ويو.


شرير ماڻهو ٺڳيءَ جي ڪمائي ڪمائي ٿو: پر جيڪو سچائي پوکي ٿو تنهن کي سچو انعام ملي ٿو.


جنهن کي مسڪين تي رحم ٿو اچي سو خداوند کي اُڌارو ٿو ڏئي، ۽ انهيءَ جي چڱي ڪم جو بدلو هو کيس پاڻيهي وري ڏيندو.


جيتوڻيڪ ڪو گنهگار هڪ سؤ ڀيرا خراب ڪم ڪندو، ۽ هن جي عمر وڏي ٿيندي، تہ بہ يقيناً آءٌ ڄاڻان ٿو تہ جيڪي خدا کان ڊڄن ٿا، ۽ سندس اڳيان خوف رکن ٿا، تن جو ڀلو ٿيندو:


اوهين سچن بابت چئو تہ هنن سان ڀلائي ٿيندي؛ ڇالاءِ جو کين پنهنجو بدلو ملندو.


آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو هنن ننڍڙن منجهان هڪڙي کي منهنجو شاگرد ڄاڻي رڳو ٿڌي پاڻيءَ جو پيالو پياريندو، سو ڪنهن بہ طرح پنهنجو اجر نہ وڃائيندو.


۽ بادشاهہ ورندي ڏيئي چوندن تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جڏهن اوهان منهنجن هنن ڀائرن مان سڀ کان ننڍي سان ائين ڪيو، تہ مون سان ائين ڪيو.


۽ سندس ٻاجهہ پيڙهيءَ بہ پيڙهيءَ اُنهن تي آهي، جي کانئس ڊڄن ٿا.


ڇالاءِ جو خدا اهڙو بي انصاف ناهي جو اوهان جو اُهو پورهيو، ۽ اوهان جي اُها محبت وساري ڇڏي، جا اوهان سندس نالي تي اهڙيءَ طرح ڏيکاري، جو پاڪ ٿيلن جي خدمت ڪئي اٿوَ ۽ اڃا تائين پيا ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ