Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 1:14 - Sindhi Bible

14 ۽ انهن کان گاري ۽ سرن جو ڪم، ۽ سڀ ڪنهن قسم جي پوک جو ڪم، سخت محنت سان ڪرائي، کين سندن حياتيءَ کان بيزار ڪري ڇڏيائون: جيڪو بہ پورهيو انهن کان ڪرايائون ٿي، سو تمام سختيءَ سان ٿي ڪرايائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 انهن کان گاري ۽ سرن ٺهرائڻ جو ڪم ۽ پنهنجين ٻنين ۾ هر قسم جو ڪم سخت محنت سان ڪرائي، کين سندن حياتيءَ کان بيزار ڪري ڇڏيائون. انهن کان جيڪو بہ پورهيو ٿي ڪرايائون سو سخت ظلم سان ٿي ڪرايائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 1:14
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هن ابرام کي چيو تہ اها پڪ ڄاڻ تہ تنهنجو اولاد اهڙي ملڪ ۾ پرديسي ٿيندو جو سندن نہ آهي، ۽ اتي جي ماڻهن جي غلامي ڪندو، ۽ اهي چئن صدين تائين کين تڪليف ڏيندا.


۽ جوان ماڻهن جي صلاح پٺيان هنن کي چيائين تہ منهنجي پيءُ اوهان جي پاڃاري ڳري ڪئي هئي، پر آءٌ پاڻ انهيءَ کان بہ ڳري ڪندس: منهنجي پيءُ اوهان کي چهبڪن سان سزا ٿي ڏني، پر آءٌ اوهان کي وڇن سان سزا ڏيندس.


هاڻي اسرائيل هيئن چوي، تہ انهن مون کي ننڍي هوندي کان وٺي ڪيترائي ڀيرا ڏک ڏنا آهن؛


جڏهن اوهين رڍن جي واڙي ۾ ليٽي آرام ڪندا، تڏهن ڪبوتر وانگي ٿيندا، جنهن جا پر چانديءَ وانگر، ۽ جنهن جا کنڀ پيلي سون وانگر ڍڪيل آهن.


مون سندس ڪلهن تان بار لاٿو: ۽ هن جا هٿ کارين کڻڻ کان ڇُٽا.


سو هنن کين پيڙڻ لاءِ مٿن مقدم مقرر ڪيا تہ انهن کي بيگر ۾ وهائين؛ ۽ انهن فرعون جي لاءِ انبار جا شهر، پتوم ۽ رعمسيس اڏايا.


تڏهن هو بني اسرائيلين کان سخت پورهيو ڪرائڻ لڳا:


پوءِ مصر جي بادشاهہ عبراني داين کي پاڻ وٽ سڏايو، جن مان هڪڙيءَ جو نالو سفرہ ۽ ٻيءَ جو فوعہ هو؛


۽ ڳچ ڏينهن گذرڻ کان پوءِ هيئن ٿيو جو مصر جو بادشاهہ مري ويو، ۽ بني اسرائيل غلاميءَ جي ڪري آهون ڀرڻ ۽ روئڻ لڳا، ۽ هنن جو روئڻ، جو غلاميءَ جي مصيبت ڪري هو، سو خدا تائين پهتو.


آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان، جنهن توکي مصر جي ملڪ، ۽ غلاميءَ جي گهر مان ڪڍي ٻاهر آندو آهي.


پوءِ موسيٰ اهي سڀ ڳالهيون بني اسرائيل کي ٻڌايون، پر انهن دل جي ڏک ۽ غلاميءَ جي ظلم ڪري موسيٰ جي ڳالهہ نہ مڃي.


جيئن گجندڙ شينهن ۽ گهمندڙ رڇ، تيئن اُهو شرير ماڻهو جو غريبن تي حاڪم آهي.


تنهن ڪري خداوند، لشڪرن جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اي منهنجي قوم، اوهين جي صيون ۾ ٿا رهو، سي اسور کان ڊڄو: جيتوڻيڪ هو اوهان کي جيئن مصر ۾ دستور هو لڪڻ سان ماريندو ۽ اوهان تي لٺ کڻندو.


جي ڪاوڙ ۾ غريبن کي پيا ڌڪ هڻندا هئا، جي غصي ۾ قومن تي حڪومت ڪندا هئا، ۽ اهڙا ظلم ڪندا هئا جو ڪوبہ روڪي نہ سگهندو هون.


آءٌ اهو انهن جي هٿ ۾ ڏيندس، جي توکي ڏکوئين ٿا؛ جن تنهنجي روح کي چيو آهي تہ جهڪ تہ اسين تنهنجي مٿان لنگهي وڃون: تو پنهنجي پٺي زمين وانگي، ۽ انهن جي لنگهڻ لاءِ گهٽيءَ وانگي وڇائي آهي.


تنهن ڪري هاڻي خداوند فرمائي ٿو، تہ جڏهن منهنجي اُمت کي مفت ۾ وٺي ويا آهن، تڏهن آءٌ هتي ڇا ڪريان؟ خداوند فرمائي ٿو تہ انهن جا حاڪم واڪا ٿا ڪن، ۽ سارو ڏينهن منهنجي نالي تي ڪفر ٿا بڪن.


جيڪو روزو مون کي پسند آهي سو هي ناهي ڇا تہ شرارت جا بند کولجن، يا پاڃاريءَ جا رسا ڇوڙجن، مظلومن کي آزاد ڪجي، ۽ هرڪا پاڃاري ڀڃي ڇڏجي؟


تون انهي تي سختيءَ سان حڪم نہ هلائج؛ پر پنهنجي خدا کان ڊڄندو رهج.


۽ اوهين انهن کي پاڻ کان پوءِ پنهنجن ٻارن جي لاءِ ورثو ڪري ڇڏجو، تہ انهن جي ملڪيت ٿين؛ اوهين انهن مان هميشہ جي لاءِ غلام رکي سگهندا: پر پنهنجن ڀائرن، يعني بني اسرائيل ۾، اوهين هڪٻئي تي سختيءَ سان حڪم نہ هلائجو.


هو نوڪر وانگي هر ڪنهن سال جي حساب موجب هن وٽ رهندو اچي؛ هو انهيءَ تي اهڙي طرح حڪم نہ هلائي، جو تنهنجي نظر ۾ سختي هجي.


جي منهنجي اُمت جو گوشت ٿا کائو ۽ هنن جي کل لاهي ٿا وٺو ۽ هنن جا هڏا ڀڃي ٿا ڇڏيو: هائو، بلڪ هنن کي وڍي ٽڪر ٽڪر ٿا ڪريو، جيئن رڌڻ جي ٿانوَ لاءِ ڪبو آهي، ۽ ديڳ ۾ گوشت ٿيندو آهي.


حملي جي وقت لاءِ پاڻي گڏ ڪر، ۽ پنهنجا قلعا مضبوط ڪر: مٽي لتاڙي گارو ٺاهہ ۽ سرن لاءِ کوُرو مضبوط ڪر.


تہ ڪهڙيءَ طرح اسان جا ابا ڏاڏا مصر ۾ ويا، ۽ اسين گهڻيءَ مدت تائين مصر ۾ رهياسين؛ ۽ مصرين اسان سان، ۽ اسان جي ابن ڏاڏن سان خراب هلت ڪئي:


تنهن اسان جي قوم سان ڊوهہ ڪري، اسان جي ابن ڏاڏن سان اهڙي بري هلت ڪئي، جو هنن کي پنهنجا ٻار ٻاهر اُڇلائي ڇڏڻا پيا، تہ جيئرا نہ رهن.


تحقيق جيڪا منهنجي اُمت مصر ۾ آهي، تنهن جي مصيبت ڏٺي اٿم، ۽ سنديس آهہ ٻُڌي اٿم، ۽ کيس ڇڏائڻ لاءِ لهي آيو آهيان: ۽ هاڻي اچ، آئون توکي مصر ۾ موڪليندس.


۽ مصرين اسان سان خراب هلت ڪئي، ۽ اسان کي ڏک ڏنائون، ۽ اسان کان سخت غلامي ڪرايائون:


پر خداوند اوهان کي لوهہ جي کوري مان، يعني مصر مان ڪڍي ٻاهر آندو؛ انهي لاءِ تہ اوهين هن جي ميراث واري اُمت ٿيو، جيئن اڄ آهيو.


۽ هن چين تہ مون کي نعومي نہ ڪوٺيو، مون کي مارہ ڪوٺيو: ڇالاءِ جو قادر مطلق مون سان ڏاڍي ڪَرڙي هلت ڪئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ