13 تڏهن هو بني اسرائيلين کان سخت پورهيو ڪرائڻ لڳا:
13 تڏهن هو بني اسرائيل کان سخت پورهيو ڪرائڻ لڳا.
پوءِ هن ابرام کي چيو تہ اها پڪ ڄاڻ تہ تنهنجو اولاد اهڙي ملڪ ۾ پرديسي ٿيندو جو سندن نہ آهي، ۽ اتي جي ماڻهن جي غلامي ڪندو، ۽ اهي چئن صدين تائين کين تڪليف ڏيندا.
۽ جوان ماڻهن جي صلاح پٺيان هنن کي چيائين تہ منهنجي پيءُ اوهان جي پاڃاري ڳري ڪئي هئي، پر آءٌ پاڻ انهيءَ کان بہ ڳري ڪندس: منهنجي پيءُ اوهان کي چهبڪن سان سزا ٿي ڏني، پر آءٌ اوهان کي وڇن سان سزا ڏيندس.
۽ هاڻي جڏهن منهنجي پيءُ اوهان تي ڳري پاڃاري رکي، تڏهن آءٌ اوهان جي پاڃاري اڃا بہ ڳري ڪندس: منهنجو پيءُ اوهان کي چهبڪن سان سزا ڏيندو هو، آءٌ اوهان کي وڇن سان سزا ڏيندس.
هن انهن جي دلين کي ڦيرايو جنهن ڪري اهي هن جي اُمت سان دشمني ڪرڻ لڳا، ۽ سندس بندن سان دغابازي ڪرڻ لڳا.
۽ انهن کان گاري ۽ سرن جو ڪم، ۽ سڀ ڪنهن قسم جي پوک جو ڪم، سخت محنت سان ڪرائي، کين سندن حياتيءَ کان بيزار ڪري ڇڏيائون: جيڪو بہ پورهيو انهن کان ڪرايائون ٿي، سو تمام سختيءَ سان ٿي ڪرايائون.
جيئن گجندڙ شينهن ۽ گهمندڙ رڇ، تيئن اُهو شرير ماڻهو جو غريبن تي حاڪم آهي.
تون انهي تي سختيءَ سان حڪم نہ هلائج؛ پر پنهنجي خدا کان ڊڄندو رهج.
پر خداوند اوهان کي لوهہ جي کوري مان، يعني مصر مان ڪڍي ٻاهر آندو؛ انهي لاءِ تہ اوهين هن جي ميراث واري اُمت ٿيو، جيئن اڄ آهيو.