Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 1:12 - Sindhi Bible

12 پر جيئن جيئن هو کين وڌيڪ تڪليف ڏيڻ لڳا، تيئن تيئن اهي وڌندا ۽ پکڙجندا ويا. ۽ مصري بني اسرائيل جي ڪري ڏاڍا رنج ٿيڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 پر جيئن جيئن مصري کين وڌيڪ تڪليفون ڏيڻ لڳا، تيئن تيئن اهي وڌندا ۽ ملڪ ۾ پکڙجندا ويا، ايتري قدر جو مصري بني اسرائيل کان ڊڄڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 1:12
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هن چيو تہ آءٌ خدا آهيان، تنهنجي پيءُ جو خدا: تون مصر ۾ وڃڻ کان نہ ڊڄ؛ آءٌ اتي تو منجهان هڪڙي وڏي قوم پيدا ڪندس.


هنن جو اولاد بہ تو آسمان جي تارن جيترو وڌايو، ۽ هنن کي اُنهيءَ ملڪ ۾ آندو، جنهن جي نسبت ۾ تو هنن جي ابن ڏاڏن کي چيو تہ وڃي اُهو پنهنجي قبضي ۾ آڻيو.


ڇالاءِ جو چڙ بي عقل ماڻهوءَ کي ماري ٿي ۽ حسد نادان ماڻهوءَ کي ڪهي ٿو.


هن پنهنجيءَ اُمت کي گهڻو وڌايو، ۽ کين سندن دشمن کان وڌيڪ زور وارو ڪيائين.


۽ هو انهن کي برڪت ٿو ڏئي، تہ اهي گهڻو وڌندا وڃن؛ ۽ سندن ڍورن کي گهٽجڻ نٿو ڏئي.


انهيءَ ڪري خدا داين سان ڀلائي ڪئي؛ ۽ اهي ماڻهو وڌندا ۽ زور وارا ٿيندا ويا.


پر اسرائيل جو اولاد ڦلدار ٿيندو، ۽ گهڻو وڌندو ويو؛ ۽ نهايت طاقت وارو ٿيو؛ ۽ اهو ملڪ ساڻن ڀرجي ويو.


انهيءَ پنهنجن ماڻهن کي چيو تہ ڏسو، بني اسرائيل جي قوم اسان کان شمار ۽ زور ۾ گهڻي وڌي ويئي آهي.


ڪابہ ڏاهپ، يا سمجهہ، يا صلاح مصلحت نہ آهي، جا خداوند جي برخلاف بيهي.


ڪاوڙ ظلم جهڙي آهي ۽ غصو جوش جهڙو آهي، پر ريس جي اڳيان ڪير بيهي سگهندو؟


۽ موآبي هنن ماڻهن کان ڏاڍا ڊنا، ڇالاءِ جو هو گهڻا هئا: سو موآبي، بني اسرائيل جي ڪري ڏاڍا پريشان ٿيڻ لڳا.


تنهن تي فريسي پاڻ ۾ چوڻ لڳا، تہ خيال تہ ڪريو، اوهان جي ڪابہ ڪانہ ٿي هلي، ڏسو تہ سڄو جهان وڃي هن جي پٺيان لڳو آهي.


۽ اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪي خدا سان پيار ٿا رکن، تن جي لاءِ سڀ شيون گڏجي ڀلائي پيدا ٿيون ڪن، يعني انهن جي لاءِ جي سندس ارادي موجب سڏيا ويا آهن.


۽ تون خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ ورندي ڏيئي چئج، تہ هڪڙو مرڻ هار ارامي منهنجو پيءُ هو، ۽ اهو ٿورا ماڻهو ساڻ ڪري مصر ۾ وڃي اتي رهڻ لڳو؛ ۽ هو اتي هڪڙي وڏي، زوراور، ۽ گهڻن ماڻهن واري قوم ٿي پيو:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ