Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 9:3 - Sindhi Bible

3 ۽ پرڳڻن جي سڀني سردارن، ۽ نائبن، ۽ والين، ۽ بادشاهہ جي ڪامورن يهودين کي مدد ڏني؛ ڇالاءِ جو مردڪئيءَ جو خوف مٿن پيل هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 صوبن جي سڀني مختيارن يعني نوابن، گورنرن ۽ شاهي منتظمين يهودين جي مدد ڪئي، ڇاڪاڻ تہ مردڪئيءَ جو رعب تاب مٿن سوار هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 9:3
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جي زربابل، يشوع، نحمياہ، سرايا، رعلاياہ، مردڪي، بلشان، مسفار، بگوي، رحوم، ۽ بعنہ سان آيا. اسرائيل جي قوم جي ماڻهن جو تعداد:


۽ هنن بادشاهہ جا پروانا، بادشاهہ جي نائبن، ۽ نديءَ جي هن ڀر وارن والين کي پهچائي ڏنا: ۽ انهن قوم جي، ۽ خدا جي گهر جي مدد ڪئي.


تڏهن پهرين مهيني جي تيرهين تاريخ بادشاهہ جا محرر سڏيا ويا، ۽ جيئن هامان حڪم ڏنو تيئن بادشاهہ جي نائبن ۽ سڀني پرڳڻن جي والين ۽ سڀني قومن جي سردارن ڏانهن لکيو ويو؛ سڀ ڪنهن پرڳڻي ڏانهن اُن جي اکرن ۾، ۽ سڀ ڪنهن قوم ڏانهن ان جي ٻوليءَ ۾؛ اُهو بادشاهہ اخسويرس جي نالي سان لکيو ويو، ۽ انهيءَ تي بادشاهہ جي منڊيءَ سان مهر ڪئي ويئي.


۽ سڀ ڪنهن شهر ۾ ۽ سڀ ڪنهن پرڳڻي ۾ جتي ڪٿي بادشاهہ جو حڪم ۽ سندس فرمان پهتو هو، اُتي خوشي ۽ خورمي ۽ مجلس ۽ وڏو ڏينهن ملهايو ويو. ۽ انهيءَ ملڪ جي ماڻهن مان گهڻا يهودي ٿيا؛ ڇالاءِ جو يهودين جو خوف هنن تي غالب ٿيو هو.


۽ چوڻ لڳي تہ جي بادشاهہ راضي هجي، ۽ جي مون سندس نظر ۾ مانُ لڌو هجي، ۽ جي اها ڳالهہ بادشاهہ مناسب ڄاڻي، ۽ آءٌ سندس نظر ۾ پسند هجان، تہ اهڙو حڪم لکيو وڃي تہ جيڪي خط هامان بن همداتا اجاجيءَ تجويز ڪري لکيا هئا، تہ جيڪي يهودي بادشاهہ جي سڀني پرڳڻن ۾ آهن، سي ناس ٿين، سي رد ڪيا وڃن:


تڏهن اُتي جو اُتي، ٽئين مهيني، يعني سيوان مهيني جي ٽيويهين تاريخ، بادشاهہ جا محرر سڏيا ويا؛ ۽ جيڪو حڪم مردڪئي يهودين جي نالي، ۽ نائبن، ۽ هندوستان کان وٺي حبش تائين جيڪي ستاويهہ پرڳڻا هئا، تن جي لاوين، ۽ سردارن جي نالي ڪڍيو، سو سڀ ڪنهن پرڳڻي ڏانهن ان جي اکرن ۾، ۽ سڀ ڪنهن قوم ڏانهن اُن جي ٻوليءَ ۾، ۽ يهودين ڏانهن سندن اکرن ۽ سندن ٻوليءَ ۾ لکيو ويو.


تنهن کانپوءِ بادشاهہ نبوڪدنضر، ملڪ جي والين، نائبن، نوابن، قاضين، خزانچين، مشيرن، سردارن ۽ پرڳڻن جي سڀني حاڪمن کي گهرايو تہ جنهن مورت کي بادشاهہ نبوڪدنضر بيهاريو آهي، تنهن جي وقف ڪرڻ جي رسم تي حاضر رهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ