Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 9:29 - Sindhi Bible

29 تنهن کانپوءِ ابيخيل جي ڌيءَ راڻيءَ آستر ۽ مردڪئي يهوديءَ وڏي اختياريءَ سان لکيو تہ پوريم جو اهو ٻيو خط قائم رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

29 راڻي آستر ولد ابيخيل مردڪئيءَ سان گڏجي پوري اختياريءَ سان ٻئي خط ۾ پُوريم عيد کي قائم رکڻ بابت لکيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 9:29
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي جڏهن مردڪئيءَ جي چاچي ابيخيل جي ڌيءَ آستر، جنهن کي مردڪئي پنهنجي ڌيءَ ڪري پاليو هو، تنهن جو بادشاهہ وٽ وڃڻ جو وارو آيو، تڏهن جيڪي بادشاهہ جي ناظر، ۽ زالن جي نگهبان، هيجا، مقرر ڪري ڇڏيو هو، تنهن کانسواءِ هن ٻيو ڪي بہ ڪين گهريو. ۽ آستر، جنهن مٿس نظر ٿي ڪئي، تنهن کي ٿي وڻي.


بادشاهہ جي حڪم موجب ٽپالي سعيي سان روانا ٿيا، ۽ اهو حڪم سوسن جي محلات ۾ بہ پڌرو ڪيو ويو: ۽ بادشاهہ ۽ هامان گڏجي شراب پيئڻ ويٺا؛ پر سوسن جو شهر حيران ٿي ويو.


۽ هن بادشاهہ اخسويرس جي نالي سان لکيو، ۽ انهيءَ تي بادشاهہ جي مُنڊيءَ سان مهر ڪيائين، ۽ پوءِ گهوڙي سوار ٽپالين جي هٿان خط موڪليائين، جي اُنهن تکن گهوڙن تي چڙهي ويا جي بادشاهہ جي خدمت ۾ ڪم ايندا هئا:


پوءِ مردڪئي هي ڳالهيون لکيون، ۽ بادشاهہ اخسويرس جي سڀني پرڳڻن ۾ جيڪي يهودي هئا، تن سڀني ڏانهن، ويجهو توڙي پري، خط لکي موڪليائين،


جن ۾ انهن کي تاڪيد ڪيائين تہ آدار مهيني جي چوڏهين تاريخ، ۽ پندرهين تاريخ وارا ڏينهن هر سال عيد ڪن،


۽ سڀ ڪنهن پيڙهيءَ ۾، ۽ سڀ ڪنهن قبيلي ۾، ۽ سڀ ڪنهن پرڳڻي، ۽ سڀ ڪنهن شهر ۾، اهي ڏينهن ياد رکيا وڃن، ۽ ملهايا وڃن؛ ۽ اهي پوريم جا ڏينهن يهودين مان وسري نڪري نہ وڃن، ۽ نہ انهن جي يادگيري سندن اولاد مان اصل گم ٿي وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ