Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 9:20 - Sindhi Bible

20 پوءِ مردڪئي هي ڳالهيون لکيون، ۽ بادشاهہ اخسويرس جي سڀني پرڳڻن ۾ جيڪي يهودي هئا، تن سڀني ڏانهن، ويجهو توڙي پري، خط لکي موڪليائين،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 مردڪئيءَ اهي سڀ ڳالهيون لکيون ۽ شهنشاهت جي سڀني صوبن ۾ جيڪي اوري پري يهودي هئا تن سڀني ڏانهن خط اماڻيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 9:20
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن جيڪي عجيب ڪم ڪيا آهن سي ياد ڪريو؛ سندس معجزا ۽ سندس زباني فيصلا؛


هاڻي اخسويرس (هي اهو اخسويرس آهي جنهن هندوستان کان وٺي ڪوش تائين هڪ سؤ ستاويهن پرڳڻن تي بادشاهي ڪئي) تنهن جي ڏينهن ۾ هيئن ٿيو:


ڇالاءِ جو هن بادشاهہ جي سڀني پرڳڻن مان هرهڪ ۾، اُتي جي اکرن موجب ۽ هرهڪ قوم کي اُن جي ٻوليءَ ۾ خط لکيا تہ سڀ ڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي گهر ۾ حڪم هلائي، ۽ پنهنجي قوم جي ٻوليءَ ۾ اهڙو اشتهار ڪرائي.


تڏهن پهرين مهيني جي تيرهين تاريخ بادشاهہ جا محرر سڏيا ويا، ۽ جيئن هامان حڪم ڏنو تيئن بادشاهہ جي نائبن ۽ سڀني پرڳڻن جي والين ۽ سڀني قومن جي سردارن ڏانهن لکيو ويو؛ سڀ ڪنهن پرڳڻي ڏانهن اُن جي اکرن ۾، ۽ سڀ ڪنهن قوم ڏانهن ان جي ٻوليءَ ۾؛ اُهو بادشاهہ اخسويرس جي نالي سان لکيو ويو، ۽ انهيءَ تي بادشاهہ جي منڊيءَ سان مهر ڪئي ويئي.


تڏهن اُتي جو اُتي، ٽئين مهيني، يعني سيوان مهيني جي ٽيويهين تاريخ، بادشاهہ جا محرر سڏيا ويا؛ ۽ جيڪو حڪم مردڪئي يهودين جي نالي، ۽ نائبن، ۽ هندوستان کان وٺي حبش تائين جيڪي ستاويهہ پرڳڻا هئا، تن جي لاوين، ۽ سردارن جي نالي ڪڍيو، سو سڀ ڪنهن پرڳڻي ڏانهن ان جي اکرن ۾، ۽ سڀ ڪنهن قوم ڏانهن اُن جي ٻوليءَ ۾، ۽ يهودين ڏانهن سندن اکرن ۽ سندن ٻوليءَ ۾ لکيو ويو.


تنهنڪري جيڪي ڳوٺن جا يهودي بنا ڀتين شهرن ۾ ٿا رهن، سي ادار مهيني جي چوڏهين تاريخ خوشيءَ ۽ مانيءَ جي مجلس جو ڏينهن ۽ وڏو ڏينهن ڪري ملهائيندا آهن، ۽ هڪ ٻئي ڏانهن تحفا موڪليندا آهن.


جن ۾ انهن کي تاڪيد ڪيائين تہ آدار مهيني جي چوڏهين تاريخ، ۽ پندرهين تاريخ وارا ڏينهن هر سال عيد ڪن،


انهيءَ ڪري پور جي نالي سبب انهن ڏينهن کي پوريم سڏيندا هئا. تنهنڪري انهيءَ خط جي سڀني لفظن سبب، ۽ جيڪي هنن انهيءَ ڳالهہ بابت ڏٺو، ۽ جيڪي وٽن آيو هو، تنهن جي سبب،


يهودين ٺهراءُ ڪيو، ۽ پاڻ تي، ۽ پنهنجي اولاد تي، ۽ جيڪي ساڻن گڏ ٿيا تن سڀني تي، اهو فرض هموار ڪيو، تہ ضرور ان جي لکئي موجب، ۽ ان جي ٺهرايل وقت تي، هر سال اهي ٻہ ڏينهن عيد ڪندا رهن؛


تنهن کانپوءِ ابيخيل جي ڌيءَ راڻيءَ آستر ۽ مردڪئي يهوديءَ وڏي اختياريءَ سان لکيو تہ پوريم جو اهو ٻيو خط قائم رهي.


پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ اها ڳالهہ يادگيري جي لاءِ هڪڙي ڪتاب ۾ لکي ڇڏ.


هاڻي جيڪو خط يرمياہ نبيءَ يروشلم مان باقي رهيلن قيدي بزرگن ڏي، ۽ ڪاهنن ۽ نبين ۽ انهن سڀني ماڻهن ڏي موڪليو، جن کي نبوڪدنضر قيد ڪري يروشلم مان بابل ڏي وٺي ويو هو، تنهنجا هي لفظ آهن:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ