Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 9:19 - Sindhi Bible

19 تنهنڪري جيڪي ڳوٺن جا يهودي بنا ڀتين شهرن ۾ ٿا رهن، سي ادار مهيني جي چوڏهين تاريخ خوشيءَ ۽ مانيءَ جي مجلس جو ڏينهن ۽ وڏو ڏينهن ڪري ملهائيندا آهن، ۽ هڪ ٻئي ڏانهن تحفا موڪليندا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 9:19
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ سڀ ڪنهن شهر ۾ ۽ سڀ ڪنهن پرڳڻي ۾ جتي ڪٿي بادشاهہ جو حڪم ۽ سندس فرمان پهتو هو، اُتي خوشي ۽ خورمي ۽ مجلس ۽ وڏو ڏينهن ملهايو ويو. ۽ انهيءَ ملڪ جي ماڻهن مان گهڻا يهودي ٿيا؛ ڇالاءِ جو يهودين جو خوف هنن تي غالب ٿيو هو.


پوءِ مردڪئي هي ڳالهيون لکيون، ۽ بادشاهہ اخسويرس جي سڀني پرڳڻن ۾ جيڪي يهودي هئا، تن سڀني ڏانهن، ويجهو توڙي پري، خط لکي موڪليائين،


جو اُهي ڏينهن آهن جن ۾ يهودين کي پنهنجن دشمنن کان آرام مليو، ۽ انهيءَ مهيني ۾ سندن لاءِ ڏک ڦري سک ٿيو، ۽ ماتم بدلجي خوشيءَ جو ڏينهن ٿيو: ۽ اهي مانيءَ جي مجلس ۽ خوشيءَ جا ڏينهن مقرر ڪن، ۽ هڪ ٻئي ڏانهن تحفا موڪلين ۽ غريبن کي بخششون ڏين.


۽ انهيءَ کي چيائين تہ ڊوڙ، ۽ انهيءَ جوان ماڻهوءَ کي چئُہ تہ يروشلم ڀتين بنا ڳوٺن وانگر، ماڻهن ۽ جانورن جي گهڻائيءَ سبب آباد ٿيندو.


پر جيڪي اندر جو آهي سو خيرات ڪري ڇڏيو؛ تہ ڏسو، سڀ ڪجهہ اوهان لاءِ پاڪ ٿيندو.


جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ تنهنجن ڀائرن منجهان جيڪڏهن ڪو غريب تنهنجي ڳوٺ ۾ تو وٽ رهندو هجي، تہ تون پنهنجي غريب ڀاءُ جي لاءِ پنهنجي دل سخت نہ ڪج، نڪي پنهنجي مٺ بند ڪج؛


۽ جيڪو هنڌ خداوند تنهنجو خدا پنهنجو نالو قائم رکڻ لاءِ چونڊيندو، اتي تون، ۽ تنهنجو پٽ، ۽ تنهنجي ڌيءَ، ۽ تنهنجو غلام، ۽ تنهنجي ٻانهي، ۽ لاوي جو تنهنجي ڳوٺ ۾ هجي، ۽ مسافر، ۽ يتيم، ۽ بيوہ زال، جي تنهنجي ڳوٺ ۾ هجن، سي سڀ گڏجي خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشي ڪجو.


۽ تون، ۽ تنهنجو پٽ، ۽ تنهنجي ڌيءَ، ۽ تنهنجو غلام، ۽ تنهنجي ٻانهي، ۽ لاوي، ۽ مسافر، ۽ يتيم، ۽ بيوہ زال جي تنهنجي ڳوٺ ۾ هجن، سي سڀ گڏجي خوشيءَ سان عيد ملهائجو.


اهي سڀ شهر ڪوٽ وارا هئا، ۽ انهن کي اُوچيون ڀتيون، ۽ دروازا، ۽ گز هئا؛ انهن کان سواءِ ڪيترائي بنا ڪوٽ شهر بہ اسان هٿ ڪيا.


۽ زمين جا رهاڪو انهن جي موت ڪري خوشيون ۽ تماشا ڪندا؛ ۽ هڪٻئي ڏانهن سوکڙيون موڪليندا؛ ڇالاءِ جو هنن ٻن نبين زمين جي رهاڪن کي پريشان ڪيو هو.


جي تون پنهنجن جوان ماڻهن کان پڇندين تہ اُهي توکي ٻڌائيندا: تنهنڪري ڀلي تہ اُهي جوان ماڻهو تنهنجي نظر ۾ مان لهن؛ ڇالاءِ جو اسين چڱي ڏينهن آيا آهيون: آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ جيڪي تنهنجي هٿ ۾ اچي سو پنهنجن ٻانهن کي، ۽ پنهنجي پٽ دائود کي ڏيئي ڇڏ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ