Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 9:17 - Sindhi Bible

17 اهو سڀ ادار مهيني جي تيرهين تاريخ ڪيو ويو، ۽ ساڳئي مهيني جي چوڏهينءَ تاريخ هنن آرام ورتو، ۽ اُهو ڏينهن مانيءَ جي مجلس ۽ خوشيءَ جو ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 9:17
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن پهرين مهيني جي تيرهين تاريخ بادشاهہ جا محرر سڏيا ويا، ۽ جيئن هامان حڪم ڏنو تيئن بادشاهہ جي نائبن ۽ سڀني پرڳڻن جي والين ۽ سڀني قومن جي سردارن ڏانهن لکيو ويو؛ سڀ ڪنهن پرڳڻي ڏانهن اُن جي اکرن ۾، ۽ سڀ ڪنهن قوم ڏانهن ان جي ٻوليءَ ۾؛ اُهو بادشاهہ اخسويرس جي نالي سان لکيو ويو، ۽ انهيءَ تي بادشاهہ جي منڊيءَ سان مهر ڪئي ويئي.


تڏهن اُتي جو اُتي، ٽئين مهيني، يعني سيوان مهيني جي ٽيويهين تاريخ، بادشاهہ جا محرر سڏيا ويا؛ ۽ جيڪو حڪم مردڪئي يهودين جي نالي، ۽ نائبن، ۽ هندوستان کان وٺي حبش تائين جيڪي ستاويهہ پرڳڻا هئا، تن جي لاوين، ۽ سردارن جي نالي ڪڍيو، سو سڀ ڪنهن پرڳڻي ڏانهن ان جي اکرن ۾، ۽ سڀ ڪنهن قوم ڏانهن اُن جي ٻوليءَ ۾، ۽ يهودين ڏانهن سندن اکرن ۽ سندن ٻوليءَ ۾ لکيو ويو.


هاڻي ٻارهين مهيني، يعني آدار مهيني جي تيرهين تاريخ جڏهن بادشاهہ جي حڪم ۽ فرمان جي تعميل ٿيڻ جو وقت اچي ويجهو ٿيو، جنهن ڏينهن يهودين جي دشمنن کي اُميد هئي تہ انهن تي غالب ٿيندا؛ ۽ ڳالهہ انهيءَ جي اُبتڙ ٿي پيئي، جو يهودي پنهنجن دشمنن تي غالب پيا،


پر جيڪي يهودي سوسن ۾ هئا سي اُن جي تيرهين تاريخ، ۽ چوڏهين تاريخ گڏ ٿيا؛ ۽ ساڳئي مهيني جي پندرهين تاريخ هنن آرام ورتو، ۽ اُهو ڏينهن مانيءَ جي مجلس ۽ خوشيءَ جو ڪيائون.


جن ۾ انهن کي تاڪيد ڪيائين تہ آدار مهيني جي چوڏهين تاريخ، ۽ پندرهين تاريخ وارا ڏينهن هر سال عيد ڪن،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ