Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 9:15 - Sindhi Bible

15 پوءِ جيڪي يهودي سوسن ۾ هئا، سي آدار مهيني جي چوڏهينءَ تاريخ گڏ ٿيا، ۽ ٽي سؤ ماڻهو سوسن ۾ ڪُٺائون؛ پر لٽ جي مال کي هنن هٿ نہ لاتو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 سوسن ۾ رهندڙ يهودي ادار مهيني جي چوڏهين تاريخ تي بہ گڏ ٿيا ۽ ٽي سؤ ماڻهن کي ماري ڇڏيائون، پر هنن ڪابہ ڦرلُٽ ڪانہ ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 9:15
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن خطن ۾ بيان هو تہ بادشاهہ سڀ ڪنهن شهر جي يهودين کي اجازت ڏني آهي تہ اچي گڏ ٿين، ۽ پنهنجي حياتيءَ لاءِ کڙا ٿين، ۽ پرڳڻي مان، ۽ ماڻهن مان جيڪي طاقت وارا شخص مٿن، ۽ سندن ننڍن ٻارن، ۽ زالن تي ڪاهہ ڪن، تن کي ناس ڪن، ۽ ڪُهن، ۽ چٽ ڪرائين، ۽ اُنهن جو مال متاع لٽي ڦري وڃن.


جي هامان بن همداتا، يهودين جي دشمن جا ڏهہ پٽ هئا، تن کي هنن قتل ڪيو؛ پر لٽ جي مال کي هنن هٿ نہ لاتو.


۽ بادشاهہ آستر راڻيءَ کي چيو تہ يهودين سوسن جي محلات ۾ پنج سؤ ماڻهو، ۽ هامان جا ڏهہ پٽ ڪُهي چٽ ڪيا آهن؛ تڏهن هنن بادشاهہ جي ٻين پرڳڻن ۾ ڇا ڪيو هوندو؟ هاڻي تنهنجو عرض ڪهڙو آهي؟ تہ اُهو قبول ڪيو وڃي: يا تنهنجو وڌيڪ ٻيو سوال ڪهڙو آهي؟ تہ اُهو پورو ڪيو وڃي.


تڏهن آستر چيو تہ جي بادشاهہ جي مرضي هجي تہ جيڪي يهودي سوسن ۾ آهن، تن کي موڪل ملي تہ اڄوڪي ڏينهن جي حڪم موجب سڀاڻي بہ ڪن، ۽ هامان جا ڏهہ پٽ سوريءَ تي چاڙهيا وڃن.


۽ بادشاهہ ائين ڪرڻ جو حڪم ڏنو؛ ۽ سوسن ۾ اهڙو فرمان جاري ٿي ويو؛ ۽ هامان جا ڏهہ پٽ سوريءَ تي چاڙهيا ويا.


۽ بادشاهہ جي پرڳڻن ۾ ٻيا جيڪي يهودي هئا سي گڏ ٿيا، ۽ پنهنجي ساهہ بچائڻ لاءِ کڙا ٿيا، ۽ پنهنجن دشمنن کان آزاد ٿي آرام ورتائون، ۽ پنجهتر هزار دشمن ماريائون؛ پر لٽ جي مال کي هنن هٿ نہ لاتو.


تڏهن يهودي، بادشاهہ اخسويرس جي سڀني پرڳڻن جي شهرن ۾ گڏ ٿيا، انهيءَ لاءِ تہ جن ماڻهن کين نقصان پهچائڻ ٿي چاهيو، تن تي هٿ کڻن: ۽ ڪوبہ ماڻهو هنن کي روڪي ڪين سگهيو؛ ڇالاءِ جو هنن جو خوف سڀني قومن تي پيل هو.


هر طرح جي بديءَ کان پاسو ڪريو.


پيسي جي پيار کان اوهين آزاد رهو؛ جيڪي اوهان وٽ آهي تنهن تي راضي رهو: ڇالاءِ جو هن پاڻ چيو آهي تہ ”آئون توکي ڪنهن بہ طرح ڇڏي ڪين ڏيندس، نڪي آئون ڪڏهن توکي وساريندس.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ