Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 9:13 - Sindhi Bible

13 تڏهن آستر چيو تہ جي بادشاهہ جي مرضي هجي تہ جيڪي يهودي سوسن ۾ آهن، تن کي موڪل ملي تہ اڄوڪي ڏينهن جي حڪم موجب سڀاڻي بہ ڪن، ۽ هامان جا ڏهہ پٽ سوريءَ تي چاڙهيا وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 تنهن تي آستر کيس وراڻيو تہ ”جيڪڏهن شهنشاهہ جي مرضي هجي تہ جيڪو ڪم سوسن ۾ رهندڙ يهودين اڄ ڪيو تنهن جي سڀاڻي لاءِ بہ اجازت ڏني وڃي ۽ هامان جي ڏهن ئي پٽن جا لاش ڦاهيءَ تي لڙڪايا وڃن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 9:13
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن جي پٽن مان ست ڄڻا اسان جي حوالي ڪيا وڃن تہ انهن کي اسين خداوند جي چونڊيل سائول جي جبعہ ۾، خداوند جي لاءِ ڦاسي ڏئي لڙڪايون. ۽ بادشاهہ چيو تہ آءٌ اهي ڏيندس.


۽ انهن کي جبعونين جي حوالي ڪيائين، ۽ هنن انهن کي خداوند جي اڳيان جبل تي ڦاسيءَ تي چاڙهيو، ۽ اهي ست ئي گڏ مئا: ۽ اهي فصل لهڻ وارن ڏينهن ۾، جَوَن جي فصل لهڻ جي شروعات ۾، پهرين ڏينهن ۾ قتل ڪيا ويا.


انهن خطن ۾ بيان هو تہ بادشاهہ سڀ ڪنهن شهر جي يهودين کي اجازت ڏني آهي تہ اچي گڏ ٿين، ۽ پنهنجي حياتيءَ لاءِ کڙا ٿين، ۽ پرڳڻي مان، ۽ ماڻهن مان جيڪي طاقت وارا شخص مٿن، ۽ سندن ننڍن ٻارن، ۽ زالن تي ڪاهہ ڪن، تن کي ناس ڪن، ۽ ڪُهن، ۽ چٽ ڪرائين، ۽ اُنهن جو مال متاع لٽي ڦري وڃن.


۽ بادشاهہ ائين ڪرڻ جو حڪم ڏنو؛ ۽ سوسن ۾ اهڙو فرمان جاري ٿي ويو؛ ۽ هامان جا ڏهہ پٽ سوريءَ تي چاڙهيا ويا.


پوءِ جيڪي يهودي سوسن ۾ هئا، سي آدار مهيني جي چوڏهينءَ تاريخ گڏ ٿيا، ۽ ٽي سؤ ماڻهو سوسن ۾ ڪُٺائون؛ پر لٽ جي مال کي هنن هٿ نہ لاتو.


مسيح پاڻ اسان جي بدران لعنتي ٿي اسان کي شريعت جي لعنت کان ڇڏايو؛ ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ وڻ تي لٽڪايو وڃي ٿو، سو لعنتي آهي.“


تہ انهي جو لاشو سڄي رات وڻ تي لٽڪيل نہ رهي، پر تون انهي ڏينهن هن کي دفن ڪج؛ ڇالاءِ تہ جنهن کي ڦاسي ٿي ملي، سو خدا جي طرفان لعنتي آهي؛ تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور ڏئي ٿو، تنهن کي تون ناپاڪ نہ ڪرين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ