Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 9:10 - Sindhi Bible

10 جي هامان بن همداتا، يهودين جي دشمن جا ڏهہ پٽ هئا، تن کي هنن قتل ڪيو؛ پر لٽ جي مال کي هنن هٿ نہ لاتو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 اِهي يهودين جي دشمن هامان ولد همداتا جا ڏهہ پٽ هئا. پر يهودين ڦرلُٽ لاءِ پنهنجا هٿ ڪين وڌايا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 9:10
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ آءٌ هڪڙو سڳو يا جُتيءَ جو ڌاڳو بہ ڪين وٺندس، نڪي ڪا ٻي شيءِ وٺندس جا تنهنجي آهي؛ متان تون چوين تہ مون ابرام کي دولتمند ڪيو:


يعقوب جي پٽن، انهن کي قتل ڪرڻ کان پوءِ سندن شهر بہ ڦريو: ڇالاءِ جو انهن سندن ڀيڻ جي آبرو ورتي هئي.


انهن ڳالهين کانپوءِ بادشاهہ اخسويرس، هامان بن همداتا اجاجيءَ کي درجي ۾ وڌايو ۽ چاڙهي مٿي ڪيائينس، ۽ جيڪي امير وٽس هوندا هئا، تن سڀني کان هن جي جاءِ مٿي ڪيائين.


۽ ٽپال جي رستي بادشاهہ جي سڀني پرڳڻن ڏانهن بہ لکيو ويو، تہ سڀني يهودين، ننڍن وڏن، ننڍن ٻارن توڙي زالن کي هڪڙي ئي ڏينهن ۾، يعني ٻارهون مهينو، جو ادار جو مهينو آهي، تنهن جي تيرهين تاريخ، ناس ڪري، ڪُهي، چٽ ڪرائي ڇڏين، ۽ انهن جو مال ملڪيت پنهنجي لاءِ کڻن.


۽ هامان انهن کي پنهنجي وڏي دولت، ۽ گهڻي اولاد، ۽ جن سڀني ڳالهين ڪري بادشاهہ هن جو درجو وڌايو هو تن جو، ۽ ڪيئن هن کي چاڙهي ٻين اميرن، ۽ بادشاهہ جي ملازمن کان مٿي ڪيو هئائين، تنهن جو بيان ڪري ٻڌايو.


ڇالاءِ جو آءٌ ۽ منهنجي قوم وڪيا ويا آهيون، انهيءَ لاءِ تہ ناس ٿيون، ۽ مارجي چٽ ٿي وڃون. پر جي اسين ٻانها ۽ ٻانهيون ٿي وڪامون ها تہ آءٌ ماٺ ڪري ويهان ها، جيتوڻيڪ دشمن بادشاهہ جي نقصان جو ڪوبہ عيوضو ڏيئي نہ سگهي ها.


۽ آستر چيو تہ دشمن ۽ ويري هي شرير هامان آهي. تڏهن هامان بادشاهہ ۽ راڻيءَ جي اڳيان ڊڄي ويو.


انهن خطن ۾ بيان هو تہ بادشاهہ سڀ ڪنهن شهر جي يهودين کي اجازت ڏني آهي تہ اچي گڏ ٿين، ۽ پنهنجي حياتيءَ لاءِ کڙا ٿين، ۽ پرڳڻي مان، ۽ ماڻهن مان جيڪي طاقت وارا شخص مٿن، ۽ سندن ننڍن ٻارن، ۽ زالن تي ڪاهہ ڪن، تن کي ناس ڪن، ۽ ڪُهن، ۽ چٽ ڪرائين، ۽ اُنهن جو مال متاع لٽي ڦري وڃن.


اُنهيءَ ڏينهن جيڪي ماڻهو سوسن جي محلات ۾ قتل ڪيا ويا، تن جو شمار بادشاهہ جي حضور ۾ آندو ويو.


۽ پرمشتا، ۽ اريسئي، ۽ اريدئي، ۽ ويزاتا،


تون اُنهن جي اولاد کي زمين تان، ۽ اُنهن جي نسل کي بني آدم منجهان نابود ڪري ڇڏيندين.


۽ چيائين تہ خداوند قسم کنيو آهي تہ خداوند عماليق سان پيڙهي بہ پيڙهي جنگ ڪندو رهندو.


تون انهن جي اڳيان سجدو نہ ڪر، نڪي انهن جي عبادت ڪر: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند تنهنجو خدا غيرت وارو خدا آهيان، ۽ ابن ڏاڏن جي براين جي سزا، جيڪي مون سان عداوت رکندا آهن، تن جي پٽن کي ۽ انهن جي ٽينءَ ۽ چوٿينءَ پيڙهيءَ کي ڏيندو آهيان؛


۽ بادشاهہ جي حڪم ڪرڻ تي انهن ماڻهن کي وٺي آيا جن داني ايل تي تهمت آندي هئي، ۽ انهن کي سندن ٻارن ٻچن ۽ زالن سميت کڻي شينهن جي غار ۾ وڌائون؛ ۽ شينهن انهن تي اچي ڪاهي پيا، ۽ غار جي تري تائين پهچڻ کان اڳي انهن جا هڏ گڏ ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيائون.


بديءَ جي عيوض ڪنهن سان بدي نہ ڪريو. جي ڳالهيون سڀني ماڻهن جي نظر ۾ چڱيون آهن، تن جو خيال رکو.


هاڻي، اي ڀائرو، جيڪي بہ ڳالهيون سچيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون اشرافت جهڙيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون انصاف جهڙيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون پاڪ آهن، جيڪي بہ ڳالهيون وڻندڙ آهن، جيڪي بہ ڳالهيون چڱيون آهن؛ مطلب تہ جي ڪابہ نيڪي هجي، ۽ جي ڪابہ تعريف هجي، تہ انهن تي غور ڪندا رهجو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ