Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 8:9 - Sindhi Bible

9 تڏهن اُتي جو اُتي، ٽئين مهيني، يعني سيوان مهيني جي ٽيويهين تاريخ، بادشاهہ جا محرر سڏيا ويا؛ ۽ جيڪو حڪم مردڪئي يهودين جي نالي، ۽ نائبن، ۽ هندوستان کان وٺي حبش تائين جيڪي ستاويهہ پرڳڻا هئا، تن جي لاوين، ۽ سردارن جي نالي ڪڍيو، سو سڀ ڪنهن پرڳڻي ڏانهن ان جي اکرن ۾، ۽ سڀ ڪنهن قوم ڏانهن اُن جي ٻوليءَ ۾، ۽ يهودين ڏانهن سندن اکرن ۽ سندن ٻوليءَ ۾ لکيو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 تڏهن انهيءَ ئي مهل شاهي منشين کي گھرايو ويو. اها ٽئين مهيني يعني سَيوان مهيني جي ٽيويهين تاريخ هئي. هنن مردڪئيءَ جا سمورا حڪم هندستان کان وٺي سوڊان ملڪ جي يهودين، گورنرن، حاڪمن ۽ صوبن جي عملدارن ڏانهن موڪلي ڏنا. اهي حڪم شهنشاهت جي سڀني هڪ سؤ ستاويهہ صوبن ڏانهن هر هڪ قوم جي رسم‌الخط ۽ ٻوليءَ ۾ ۽ يهودين ڏانهن سندن رسم‌الخط ۽ ٻوليءَ ۾ پڻ لکيا ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 8:9
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن الياقيم بن خلقياہ، ۽ شبناہ، ۽ يواخ، ربشاقيءَ کي چيو تہ ڀلائي ڪري پنهنجن نوڪرن سان ارامي ٻوليءَ ۾ ڳالهاءِ، ڇالاءِ جو اسين اُها سمجهون ٿا: ۽ يهودين جي ٻوليءَ ۾ اسان سان نہ ڳالهاءِ، متان ڀت تي جيڪي ماڻهو آهن سي ٻڌن.


انهيءَ طرح آسا جي بادشاهت جي پندرهين سال جي ٽئين مهيني ۾ هو يروشلم ۾ اچي گڏ ٿيا.


هاڻي اخسويرس (هي اهو اخسويرس آهي جنهن هندوستان کان وٺي ڪوش تائين هڪ سؤ ستاويهن پرڳڻن تي بادشاهي ڪئي) تنهن جي ڏينهن ۾ هيئن ٿيو:


ڇالاءِ جو هن بادشاهہ جي سڀني پرڳڻن مان هرهڪ ۾، اُتي جي اکرن موجب ۽ هرهڪ قوم کي اُن جي ٻوليءَ ۾ خط لکيا تہ سڀ ڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي گهر ۾ حڪم هلائي، ۽ پنهنجي قوم جي ٻوليءَ ۾ اهڙو اشتهار ڪرائي.


بادشاهہ اخسويرس انهيءَ زمين تي، ۽ سمنڊ جي ٻيٽن تي، ڍل مقرر ڪئي.


بادشاهہ نبوڪدنضر جي طرفان، سڀني ماڻهن ۽ قومن ۽ ٻولين ڏانهن، جي ساري زمين تي رهن ٿا؛ شل اوهان جي سلامتي وڌي.


دارا کي پسند آيو تہ بادشاهت تي هڪ سؤ ويهہ والي مقرر ڪري، جي سڄي ملڪ تي حڪومت ڪن؛


تڏهن بادشاهہ دارا سڀني ماڻهن ۽ قومن، ۽ جدا جدا ٻولين وارن ڏي لکيو، جي دنيا ۾ رهندا هئا، تہ شل اوهان جي لاءِ سلامتي وڌي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ