Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 8:6 - Sindhi Bible

6 ڇالاءِ جو جيڪا مصيبت منهنجي قوم تي ايندي، سا ڀلا آءٌ ڪهڙيءَ طرح ڏسي سگهنديس؟ ۽ جيڪا تباهي منهنجي مٽن مائٽن تي ايندي، سا آءٌ ڪيئن برداشت ڪري سگهنديس؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 انهيءَ سبب جو جيڪا مصيبت منهنجي قوم تي ايندي سا آءٌ ڪيئن پنهنجي اکين سان ڏسي سگھنديس! جيڪا تباهي وَ بربادي منهنجي مائٽن جي ٿيندي سا آءٌ ڪيئن برداشت ڪري سگھنديس!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 8:6
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ تہ جيڪڏهن ڇوڪر مون سان نہ هوندو تہ آءٌ ڪهڙيءَ طرح پنهنجي پيءُ وٽ ويندس؟ متان جيڪا مصيبت منهنجي پيءُ تي اچي سا مون کي ڏسڻي پوي.


۽ مون بادشاهہ کي چيو تہ شل بادشاهہ سدائين سلامت هجي: منهنجو چهرو ڇو نہ غمگين ٿئي، جڏهن اهو شهر، جنهن ۾ منهنجي ابن ڏاڏن جون قبرون آهن، سو ويران ٿي ويو آهي، ۽ ان جا دروازا باهہ سان سڙي ويا آهن؟


ڇالاءِ جو آءٌ ۽ منهنجي قوم وڪيا ويا آهيون، انهيءَ لاءِ تہ ناس ٿيون، ۽ مارجي چٽ ٿي وڃون. پر جي اسين ٻانها ۽ ٻانهيون ٿي وڪامون ها تہ آءٌ ماٺ ڪري ويهان ها، جيتوڻيڪ دشمن بادشاهہ جي نقصان جو ڪوبہ عيوضو ڏيئي نہ سگهي ها.


هاڻي ٻارهين مهيني، يعني آدار مهيني جي تيرهين تاريخ جڏهن بادشاهہ جي حڪم ۽ فرمان جي تعميل ٿيڻ جو وقت اچي ويجهو ٿيو، جنهن ڏينهن يهودين جي دشمنن کي اُميد هئي تہ انهن تي غالب ٿيندا؛ ۽ ڳالهہ انهيءَ جي اُبتڙ ٿي پيئي، جو يهودي پنهنجن دشمنن تي غالب پيا،


منهنجا آنڊا، منهنجا آنڊا! منهنجي دل ۾ اصل درد آهي؛ منهنجي دل منهنجي اندر ۾ بي آرام آهي؛ آءٌ ماٺ ۾ رهي نٿو سگهان؛ ڇالاءِ جو اي منهنجا روح تو قرناءِ جو آواز ۽ جنگ جو نعرو ٻڌو آهي.


اڙي جي منهنجو مٿو پاڻي هجي ها، ۽ منهنجون اکيون لڙڪن جو چشمو هجن ها تہ چڱو هو، جو آءٌ رات ڏينهن پنهنجي قوم جي ڌيءَ جي ڪُٺلن جي لاءِ پيو روئان ها!


اي ڀائرو، منهنجي دلي خواهش، ۽ هنن جي لاءِ خدا اڳيان منهنجو سوال اهو آهي، تہ شل کين نجات ملي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ