Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 8:5 - Sindhi Bible

5 ۽ چوڻ لڳي تہ جي بادشاهہ راضي هجي، ۽ جي مون سندس نظر ۾ مانُ لڌو هجي، ۽ جي اها ڳالهہ بادشاهہ مناسب ڄاڻي، ۽ آءٌ سندس نظر ۾ پسند هجان، تہ اهڙو حڪم لکيو وڃي تہ جيڪي خط هامان بن همداتا اجاجيءَ تجويز ڪري لکيا هئا، تہ جيڪي يهودي بادشاهہ جي سڀني پرڳڻن ۾ آهن، سي ناس ٿين، سي رد ڪيا وڃن:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 هوءَ کيس چوڻ لڳي تہ ”جيڪڏهن شهنشاهہ مون سان راضي آهي ۽ مون سندس نظر ۾ عزت ۽ مان لڌو آهي ۽ جيڪڏهن هو مون تي مهرباني ڪري ۽ مناسب سمجھي تہ اهڙو حڪم‌نامو جاري ڪيو وڃي جو جيڪي خط هامان ولد همداتا اجاجيءَ شهنشاهہ جي سڀني صوبن ۾ رهندڙ يهودين کي قتل ڪرڻ لاءِ روانا ڪيا هئا سي رد ڪيا وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 8:5
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ بادشاهہ آستر کي ٻين سڀني زالن کان زيادہ پيار ڪيو، ۽ ٻين سڀني ڪنوارين زالن کان هن بادشاهہ جي نظر ۾ وڌيڪ مانُ ۽ شانُ لڌو؛ ايتري قدر جو هن شاهي ڇٽ کڻي سندس مٿي تي رکيو، ۽ کيس وشتيءَ جي جاءِ تي کڻي راڻي ڪيائين.


۽ جيڪا جوان زال بادشاهہ کي وڻي، سا وشتيءَ جي جاءِ تي راڻي ٿئي. ۽ اها ڳالهہ بادشاهہ کي پسند آئي؛ ۽ ائين ئي ڪيائين.


انهن ڳالهين کانپوءِ بادشاهہ اخسويرس، هامان بن همداتا اجاجيءَ کي درجي ۾ وڌايو ۽ چاڙهي مٿي ڪيائينس، ۽ جيڪي امير وٽس هوندا هئا، تن سڀني کان هن جي جاءِ مٿي ڪيائين.


تہ جي مون بادشاهہ جي نظر ۾ مانُ لڌو آهي، ۽ جي بادشاهہ منهنجو عرض قبول ڪرڻ ۽ منهنجو مطلب پورو ڪرڻ ٿو گهري، تہ جيڪا مهماني آءٌ بادشاهہ ۽ هامان جي لاءِ تيار ڪنديس تنهن تي اُهي اچن، ۽ جيئن بادشاهہ فرمايو آهي تيئن آءٌ سڀاڻي ڪنديس.


تڏهن راڻيءَ آستر ورندي ڏيئي چيو، تہ اي بادشاهہ جي مون تنهنجي نظر ۾ مانُ لڌو آهي، ۽ جي تنهنجي اهڙي مرضي هجي، تہ منهنجي جان منهنجي عرض ڪرڻ تي، ۽ منهنجي قوم منهنجي سوال ظاهر ڪرڻ تي مون کي ڏني وڃي:


تنهنڪري، آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان، تہ جي تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي آهي، تہ هاڻي مون کي پنهنجي راهہ ڏيکار، تہ مون کي خبر پوي تہ تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي آهي: ۽ هن قوم کي پنهنجي اُمت ڪري سمجهہ.


ڇالاءِ جو هاڻي ڪيئن خبر پوندي تہ تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي، ۽ تنهنجيءَ اُمت تي آهي؟ ڇا، اهو انهي مان ڪين معلوم ٿيندو تہ تون اسان سان گڏجي هلين، جنهنڪري آءٌ ۽ تنهنجي اُمت، سڀني قومن کان ڌار ليکجون؟


۽ هن چيو تہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي وڃڻ ڏي؛ ڇالاءِ جو اسان جي گهراڻي کي شهر ۾ هڪڙي قرباني ڪرڻي آهي؛ ۽ منهنجي ڀاءُ مون کي اُتي حاضر رهڻ جو حڪم ڏنو آهي: ۽ هاڻي جيڪڏهن تنهنجي مون تي مهربانيءَ جي نظر ٿئي تہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي ڇڏ تہ آءٌ وڃان ۽ پنهنجن ڀائرن کي ڏسان. تنهنڪري هو بادشاهہ جي ميز تي نہ آيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ