Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 8:3 - Sindhi Bible

3 ۽ آستر وري بہ بادشاهہ جي اڳيان، سندس پيرن تي ڪِري، ڳوڙها ڳاڙي عرض ڪيو تہ هامان اجاجي جيڪا شرارت ڪئي هئي، ۽ جيڪا رٿ هن يهودين جي برخلاف ڪئي هئي، سا بادشاهہ برطرف ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 پوءِ آستر وري بہ شهنشاهہ جي پيرن تي ڪري کيس منٿ ميڙ ڪرڻ لڳي. هن کيس روئيندي ليلائيندي چيو تہ ”هامان اجاجيءَ يهودين خلاف جيڪا بڇڙائي ۽ سازش تيار ڪئي هئي تنهن جو خاتمو آندو وڃي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 8:3
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن هو انهيءَ ٽڪر تي خدا جي مرد وٽ آئي، تڏهن انهيءَ جي پيرن کي وڃي جهليائين. ۽ جيحازيءَ هن کي ڌڪي پري ڪرڻ لاءِ ويجهو آيو؛ پر اُنهيءَ خدا جي مرد چيس تہ هن کي ڇڏي ڏي: ڇالاءِ جو هن جي دل پريشان آهي؛ ۽ خداوند اها ڳالهہ مون کان لڪائي آهي، ۽ مون کي نہ ٻڌائي اٿس.


انهن ڳالهين کانپوءِ بادشاهہ اخسويرس، هامان بن همداتا اجاجيءَ کي درجي ۾ وڌايو ۽ چاڙهي مٿي ڪيائينس، ۽ جيڪي امير وٽس هوندا هئا، تن سڀني کان هن جي جاءِ مٿي ڪيائين.


ڇالاءِ جو آءٌ ۽ منهنجي قوم وڪيا ويا آهيون، انهيءَ لاءِ تہ ناس ٿيون، ۽ مارجي چٽ ٿي وڃون. پر جي اسين ٻانها ۽ ٻانهيون ٿي وڪامون ها تہ آءٌ ماٺ ڪري ويهان ها، جيتوڻيڪ دشمن بادشاهہ جي نقصان جو ڪوبہ عيوضو ڏيئي نہ سگهي ها.


۽ بادشاهہ پنهنجي مُنڊي، جيڪا هامان کان ورتي هئائين، سا لاهي مردڪئي کي ڏني. ۽ آستر مردڪئي کي هامان جي گهر تي رکيو.


تڏهن بادشاهہ سوني لٺ آستر ڏانهن جهلي. تنهن تي آستر اُٿي بادشاهہ جي اڳيان بيهي رهي.


تڏهن حزقياہ پنهنجو منهن ڀت ڏانهن ڦيرائي خداوند کان دعا گهرڻ لڳو.


هائو، هن فرشتي سان زور آزمايو، ۽ انهي تي غالب آيو: هن رنو، ۽ عرض ڪيائينس: هن انهي کي بيت ايل ۾ لڌو، ۽ اُتي اسان سان ڳالهايائين؛


پنهنجي جسماني زندگيءَ ۾ يسوع زار زار روئي دانهون ڪري انهي کان دعائون گهُريون، جو کيس موت کان بچائي ٿي سگهيو، ۽ سندس خدا ترسيءَ جي ڪري اهي دعائون قبول پيون.


پوءِ هن کي پيرين پئي چوڻ لڳي تہ منهنجا سائين، اهو گناهہ مون تي هجي، مون تي هجي: آءٌ منٿ ٿي ڪريان تہ پنهنجي ٻانهيءَ کي موڪل ڏي تہ تنهنجي ڪن ۾ ڪي چوي، ۽ تون پنهنجي ٻانهيءَ جي ڳالهہ ٻڌ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ