Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 8:2 - Sindhi Bible

2 ۽ بادشاهہ پنهنجي مُنڊي، جيڪا هامان کان ورتي هئائين، سا لاهي مردڪئي کي ڏني. ۽ آستر مردڪئي کي هامان جي گهر تي رکيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 تڏهن شهنشاهہ پنهنجي مُهر واري منڊي، جيڪا هامان کان واپس ورتي هئائين سا لاهي مردڪئيءَ کي ڏني. هوڏانهن آستر مردڪئيءَ کي هامان واري ملڪيت جو سنڀاليندڙ مقرر ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 8:2
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ فرعون پنهنجيءَ مهر واري منڊي پنهنجي هٿ مان لاهي، يوسف جي هٿ ۾ پارائي، ۽ هن کي عمدي ڪپڙي جي خلعت پهرايائين، ۽ هڪڙي سوني زنجيري سندس ڳچيءَ ۾ پاتائين؛


۽ سندس طاقت ۽ زور جا ڪم، ۽ مردڪئي جي بزرگيءَ جو احوال، جنهن تائين بادشاهہ هن جو درجو وڌايو، تنهن جو پورو بيان مادي ۽ فارس جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهي ڇا؟


تڏهن بادشاهہ پنهنجي هٿ مان منڊي لاهي يهودين جي دشمن هامان بن همداتا اجاجيءَ کي ڏني.


۽ آستر وري بہ بادشاهہ جي اڳيان، سندس پيرن تي ڪِري، ڳوڙها ڳاڙي عرض ڪيو تہ هامان اجاجي جيڪا شرارت ڪئي هئي، ۽ جيڪا رٿ هن يهودين جي برخلاف ڪئي هئي، سا بادشاهہ برطرف ڪري.


خداوند جي انتظار ۾ رهہ، ۽ هن جي واٽ تي هل، ۽ هو توکي زمين جي وارث ٿيڻ لاءِ سرفراز ڪندو: ۽ جڏهن بڇڙا تباهہ ٿيندا، تڏهن تون اُهو ڏسندين.


تڏهن بادشاهہ داني ايل کي وڏي عزت ڏني، ۽ هن کي گهڻا ئي وڏا انعام ڏنائين، ۽ بابل جي سڄي پرڳڻي تي حڪمران مقرر ڪيائينس، ۽ بابل جي سڀني ڏاهن ماڻهن تي وڏو حاڪم ڪيائينس.


پر پڻس نوڪرن کي چيو، تہ جلدي اُچي ۾ اُچو وڳو کڻي آڻي پهرايوس؛ ۽ هٿ ۾ منڊي ۽ پيرن ۾ جُتي پارايوس:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ