Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 8:16 - Sindhi Bible

16 يهودين کي روشنائي، ۽ سرهائي، ۽ خوشي، ۽ عزت حاصل ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 اهو وقت يهودين لاءِ خوشيءَ، سرهائيءَ، جشن ۽ بلند رتبي جو وقت هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 8:16
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي يهودي هن وقت سوسن ۾ آهن سي سڀ گڏ ٿيو، ۽ منهنجي لاءِ روزو رکو، ۽ ٽن ڏينهن تائين، رات جو توڙي ڏينهن جو، نڪي کائو نڪي پيئو: آءٌ ۽ منهنجون سهيليون بہ ساڳيءَ طرح روزو رکنديونسين؛ پوءِ اُنهيءَ حال ۾ آءٌ بادشاهہ وٽ وينديس، جيتوڻيڪ ائين ڪرڻ قاعدي موجب نہ آهي: پوءِ جي آءٌ مُيس، تہ ڀلي مران.


اهو سڀ ادار مهيني جي تيرهين تاريخ ڪيو ويو، ۽ ساڳئي مهيني جي چوڏهينءَ تاريخ هنن آرام ورتو، ۽ اُهو ڏينهن مانيءَ جي مجلس ۽ خوشيءَ جو ڪيائون.


سچارن لاءِ اوندهہ ۾ سوجهرو ٿو نڪري: هو رحيم، ٻاجهارو، ۽ راستباز آهي.


خداوند ئي خدا آهي، ۽ هن اسان کي سوجهرو ڏنو آهي: اوهين قربانيءَ کي قربانگاهہ تي رسين سان ٻڌو، يعني قربانگاهہ جي سڱن سان.


ڇالاءِ جو تون منهنجو ڏيئو روشن ڪندين: خداوند منهنجو خدا منهنجي اوندهہ کي سوجهرو ڪندو.


انهيءَ لاءِ تہ منهنجو روح تنهنجي تعريف ڳائڻ کان ماٺ نہ ڪري. اي خداوند منهنجا خدا، آءٌ هميشہ تنهنجو شڪرانو مڃيندو رهندس.


راستبازن لاءِ روشني، ۽ سچيءَ دل وارن لاءِ سرهائي پوکي ويئي آهي.


جڏهن سچا چڱي حال ۾ آهن تڏهن شهر خوش ٿو رهي: ۽ جڏهن شرير مرن ٿا تڏهن خوشي ٿي ٿئي.


جڏهن سچا فتحياب ٿين ٿا تڏهن ڏاڍي خوشي ٿئي ٿي، پر جڏهن شرير اُٿن ٿا تڏهن ماڻهو پاڻ کي وڃيو لڪائين.


خداوند جا خريد ڪيل موٽندا، ۽ ڳائيندا صيون ۾ ايندا: ۽ انهن جي مٿن تي هميشہ جي خوشي هوندي: اهي خوشي ۽ سرهائي حاصل ڪندا، ۽ غم ۽ ماتم ڪونہ رهندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ