Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 8:15 - Sindhi Bible

15 ۽ مردڪئي بادشاهہ جي حضور مان آسماني ۽ اڇي رنگ جي شاهي پوشاڪ ۾، ۽ هڪڙي وڏي سوني ڇٽ، ۽ هڪڙي عمدي سڻيءَ جي ۽ واڱڻائي رنگ جي قبا سان نڪري آيو: ۽ سوسن جو شهر نعرا هڻي خوش ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 تڏهن مردڪئي نيري ۽ اڇي رنگ جي شاهي پوشاڪ ۾، هڪڙو سونو عمدو تاج پهري سنهي وٽيل سڻي جي واڱڻائيءَ رنگ واري هڪڙي جبي سان شهنشاهہ جي حضور مان اُٿي ٻاهر نڪري آيو. سوسن جي شهر ۾ خوشي ۽ جشن ملهايو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 8:15
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ فرعون پنهنجيءَ مهر واري منڊي پنهنجي هٿ مان لاهي، يوسف جي هٿ ۾ پارائي، ۽ هن کي عمدي ڪپڙي جي خلعت پهرايائين، ۽ هڪڙي سوني زنجيري سندس ڳچيءَ ۾ پاتائين؛


اڇي ڪپڙي، ۽ سائي ۽ نيري رنگ جا پردا، عمدي سڻيءَ ۽ واڱڻائي رنگ جي رسن سان، چانديءَ جي ڇلن ۽ سنگ مرمر جي ٿنڀن سان ٻڌل هئا: ڳاڙهي، ۽ اڇي، ۽ پيلي، ۽ ڪاري سنگ مرمر جي فرش تي سون ۽ چانديءَ جا پلنگ رکيل هئا.


۽ سندس طاقت ۽ زور جا ڪم، ۽ مردڪئي جي بزرگيءَ جو احوال، جنهن تائين بادشاهہ هن جو درجو وڌايو، تنهن جو پورو بيان مادي ۽ فارس جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهي ڇا؟


بادشاهہ جي حڪم موجب ٽپالي سعيي سان روانا ٿيا، ۽ اهو حڪم سوسن جي محلات ۾ بہ پڌرو ڪيو ويو: ۽ بادشاهہ ۽ هامان گڏجي شراب پيئڻ ويٺا؛ پر سوسن جو شهر حيران ٿي ويو.


هاڻي ٽئين ڏينهن هيئن ٿيو تہ آستر شاهاڻي پوشاڪ ڍڪي، ۽ بادشاهہ جي گهر جي سامهون، بادشاهہ جي گهر جي اندرين ايوان ۾ وڃي بيٺي: ۽ بادشاهہ پنهنجي شاهي محلات ۾، گهر جي در جي سامهون پنهنجي شاهي تخت تي ويٺو هو.


۽ هامان انهن کي پنهنجي وڏي دولت، ۽ گهڻي اولاد، ۽ جن سڀني ڳالهين ڪري بادشاهہ هن جو درجو وڌايو هو تن جو، ۽ ڪيئن هن کي چاڙهي ٻين اميرن، ۽ بادشاهہ جي ملازمن کان مٿي ڪيو هئائين، تنهن جو بيان ڪري ٻڌايو.


تڏهن هامان پوشاڪ ۽ گهوڙو وٺي وڃي مردڪئي کي پهرايو، ۽ سوار ڪري شهر جي رستي تان گهمارايائينس، ۽ سندس اڳيان منادي ڪرايائين، تہ جنهن ماڻهوءَ کي بادشاهہ عزت ڏيڻ ٿو گهُري، تنهن سان هيئن ڪرڻ ۾ ايندو.


تنهن جي لاءِ شاهي پوشاڪ، جا بادشاهہ ڍڪيندو آهي، ۽ جنهن گهوڙي تي بادشاهہ چڙهندو آهي، ۽ جنهن جي مٿي تي بادشاهي ڇٽ رکڻ ۾ ايندو آهي، سو آڻجي:


انهيءَ طرح بادشاهہ جي خدمت ۾ ڪم ايندڙ تکن گهوڙن تي جيڪي ٽپالي چڙهيل هئا، سي بادشاهہ جي حڪم جي تاڪيد ۾ تڪڙ ڪري روانا ٿيا؛ ۽ اهڙو حڪم سوسن جي محلات ۾ پڌرو ڪيو ويو.


جڏهن سچا چڱي حال ۾ آهن تڏهن شهر خوش ٿو رهي: ۽ جڏهن شرير مرن ٿا تڏهن خوشي ٿي ٿئي.


جڏهن سچا فتحياب ٿين ٿا تڏهن ڏاڍي خوشي ٿئي ٿي، پر جڏهن شرير اُٿن ٿا تڏهن ماڻهو پاڻ کي وڃيو لڪائين.


جڏهن سچا گهڻا ٿين ٿا تڏهن ماڻهو خوش ٿين ٿا، پر جڏهن ڪو شرير ماڻهو حاڪم ٿئي ٿو تڏهن ماڻهو آهون ڪن ٿا.


پر اوهين ڇا ڏسڻ لاءِ ويا هئا؟ ڇا اُنهيءَ ماڻهوءَ کي جنهن کي اُچا ڪپڙا پيل آهن؟ ڏسو، جيڪي اُچا ڪپڙا ٿا پهرين، سي بادشاهن جي گهرن ۾ ٿا رهن.


تڏهن بہ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ خود سليمان پنهنجي سموري شان هوندي بہ اُنهن مان هڪڙي جهڙو پهريل نہ هو.


هاڻي هڪڙو شاهوڪار ماڻهو هو، جو اُچا، واڱڻائي ۽ سنها ڪپڙا پهريندو هو، ۽ روز سٺا سٺا طعام کائيندو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ