Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 8:10 - Sindhi Bible

10 ۽ هن بادشاهہ اخسويرس جي نالي سان لکيو، ۽ انهيءَ تي بادشاهہ جي مُنڊيءَ سان مهر ڪيائين، ۽ پوءِ گهوڙي سوار ٽپالين جي هٿان خط موڪليائين، جي اُنهن تکن گهوڙن تي چڙهي ويا جي بادشاهہ جي خدمت ۾ ڪم ايندا هئا:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 مردڪئيءَ اهو فرمان شهنشاهہ اخسويرس جي نالي سان لکيو، جنهن تي شهنشاهہ جي منڊيءَ سان مهر هنيائين. پوءِ اهي خط شاهي گھوڙي سوار ٽپالين جي هٿان ڏياري موڪليائين، جيڪي تيز رفتار گھوڙن تي چڙهي روانا ٿي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 8:10
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو هن اخي آب جي نالي سان خط لکيا، ۽ سندس مهر مٿن هنيائين، ۽ اُهي خط اُنهن بزرگن ۽ اميرن ڏانهن موڪليائين جي سندس شهر ۾ هئا، ۽ نبوت سان گڏ رهندا هئا.


انهن مان هرهڪ پنهنجي مليل حڪم موجب گهوڙن ۽ تکن وهٽن جي لاءِ، جَوَ ۽ گاهہ بہ، انهيءَ هنڌ ٿي آندو، جتي اُهي هوندا هئا.


پوءِ قاصد بادشاهہ ۽ سندس اميرن جا خط کڻي ساري اسرائيل ۽ يهوداہ ۾ ويا، ۽ بادشاهہ جي حڪم موجب چيائون تہ اي بني اسرائيليو، اوهين خداوند، ابرهام ۽ اسحاق ۽ اسرائيل جي خدا ڏانهن موٽو، تہ هو اوهان مان جيڪي اسور جي بادشاهن جي هٿن کان باقي بچيا آهن، تن ڏانهن موٽي.


اوهان کي جيئن وڻي تيئن اوهين بہ يهودين کي بادشاهہ جي نالي سان لکو، ۽ اُنهيءَ تي بادشاهہ جي مهر هڻو: ڇالاءِ جو جيڪو لکيو بادشاهہ جي نالي سان لکيو ويو آهي، ۽ جنهن تي بادشاهہ جي مُنڊيءَ جي مهر هنئي ويئي آهي، تنهن کي ڪوبہ ماڻهو رد ڪري نٿو سگهي.


هاڻي منهنجا ڏينهن ٽپالي قاصد کان بہ تکا آهن: اُهي ڀڄندا وڃن ۽ اُهي ڪابہ چڱائي نٿا ڏسن.


ڇالاءِ جو بادشاهہ جي حڪم کي طاقت آهي؛ ۽ ڪير هن کي چئي سگهندو تہ تون هي ڇا ٿو ڪرين؟


اُٺن جون قطارون، ۽ مديان ۽ عيفہ جا ڪنواٺ توکي ڀري ڇڏيندا؛ اهي سڀ سبا مان ايندا ۽ اُهي سون ۽ لوبان آڻيندا، ۽ خداوند جي تعريف ظاهر ڪندا.


۽ خداوند فرمائي ٿو تہ جيئن بني اسرائيل صاف ٿانوَ ۾ پنهنجي قرباني کڻي خداوند جي گهر ۾ آڻيندا آهن، تيئن اهي اوهان جن سڀني ڀائرن کي سڀني قومن مان گهوڙن تي، ۽ گاڏين ۾، ۽ ڏولين ۾، ۽ خچرن تي، ۽ تکن وهٽن تي چاڙهي، خداوند جي لاءِ نذراني طور منهنجي پاڪ جبل يروشلم ۾ آڻيندا.


تون ڪيئن چئي ٿي سگهين تہ آءٌ ناپاڪ نہ ٿي آهيان، آءٌ بعليم جي پٺيان نہ ويئي آهيان؟ واديءَ ۾ پنهنجو رستو ڏس، جيڪي ڪيو اٿيئي سو معلوم ڪر: تون هڪڙي تکي ڏاچي آهين جا هيڏي هوڏي پئي ڊوڙين؛


۽ تو سان آءٌ گهوڙي کي سندس سوار سميت ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيندس؛


بادشاهہ نبوڪدنضر جي طرفان، سڀني ماڻهن ۽ قومن ۽ ٻولين ڏانهن، جي ساري زمين تي رهن ٿا؛ شل اوهان جي سلامتي وڌي.


هاڻي اي بادشاهہ، اهو منع نامو جاري ڪر، ۽ اهڙي لکيل حڪم تي صحيح ڪر، تہ اُهو ڦري نہ سگهي، جيئن ميدين ۽ فارسين جو قاعدو ڦرندو نہ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ