Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 8:1 - Sindhi Bible

1 انهيءَ ڏينهن بادشاهہ اخسويرس، يهودين جي دشمن هامان جو گهر راڻي آستر کي ڏيئي ڇڏيو. ۽ مردڪئي بادشاهہ جي حضور ۾ آيو؛ ڇالاءِ جو آستر ٻڌايو هوس تہ هو سندس ڇا ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 انهيءَ ساڳئي ڏينهن تي شهنشاهہ اخسويرس راڻي آستر کي يهودين جي دشمن هامان جي سڄي ملڪيت ڏيئي ڇڏي. راڻي آستر شهنشاهہ کي اهو پڻ ٻڌايو تہ مردڪئي سندس مائٽ آهي. سو مردڪئيءَ کي شهنشاهہ جي حضور ۾ آندو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 8:1
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جن جو بادشاهہ کان ٻيو درجو هو، ۽ ڪارشينا، ستار، ادماتا، ترسيس، مرس، مرسنا ۽ مموڪان، جي فارس ۽ مادي جا ست امير، جي بادشاهہ جو منهن ڏسندا هئا، ۽ بادشاهت ۾ اول درجي تي ويهندا هئا:)


هاڻي جڏهن مردڪئيءَ جي چاچي ابيخيل جي ڌيءَ آستر، جنهن کي مردڪئي پنهنجي ڌيءَ ڪري پاليو هو، تنهن جو بادشاهہ وٽ وڃڻ جو وارو آيو، تڏهن جيڪي بادشاهہ جي ناظر، ۽ زالن جي نگهبان، هيجا، مقرر ڪري ڇڏيو هو، تنهن کانسواءِ هن ٻيو ڪي بہ ڪين گهريو. ۽ آستر، جنهن مٿس نظر ٿي ڪئي، تنهن کي ٿي وڻي.


۽ هو هدساہ کي، يعني پنهنجي چاچي جي ڌيءَ آستر کي وٺي آيو: ڇالاءِ جو هن جو نڪو پيءُ هو نڪا ماءُ هئي، ۽ ڇوڪري خوبصورت ۽ حسين هئي؛ ۽ جڏهن هن جا پيءُ ماءُ مري ويا، تڏهن مردڪئي هن کي پنهنجي ڌيءَ ڪري پاليو.


۽ آستر چيو تہ دشمن ۽ ويري هي شرير هامان آهي. تڏهن هامان بادشاهہ ۽ راڻيءَ جي اڳيان ڊڄي ويو.


تڏهن بادشاهہ اخسويرس راڻي آستر ۽ مردڪئي يهوديءَ کي چيو تہ ڏس، مون هامان جو گهر آستر کي ڏنو آهي، ۽ انهيءَ کي هنن سوريءَ تي چاڙهيو آهي، ڇالاءِ جو هن يهودين تي زبردستي ڪئي.


بيشڪ هرڪو ماڻهو اجائي ڏيک سان ٿو هلي: ۽ اجايو بي آرام ٿو ٿئي: هو مال گڏ ٿو ڪري ۽ خبر ڪانہ اٿس تہ اُهو ڪنهن کي ملندو.


چڱو ماڻهو پنهنجي اولاد جي اولاد لاءِ بہ ورثو ڇڏي ٿو؛ پر گنهگارن جي دولت سچن جي لاءِ سانڍي رکيل آهي.


جيڪو وياج ۽ واڌاري سان پنهنجو مال وڌائي ٿو، سو اُهو انهي لاءِ ٿو گڏ ڪري جنهن کي غريبن تي رحم اچي ٿو.


پر خدا چيس، تہ اي نادان، اڄ ئي رات جو تنهنجي جان توکان ورتي ويندي، پوءِ جيڪي ميڙي رکيو اٿيئي، سو ڪنهن جو ٿيندو؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ