Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 7:9 - Sindhi Bible

9 تڏهن بادشاهہ جي اڳيان بيٺل ناظرن مان هڪڙي خربوناہ چيو تہ ڏس، تہ پنجاهہ هٿ ڊگهي سوري، جا هامان مردڪئيءَ جي لاءِ جوڙائي آهي، جنهن مردڪئي بادشاهہ جي لاءِ چڱائيءَ جي ڳالهہ ڪئي، سا هامان جي گهر ۾ بيٺي آهي. ۽ بادشاهہ چيو تہ انهيءَ تي هن کي وڃي لٽڪايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 تڏهن شهنشاهہ جي حضور ۾ بيٺل خدمتگارن مان خربوناہ نالي هڪڙي چيو تہ ”هامان جي گھر جي ڀرسان ٻاويهہ ميٽر ڊگھي ڦاهي ٺهيل هئي، جيڪا هامان مردڪئيءَ لاءِ ٺهرائي هئي جنهن اوهان شهنشاهہ سلامت جي زندگي بچائي هئي.“ تنهن تي شهنشاهہ حڪم ڏنو تہ ”انهيءَ ڦاهي تي هن کي لٽڪايو وڃي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 7:9
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن منهن دريءَ ڏانهن مٿي ڪري چيو تہ منهنجي پاسي ڪير آهي؟ ڪير؟ ۽ ٻہ ٽي خواجہ ٻاهر نهارڻ لڳا.


ستين ڏينهن جڏهن بادشاهہ جي دل شراب جي ڪري خوش ٿي، تڏهن هن مهومان، بزتا، خربوناہ، بگتا، ۽ ابگتا، ۽ زتار، ۽ ڪرڪس کي حڪم ڏنو، جي ست ناظر اخسويرس بادشاهہ جي اڳيان خدمت ڪندا هئا،


تڏهن سندس زال زرش ۽ ٻين سڀني دوستن چيس تہ پنجاهہ هٿن جي هڪڙي وڏي سوري جوڙاءِ، ۽ سڀاڻي صبح جو بادشاهہ کي چئُہ تہ مردڪئي کي اُنهيءَ تي لٽڪائي ڇڏي: پوءِ خوشيءَ سان بادشاهہ سان گڏجي مهماني تي وڃج. اها ڳالهہ هامان کي وڻي؛ ۽ هن سوري ٺهرائي.


اڃا اُنهن هن سان پئي ڳالهايو تہ بادشاهہ جا ناظر آيا ۽ جيڪا مهماني آستر تيار ڪئي هئي، تنهن تي هامان کي وٺي وڃڻ لاءِ تڪڙ ڪرڻ لڳا.


انهيءَ ۾ لکيل هو تہ بادشاهہ جا ٻہ ناظر، بگتانا ۽ ترش، جي در جي نگهباني ڪندا هئا، ۽ جن بادشاهہ اخسويرس سان دست درازي ڪرڻ ٿي گهري، تن جي مردڪئي خبر ڏني هئي.


تڏهن بادشاهہ اخسويرس راڻي آستر ۽ مردڪئي يهوديءَ کي چيو تہ ڏس، مون هامان جو گهر آستر کي ڏنو آهي، ۽ انهيءَ کي هنن سوريءَ تي چاڙهيو آهي، ڇالاءِ جو هن يهودين تي زبردستي ڪئي.


۽ بادشاهہ ائين ڪرڻ جو حڪم ڏنو؛ ۽ سوسن ۾ اهڙو فرمان جاري ٿي ويو؛ ۽ هامان جا ڏهہ پٽ سوريءَ تي چاڙهيا ويا.


پر جڏهن اها ڳالهہ بادشاهہ جي اڳيان پيش ٿي، تڏهن هن خطن لکڻ سان حڪم ڏيئي هن جي شرارت واري رٿ، جا يهودين جي برخلاف سٽي هئائين، سا خود سندس گردن تي موٽائي آندي؛ ۽ هن کي سندس پٽن سميت سوريءَ تي چاڙهيو.


ڀلي تہ بڇڙا پنهنجي ڄار ۾ پاڻ ڦاسن، تہ آءٌ ڀڄي ڇُٽان.


شل هو اوچتو ئي برباد ٿئي؛ ۽ جيڪو ڄار هن لڪايو آهي تنهن ۾ پاڻ پوي: ۽ اُنهيءَ ۾ ڦاسي برباد ٿئي.


اهي اک ڇنڀ ۾ ڪيئن نہ چٽ ٿي ويا آهن! ۽ ڊپ ۾ ئي فنا ٿي ويا آهن.


۽ بادشاهہ جي حڪم ڪرڻ تي انهن ماڻهن کي وٺي آيا جن داني ايل تي تهمت آندي هئي، ۽ انهن کي سندن ٻارن ٻچن ۽ زالن سميت کڻي شينهن جي غار ۾ وڌائون؛ ۽ شينهن انهن تي اچي ڪاهي پيا، ۽ غار جي تري تائين پهچڻ کان اڳي انهن جا هڏ گڏ ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيائون.


ملڪ جي سڀني وزيرن، نائبن ۽ والين، مشيرن ۽ نوابن پاڻ ۾ گڏجي صلاح ڪئي آهي تہ هڪڙو شاهي حڪم قائم ڪجي، ۽ هڪڙو منع نامو جاري ڪجي تہ جيڪو ٽيهن ڏينهن تائين ڪنهن معبود کان يا ماڻهوءَ کان، تنهنجي سواءِ، ڪو سوال ڪندو، تہ اي بادشاهہ اُهو شينهن جي غار ۾ وڌو ويندو.


تڏهن دائود ڊوڙي فلستيءَ تي چڙهي بيٺو، ۽ سندس ترار کپ مان ڪڍي انهي سان ڪُٺائينس، ۽ سسي وڍي ڌار ڪيائينس. ۽ جڏهن فلستين ڏٺو تہ سندن پهلوان مارجي ويو، تڏهن هو اُٿي ڀڳا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ