Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 7:7 - Sindhi Bible

7 ۽ بادشاهہ شراب جي مجلس مان ڪاوڙ ۾ اُٿيو ۽ محلات جي باغ ۾ ويو، ۽ هامان اُٿي راڻيءَ آستر کي پنهنجي جيئدان ملڻ لاءِ عرض ڪرڻ لڳو؛ ڇالاءِ جو هن ڏٺو تہ بادشاهہ کيس نقصان پهچائڻ جو ارادو ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 شهنشاهہ ڪاوڙ مان اُٿي بيٺو ۽ پنهنجي مئي اڌ ۾ ڇڏي ٻاهر محل جي باغ ۾ هليو ويو. پر هامان اُٿي راڻي آستر کي پنهنجي جيئدان لاءِ منٿ ميڙ ڪرڻ لڳو، ڇاڪاڻ تہ هن محسوس ڪيو هو تہ شهنشاهہ کيس جيئرو نہ ڇڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 7:7
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر راڻيءَ وشتيءَ بادشاهہ جي حڪم تي ناظرن سان اچڻ کان انڪار ڪيو: تنهنڪري بادشاهہ ڏاڍو ڪاوڙيو، ۽ ڪاوڙ منجهس ڏاڍي جوش واري ٿيڻ لڳي.


جڏهن اهي ڏينهن پورا ٿيا، تڏهن جيڪي ماڻهو، وڏا توڙي ننڍا، سوسن جي محلات ۾ حاضر هئا، تن جي بادشاهہ جي محلات جي باغ جي ايوان ۾ هن ستن ڏينهن تائين مهماني ڪئي؛


تڏهن هنن هامان کي انهيءَ سوريءَ تي وڃي چاڙهيو، جا هن مردڪئي جي لاءِ تيار ڪئي هئي. تڏهن بادشاهہ جي ڪاوڙ ڍري ٿي.


بدڪار اهو ڏسي سڙي ويندو؛ هو اهو ڏسي ڏند ڪرٽيندو، ۽ ڳري ويندو. بڇڙن جي مراد تباهہ ٿي ويندي.


بڇڙا چڱن جي اڳيان ڪنڌ جهڪائين ٿا؛ ۽ شرير سچن جي درن تي.


بادشاهہ انهيءَ نوڪر تي مهربان ٿو رهي جو ڏاهپ سان هلي ٿو: پر اُن جي ڪاوڙ انهيءَ تي ٿي رهي جو شرم جهڙا ڪم ڪري ٿو.


بادشاهہ جي ڪاوڙ موت جي قاصدن وانگر آهي: پر ڏاهو ماڻهو انهيءَ کي جهڪو ڪندو.


بادشاهہ جي ڪاوڙ شينهن جي گجڻ وانگر آهي؛ پر هن جي مهرباني اهڙي آهي جهڙي گاهہ تي ماڪ.


۽ جن توکي ستايو آهي تن جا پٽ مٿو جهڪائي تو وٽ ايندا؛ ۽ جن تنهنجي تحقير ڪئي آهي سي سڀ تنهنجن پيرن جي ترين وٽ سجدو ڪندا؛ ۽ توکي خداوند جو شهر ۽ اسرائيل جي قدوس جو صيون سڏيندا.


تڏهن نبوڪدنضر ڏاڍو ڪاوڙيو، ۽ سندس منهن جو رنگ سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو جي برخلاف ڦري ويو: تنهنڪري هن حڪم ڏنو تہ جيترو کوري کي اڳي تپائيندا هئا، تنهن کان ستوڻو وڌيڪ تپايو.


ڏس، آئون شيطان جي جماعت مان انهن کي تنهنجي حوالي ڪندس، جي پاڻ کي يهودي ٿا چوائين ۽ آهن ڪين، پر ڪوڙ ٿا ڳالهائين. ڏس، آئون ائين ڪندس جو هو اچي تنهنجي پيرن وٽ سجدو ڪندا، ۽ ڄاڻندا تہ مون توکي پيار ڪيو آهي.


جيڪڏهن هو چوندو تہ چڱو، تہ پوءِ تنهنجو ٻانهو صحيح سلامت رهندو: پر جي هو ڪاوڙيو، تہ پوءِ ڄاڻج تہ هن ڪنهن خرابي ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو آهي.


تڏهن يونتن چيس تہ اها ڳالهہ شل توکان پري رهي، ڇالاءِ جو جيڪڏهن مون کي خبر هجي تہ منهنجي پيءُ جي مرضي توکي خرابي پهچائڻ جي آهي، تہ جيڪر آءٌ توکي نہ ٻڌايان ڇا؟


تنهنڪري هاڻي ڄاڻ ۽ ويچار ڪر، تہ ڇا ڪرڻو اٿيئي؛ ڇالاءِ جو اسان جي ڌڻي ۽ سندس ساري گهراڻي لاءِ خرابي رٿي ويئي آهي: هن ڪري جو هو اهڙو بڇڙو آهي جو ڪوبہ هن سان ڳالهائي نٿو سگهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ