Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 7:3 - Sindhi Bible

3 تڏهن راڻيءَ آستر ورندي ڏيئي چيو، تہ اي بادشاهہ جي مون تنهنجي نظر ۾ مانُ لڌو آهي، ۽ جي تنهنجي اهڙي مرضي هجي، تہ منهنجي جان منهنجي عرض ڪرڻ تي، ۽ منهنجي قوم منهنجي سوال ظاهر ڪرڻ تي مون کي ڏني وڃي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 تڏهن راڻي آستر کيس ورندي ڏيندي چيو تہ ”اي شهنشاهہ سلامت! جيڪڏهن مون اوهان جي نظر ۾ عزت ۽ مان لڌو آهي ۽ اوهين جي مناسب سمجھو تہ مون کي ۽ منهنجي قوم کي جيئدان ڏنو وڃي. اهو ئي منهنجو عرض آهي ۽ اها ئي منهنجي خواهش آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 7:3
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر سندس نوڪرن چيس تہ هاڻي ڏس، اسان ٻڌو آهي تہ اسرائيل جي گهراڻي جا بادشاهہ رحم وارا بادشاهہ هوندا آهن: اسين منٿ ٿا ڪريون تہ اسان کي ڇڏ تہ پنهنجن چيلهين تي کٿا ويڙهيون، ۽ پنهنجن مٿن تي رسا ٻَڌون، ۽ پوءِ نڪري اسرائيل جي بادشاهہ وٽ وڃون: شايد هو توکي جيئرو ڇڏي.


۽ وري هن ٽئين پنجاهن واري سردار کي پنجاهہ ماڻهن سان موڪليو. ۽ ٽيون پنجاهن وارو سردار مٿي چڙهيو ۽ اچي ايلياہ جي اڳيان گوڏا کوڙي ويٺو، ۽ نيزاري ڪري هن کي چيائين، تہ اي خدا جا مرد، آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ من منهنجي حياتي ۽ هنن تنهنجن پنجاهہ ٻانهن جي حياتي تنهنجي نظر ۾ قدر واري ٿئي.


بلڪ لکيل حڪم، جو هنن کي ناس ڪرڻ جي لاءِ سوسن ۾ پڌرو ڪيو ويو هو، تنهن جو نقل بہ ڏنائينس تہ آستر کي ڏيکاري ۽ احوال بيان ڪري ٻڌائي؛ ۽ تاڪيد ڪريس تہ بادشاهہ وٽ وڃي منٿ آزي ڪري، ۽ پنهنجي قوم جي پاران سندس حضور ۾ عرض احوال ڪري.


تہ جي مون بادشاهہ جي نظر ۾ مانُ لڌو آهي، ۽ جي بادشاهہ منهنجو عرض قبول ڪرڻ ۽ منهنجو مطلب پورو ڪرڻ ٿو گهري، تہ جيڪا مهماني آءٌ بادشاهہ ۽ هامان جي لاءِ تيار ڪنديس تنهن تي اُهي اچن، ۽ جيئن بادشاهہ فرمايو آهي تيئن آءٌ سڀاڻي ڪنديس.


۽ بادشاهہ شراب جي مجلس مان ڪاوڙ ۾ اُٿيو ۽ محلات جي باغ ۾ ويو، ۽ هامان اُٿي راڻيءَ آستر کي پنهنجي جيئدان ملڻ لاءِ عرض ڪرڻ لڳو؛ ڇالاءِ جو هن ڏٺو تہ بادشاهہ کيس نقصان پهچائڻ جو ارادو ڪيو آهي.


۽ چوڻ لڳي تہ جي بادشاهہ راضي هجي، ۽ جي مون سندس نظر ۾ مانُ لڌو هجي، ۽ جي اها ڳالهہ بادشاهہ مناسب ڄاڻي، ۽ آءٌ سندس نظر ۾ پسند هجان، تہ اهڙو حڪم لکيو وڃي تہ جيڪي خط هامان بن همداتا اجاجيءَ تجويز ڪري لکيا هئا، تہ جيڪي يهودي بادشاهہ جي سڀني پرڳڻن ۾ آهن، سي ناس ٿين، سي رد ڪيا وڃن:


تڏهن شيطان خداوند کي ورندي ڏيئي چيو تہ، کل جي بدران کل، بلڪ جيڪي بہ ڪنهن انسان وٽ آهي سو هو پنهنجي حياتيءَ جي عيوض ڏيندو.


تہ پوءِ تون انهن کي چئج تہ مون بادشاهہ جي حضور ۾ عرض پيش ڪيو تہ مون کي موٽائي يونتن جي گهر نہ موڪلي تہ اُتي وڃي مران.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ