Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 6:9 - Sindhi Bible

9 ۽ اُها پوشاڪ ۽ اُهو گهوڙو بادشاهہ جي ڪنهن تمام وڏي امير جي هٿن ۾ ڏجي تہ اُهو اُنهيءَ ماڻهوءَ کي پهرائي، جنهن کي بادشاهہ عزت ڏيڻ ٿو گهري، ۽ انهيءَ کي گهوڙي تي چاڙهي، شهر جي رستي تان گهمارائي، ۽ سندس اڳيان منادي ڪرائي، تہ جنهن ماڻهوءَ کي بادشاهہ عزت ڏيڻ ٿو گهري، تنهن سان هيئن ڪرڻ ۾ ايندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 اُها پوشاڪ ۽ اُهو گھوڙو شهنشاهہ جي اعليٰ مرتبي وارن اميرن مان هڪ جي حوالي ڪيو وڃي. پوءِ هو اها پوشاڪ انهيءَ ماڻهوءَ کي پهرائي جنهن کي شهنشاهہ عزت ڏيڻ ٿو گھري ۽ انهيءَ گھوڙي تي چاڙهي کيس سڄي شهر جي رستن تان گھمائي ۽ سندس اڳيان پڙهو ڏياري تہ ’جنهن ماڻهوءَ کي شهنشاهہ عزت ڏيڻ گھرندو آهي تنهن کي هيترو مان ملندو آهي.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 6:9
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ پنهنجيءَ ٻيءَ گاڏيءَ ۾ چاڙهيائينس؛ ۽ سندس اڳيان هوڪو ڏياريائين تہ جهڪي سجدو ڪريو؛ ۽ مصر جي ساري ملڪ تي هن کي حاڪم مقرر ڪيائين.


تڏهن بادشاهہ هامان کي چيو تہ جلدي ڪر ۽ جيئن تو چيو آهي، تيئن اها پوشاڪ ۽ گهوڙو وٺي وڃي مردڪئي يهوديءَ کي ڏي، جو بادشاهہ جي در تي ويٺو آهي: جيڪي تو چيو آهي تنهن مان ذرو بہ گهٽ نہ ڪجانءِ.


تڏهن هامان اندر آيو. ۽ بادشاهہ چوڻ لڳس تہ جنهن ماڻهوءَ کي بادشاهہ عزت ڏيڻ گهري، تنهن جي لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ هاڻي هامان پنهنجي دل ۾ چيو تہ مون کان وڌيڪ ٻيو ڪير آهي جنهن کي بادشاهہ عزت ڏيڻ گهرندو هوندو؟


اي صيون جي ڌيءَ خوشي ڪر؛ ۽ يروشلم جي ڌيءَ خوشيءَ وچان واڪا ڪر: ڏس، تنهنجو بادشاهہ تو وٽ اچي ٿو: هو سچار آهي ۽ هن وٽ نجات آهي؛ هو حليم آهي، ۽ گڏهہ تي، بلڪ کودڙي تي سوار آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ