Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 6:4 - Sindhi Bible

4 ۽ بادشاهہ چيو تہ ايوان ۾ ڪير آهي؟ هاڻي بادشاهہ جي گهر جي ٻاهرين پاسي ايوان ۾ هامان آيو هو، انهيءَ لاءِ تہ بادشاهہ کي چوي تہ جيڪا سوري مردڪئي جي لاءِ ٺهرائي هئائين، تنهن تي انهيءَ کي چاڙهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 شهنشاهہ وري پڇيو تہ ”محل ۾ ڪو عملدار حاضر آهي؟“ انهيءَ ئي مهل هامان شهنشاهہ جي محل ۾ داخل ٿيو، تان‌تہ جيڪا ڦاهي مردڪئيءَ لاءِ ٺهرائي هئائين تنهن تي انهيءَ کي چاڙهڻ لاءِ شهنشاهہ سان ڳالهائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 6:4
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بادشاهہ جا سڀ ملازم، ۽ بادشاهہ جي پرڳڻن جا ماڻهو، چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا، تہ ڪوبہ مرد يا زال، جو بنا ڪوٺ اندرينءَ جاءِ ۾ بادشاهہ وٽ لنگهي ايندو، تنهن جي لاءِ هڪڙو ئي قاعدو آهي، تہ قتل ڪيو ويندو، سواءِ اُنهيءَ جي، جنهن ڏانهن پاڻ بادشاهہ پنهنجي سوني لٺ ڪڍي جهلي تہ انهيءَ کي جيئدان ملي: پر هنن ٽيهن ڏينهن ۾ بادشاهہ اندر اچڻ لاءِ مون کي نہ سڏيو آهي.


هاڻي ٽئين ڏينهن هيئن ٿيو تہ آستر شاهاڻي پوشاڪ ڍڪي، ۽ بادشاهہ جي گهر جي سامهون، بادشاهہ جي گهر جي اندرين ايوان ۾ وڃي بيٺي: ۽ بادشاهہ پنهنجي شاهي محلات ۾، گهر جي در جي سامهون پنهنجي شاهي تخت تي ويٺو هو.


تڏهن سندس زال زرش ۽ ٻين سڀني دوستن چيس تہ پنجاهہ هٿن جي هڪڙي وڏي سوري جوڙاءِ، ۽ سڀاڻي صبح جو بادشاهہ کي چئُہ تہ مردڪئي کي اُنهيءَ تي لٽڪائي ڇڏي: پوءِ خوشيءَ سان بادشاهہ سان گڏجي مهماني تي وڃج. اها ڳالهہ هامان کي وڻي؛ ۽ هن سوري ٺهرائي.


۽ بادشاهہ چيو تہ اهڙي ڪم جي عيوض مردڪئي کي ڪهڙي عزت ۽ ڪهڙو درجو ڏنو ويو آهي؟ تڏهن جيڪي بادشاهہ جا ملازم سندس خدمت ڪندا هئا، تن چيو تہ اُنهيءَ جي لاءِ ڪي بہ ڪين ڪيو ويو آهي.


۽ بادشاهہ جي نوڪرن کيس چيو تہ ڏس، ايوان ۾ هامان بيٺو آهي. ۽ بادشاهہ چيو تہ ڀلي هو اچي.


تڏهن بادشاهہ جي اڳيان بيٺل ناظرن مان هڪڙي خربوناہ چيو تہ ڏس، تہ پنجاهہ هٿ ڊگهي سوري، جا هامان مردڪئيءَ جي لاءِ جوڙائي آهي، جنهن مردڪئي بادشاهہ جي لاءِ چڱائيءَ جي ڳالهہ ڪئي، سا هامان جي گهر ۾ بيٺي آهي. ۽ بادشاهہ چيو تہ انهيءَ تي هن کي وڃي لٽڪايو.


هو ڏاهن کي خود سندن هوشياريءَ ۾ پڪڙي ٿو، ۽ ڏنگن جي صلاح مصلحت اونڌي ڪري ڇڏي ٿو.


جو آسمان ۾ ويٺو آهي، سو کلندو: خداوند انهن تي ٺٺوليون ڪندو.


اُنهيءَ لاءِ تہ هو سندن جان کي موت کان ڇڏائي، ۽ ڏڪار ۾ کين جيئرو رکي.


جيڪو ڪم تنهنجي هٿ لڳي سو پنهنجي طاقت آهر پيو ڪر؛ ڇالاءِ جو جنهن قبر ۾ تون وڃڻو آهين تنهن ۾ نڪو ڪم آهي، نڪا رِٿ آهي، نڪو علم آهي، نڪو عقل آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ