Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 6:3 - Sindhi Bible

3 ۽ بادشاهہ چيو تہ اهڙي ڪم جي عيوض مردڪئي کي ڪهڙي عزت ۽ ڪهڙو درجو ڏنو ويو آهي؟ تڏهن جيڪي بادشاهہ جا ملازم سندس خدمت ڪندا هئا، تن چيو تہ اُنهيءَ جي لاءِ ڪي بہ ڪين ڪيو ويو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 تڏهن شهنشاهہ خدمتگارن کان پڇيو تہ ”اهڙي ڪم جي عيوض مردڪئيءَ کي ڪيتري عزت ۽ ڪهڙو درجو ڏنو ويو آهي؟“ تنهن تي سندس خدمتگارن وراڻيو تہ ”کيس ڪجھہ بہ نہ ڏنو ويو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 6:3
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ هوندي بہ سردار ساقيءَ يوسف جي يادگيري ڪانہ ڪئي، پر وساري ڇڏيائينس.


۽ دائود چيو تہ جيڪو پهرين پهرين يبوسين کي فتح ڪندو سو رئيس ۽ سردار ٿيندو. ۽ يوآب بن ضروياہ پهرين ڪاهي ويو ۽ اُهو سردار ڪيو ويو.


انهيءَ ۾ لکيل هو تہ بادشاهہ جا ٻہ ناظر، بگتانا ۽ ترش، جي در جي نگهباني ڪندا هئا، ۽ جن بادشاهہ اخسويرس سان دست درازي ڪرڻ ٿي گهري، تن جي مردڪئي خبر ڏني هئي.


۽ بادشاهہ چيو تہ ايوان ۾ ڪير آهي؟ هاڻي بادشاهہ جي گهر جي ٻاهرين پاسي ايوان ۾ هامان آيو هو، انهيءَ لاءِ تہ بادشاهہ کي چوي تہ جيڪا سوري مردڪئي جي لاءِ ٺهرائي هئائين، تنهن تي انهيءَ کي چاڙهي.


هاڻي انهي ۾ هڪڙو غريب ڏاهو ماڻهوءَ هٿ آيو، ۽ انهي پنهنجي ڏاهپ سان انهي شهر کي بچايو؛ انهي هوندي بہ ڪنهن ماڻهوءَ انهي غريب ماڻهو جي يادگيري ڪانہ ڪئي.


پر مون تنهنجي بابت ٻڌو آهي تہ تون مطلب سمجهائي ۽ شڪ لاهي ٿو سگهين. هاڻي جيڪڏهن تون هي لکيو پڙهي سگهندين ۽ انهي جو مطلب مون کي سمجهائيندين، تہ پوءِ توکي واڱڻائي خلعت ڍڪائبي ۽ سون جو هار توکي پارائبو، ۽ تون بادشاهت ۾ ٽيون حاڪم ٿيندين.


تڏهن بيلشضر حڪم ڏنو ۽ داني ايل کي واڱڻائي خلعت ڍڪيائون، ۽ سون جو هار سندس ڳچيءَ ۾ وڌائون، ۽ سندس بابت اشتهار ڪيائون تہ هو بادشاهت جو ٽيون حاڪم شمار ڪيو وڃي.


بادشاهہ وڏي سڏ چيو تہ جادوگرن، ڪسدين ۽ فال وجهڻ وارن کي وٺي اچو. ۽ بادشاهہ بابل جي ڏاهن ماڻهن کي چيو تہ جيڪو هيءَ لکت پڙهندو، ۽ انهي جو مطلب مون کي سمجهائيندو، تنهن کي واڱڻائي خلعت ملندي، ۽ سوني زنجير ڳچيءَ ۾ وجهبس، ۽ اهو بادشاهت ۾ ٽئين درجي جو حاڪم ٿيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ