Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 6:13 - Sindhi Bible

13 ۽ هامان پنهنجي زال زرش ۽ پنهنجن دوستن کي جيڪي بہ ٿي گذريو هو سو سڀ بيان ڪري ٻڌايو. تڏهن سندس ڏاهن ماڻهن ۽ سندس زال زرش کيس چيو، تہ مردڪئي، جنهن جي اڳيان تون ڪِرڻ لڳو آهين، سو جي يهودين جي نسل جو آهي تہ تون هن تي غالب نہ ايندين، پر ضرور هن جي اڳيان ڪِرندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 هامان پنهنجي زال زرش ۽ پنهنجي سڀني دوستن کي اُهو سڀ ڪُجھہ ٻڌايو جيڪو ساڻس ٿي گذريو هو. تڏهن سندس صلاحڪارن ۽ سندس زال زرش کيس چيو تہ ”جيئن تہ مردڪئي، جنهن جي اڳيان تون پاڻ کي گھٽ سمجھڻ لڳو آهين، سو يهودي نسل جو آهي، سو تون هن سان مقابلو نہ ڪري سگھندين. تون يقيناً برباد ٿي ويندين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 6:13
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ نوڪر جيڪي ڪيو هو، سو سڀ اسحاق کي بيان ڪري ٻڌايائين.


ٽن ڏينهن جي اندر فرعون تنهنجي سسي لهرائي توکي وڻ تي لٽڪائي ڇڏيندو؛ ۽ پکي تنهنجو ماس تو مان ڇني کائيندا.


۽ هيئن ٿيو تہ صبح جو هن جي دل بيچين ٿيڻ لڳي، سو هن مصر جا سڀيئي جادوگر، ۽ اتي جا سڀ ڏاها ماڻهو گهرايا: ۽ فرعون انهن کي پنهنجو خواب ٻڌايو، پر انهن مان ڪوبہ فرعون جي خواب جي تعبير نہ ڪري سگهيو.


مصيبت ۽ ڏک هن کي ڊيڄارين ٿا، اهي هن تي غالب پون ٿا جيئن ڪو بادشاهہ جنگ لاءِ تيار هجي:


مون اهڙيون ڪيتريون ئي ڳالهيون ٻڌيون آهن: اوهين سڀ نڪما تسلي ڏيندڙ آهيو.


۽ چيائين تہ منهنجي مسح ٿيل کي هٿ نہ لائيو، ۽ منهنجي نبين کي نقصان نہ رسايو.


جيڪو سنئون سڌو هلي ٿو سو ڇڏايو ويندو، پر جيڪو ڏنگن رستن تي هلي ٿو سو هڪدم ڪري پوندو.


انهي ڪري بادشاهہ چڙي پيو، ۽ ڏاڍي ڪاوڙ لڳيس، ۽ حڪم ڪيائين تہ بابل جي سڀني ڏاهن ماڻهن کي ماري چٽ ڪري ڇڏين.


ڪير ڏاهو آهي، جو هي ڳالهيون سمجهي؟ ڪير سياڻو آهي تہ اُهي معلوم ڪري؟ ڇالاءِ جو خداوند جا رستا سنوان آهن، ۽ نيڪ ماڻهو انهن تي هلندا؛ پر گنهگار انهن تي ڪِري پوندا.


۽ خداوند کي يهوداہ جي پاڪ زمين ۾ سندس موروثي حصو ملندو، ۽ هو اڃا بہ يروشلم کي پسند ڪندو.


هو هڪڙي شينهن وانگي، ۽ هڪڙيءَ شينهڻ وانگي ڇپ ماري ويٺو، ۽ سمهي پيو؛ ڪير هن کي جاڳائيندو؟ جيڪو توکي برڪت ٿو ڏئي سو مبارڪ ٿيندو، ۽ جيڪو توتي لعنت ٿو ڪري سو لعنتي ٿيندو.


خداوند هن کي رڻ پٽ ۾، ۽ سڃي ۽ خوفناڪ بيابان ۾ لڌو هو؛ هو انهي جي آس پاس رهيو، ۽ انهي جي سنڀال ڪيائين، ۽ انهي کي پنهنجيءَ اک جي ماڻڪيءَ وانگر رکيائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ