Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 6:10 - Sindhi Bible

10 تڏهن بادشاهہ هامان کي چيو تہ جلدي ڪر ۽ جيئن تو چيو آهي، تيئن اها پوشاڪ ۽ گهوڙو وٺي وڃي مردڪئي يهوديءَ کي ڏي، جو بادشاهہ جي در تي ويٺو آهي: جيڪي تو چيو آهي تنهن مان ذرو بہ گهٽ نہ ڪجانءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 تڏهن شهنشاهہ هامان کي حڪم ڏنو تہ ”دير نہ ڪر. جلدي وڃي اُها پوشاڪ ۽ اُهو گھوڙو ڪاهي اچ ۽ جيئن چيو اٿيئي تيئن ئي مردڪئي يهوديءَ لاءِ ڪر، جيڪو شاهي قلعي جي دروازي وٽ قائم ڪيل عدالت ۾ مقرر آهي. جيڪي تو چيو آهي تنهن مان ڪابہ ڳالهہ گھٽ نہ ڪجانءِ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 6:10
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي اوهان کي خبر هجي تہ جيڪو ڪلام خداوند اخي آب جي گهراڻي جي نسبت ۾ ڪيو آهي، تنهن مان ڪجهہ بہ زمين تي نہ ڪِرندو: ڇالاءِ جو خداوند اُهو ڪيو آهي جو پنهنجي ٻانهي ايلياہ جي معرفت فرمايائين.


تڏهن هامان پوشاڪ ۽ گهوڙو وٺي وڃي مردڪئي کي پهرايو، ۽ سوار ڪري شهر جي رستي تان گهمارايائينس، ۽ سندس اڳيان منادي ڪرايائين، تہ جنهن ماڻهوءَ کي بادشاهہ عزت ڏيڻ ٿو گهُري، تنهن سان هيئن ڪرڻ ۾ ايندو.


۽ اُها پوشاڪ ۽ اُهو گهوڙو بادشاهہ جي ڪنهن تمام وڏي امير جي هٿن ۾ ڏجي تہ اُهو اُنهيءَ ماڻهوءَ کي پهرائي، جنهن کي بادشاهہ عزت ڏيڻ ٿو گهري، ۽ انهيءَ کي گهوڙي تي چاڙهي، شهر جي رستي تان گهمارائي، ۽ سندس اڳيان منادي ڪرائي، تہ جنهن ماڻهوءَ کي بادشاهہ عزت ڏيڻ ٿو گهري، تنهن سان هيئن ڪرڻ ۾ ايندو.


اوهين سڀ جي خداوند ۾ اُميد ٿا رکو، همت جهليو ۽ پنهنجين دلين کي مضبوط ڪريو.


هاڻي آءٌ نبوڪدنضر انهي آسمان جي بادشاهہ جي تعريف ۽ ساراهہ ٿو ڪريان، ۽ انهي کي تعظيم ٿو ڏيان؛ ڇالاءِ جو هن جا سڀ ڪم سچا آهن، ۽ هن جون عدالتون سچيون آهن: ۽ جيڪي مغرور آهن تن کي هو ذليل ڪري سگهي ٿو.


ڇالاءِ تہ جيڪو پاڻ کي مٿي ٿو ڪري، سو هيٺ ڪيو ويندو، ۽ جيڪو پاڻ کي هيٺ ٿو ڪري، سو مٿي ڪيو ويندو.


جيتري قدر انهي پاڻ کي شاندار ڪيو ۽ عيش عشرت ڪيائين، اوتري قدر کيس عذاب ۽ ڏک ڏيو. ڇالاءِ جو هوءَ پنهنجيءَ دل ۾ چوي ٿي تہ آئون ملڪہ وانگر ويٺي آهيان، ۽ بيوهہ نہ آهيان، ۽ ڪنهن بہ طرح ماتم نہ ڪنديس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ