Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 6:1 - Sindhi Bible

1 انهيءَ رات بادشاهہ کي ننڊ نہ آئي؛ ۽ هن حڪم ڏنو تہ تواريخ جا ڪتاب کڻي اچو، ۽ اُهي بادشاهہ جي اڳيان پڙهيا ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 انهيءَ رات شهنشاهہ کي ننڊ نہ آئي، سو هن حڪم ڏنو تہ سندس شهنشاهت جي تواريخ وارو ڪتاب وٽس آندو وڃي ۽ اهو ڪتاب آڻي سندس اڳيان پڙهيو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 6:1
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ابرهام انهيءَ هنڌ جو نالو يهوواہ يري رکيو، جيئن اڄ ڏينهن تائين بہ چوڻ ۾ ٿو اچي، تہ خداوند جي جبل تي موجود ڪيو ويندو.


۽ سندس طاقت ۽ زور جا ڪم، ۽ مردڪئي جي بزرگيءَ جو احوال، جنهن تائين بادشاهہ هن جو درجو وڌايو، تنهن جو پورو بيان مادي ۽ فارس جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهي ڇا؟


انهن ڏينهن ۾، جڏهن مردڪئي بادشاهہ جي دروازي تي ويٺو هو، تہ بادشاهہ جا ٻہ ناظر، بگتان ۽ ترش، جي دروازي جي نگهبانن مان هئا، سي ڪاوڙيا، ۽ ارادو ڪيائون تہ بادشاهہ اخسويرس سان دست درازي ڪن.


پر اها ڳالهہ مردڪئيءَ کي معلوم ٿي ويئي، جنهن وڃي راڻي آستر کي اُها ٻڌائي؛ ۽ آستر انهيءَ بابت مردڪئي جي نالي سان بادشاهہ کي خبر ڏني.


۽ جڏهن انهيءَ ڳالهہ جي جاچ ڪئي ويئي، ۽ معلوم ٿيو تہ اها سچي آهي، تڏهن انهن ٻنهي کي هڪڙي وڻ تي لٽڪائي ڇڏيائون: ۽ اها ڳالهہ بادشاهہ جي روبرو تواريخ جي ڪتاب ۾ لکي ويئي.


تہ جي مون بادشاهہ جي نظر ۾ مانُ لڌو آهي، ۽ جي بادشاهہ منهنجو عرض قبول ڪرڻ ۽ منهنجو مطلب پورو ڪرڻ ٿو گهري، تہ جيڪا مهماني آءٌ بادشاهہ ۽ هامان جي لاءِ تيار ڪنديس تنهن تي اُهي اچن، ۽ جيئن بادشاهہ فرمايو آهي تيئن آءٌ سڀاڻي ڪنديس.


غريب ۽ محتاج پاڻي ڳولين ٿا پر اهو نٿو ملين، انهن جي زبان اُڃ جي ڪري خشڪ ٿي وئي آهي؛ آءٌ خداوند انهن کي ورندي ڏيندس، آءٌ اسرائيل جو خدا انهن کي ڇڏي نہ ڏيندس.


۽ نبوڪدنضر جي بادشاهت جي ٻئي سال ۾ نبوڪدنضر ڪي خواب لڌا؛ جنهنڪري هن جو روح بي آرام ٿيڻ لڳو، ۽ سندس ننڊ ويندي رهي.


پوءِ بادشاهہ پنهنجي محلات ۾ ويو ۽ سڄي رات روزو رکيائين؛ نڪو ڪي وڄائڻ جا ساز سندس اڳيان آندا ويا: ۽ سندس ننڊ اُڏامي ويئي.


تڏهن جيڪي خدا ترس هئا، تن هڪٻئي سان گفتگو ڪئي: ۽ خداوند ڪَن ڏنو ۽ ٻُڌو، ۽ جن کي خداوند جو خوف هو، ۽ جن سندس نالي تي ڌيان ٿي ڏنو، تن جي لاءِ سندس حضور ۾ يادگاريءَ جو ڪتاب لکيو ويو.


واهہ واهہ، خدا جي دولت ۽ حڪمت ۽ علم ڪهڙو نہ بي بيان آهي! سندس فيصلا ڪهڙا نہ سمجهہ کان ٻاهر آهن، ۽ سندس رستن جو پتو پئجي نٿو سگهي!


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ