Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 5:9 - Sindhi Bible

9 تڏهن انهيءَ ڏينهن هامان سرهو ۽ خوش دل ٿي هليو ويو: پر جڏهن هامان مردڪئي کي بادشاهہ جي دروازي تي ڏٺو، ۽ هو کيس ڏسي نڪي اُٿيو نڪي چُريو، تڏهن هو مٿس ڏاڍو ڪاوڙيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 انهيءَ ڏينهن هامان ڏاڍو سرهو ۽ هشاش بشاش ٿي اتان ٻاهر نڪتو. پر جڏهن هن مردڪئيءَ کي شاهي قلعي جي دروازي وٽ ڏٺو، جيڪو کيس ڏسي اُٿي نہ بيٺو بلڪ پنهنجي جاءِ تان چريو بہ ڪين، تڏهن هامان مردڪئيءَ تي تپي باهہ ٿي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 5:9
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اها جيڪا ڳالهہ نبوت يزرعيليءَ هن کي چئي، تنهن جي ڪري اخي آب دلگير ۽ رنج ٿي پنهنجي گهر آيو: ڇالاءِ جو هن چيو هو تہ آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن جو ورثو توکي نہ ڏيندس. ۽ هو پنهنجي هنڌ تي منهن ورائي سمهي پيو ۽ ماني نہ کاڌائين.


۽ هن چيس تہ هن ڪري جو مون نبوت يزرعيليءَ کي چيو تہ مون کي پئسن تي پنهنجو ڊاک جو منهہ ڏي؛ يا جي تنهنجي مرضي هجي تہ انهيءَ جي بدران آءٌ توکي ٻيو ڊاک جو منهہ ڏيان: ۽ هن جواب ڏنو تہ آءٌ توکي پنهنجو ڊاک جو منهہ نہ ڏيندس.


۽ جڏهن ٻيو ڀيرو ڪنواريون زالون گڏ ٿيون، تڏهن مردڪئي بادشاهہ جي دروازي تي ويٺو هو.


۽ بادشاهہ جا سڀ ملازم جي بادشاهہ جي دروازي تي هوندا هئا، سي هامان جي اڳيان ڪنڌ جهڪائي سلام ڪندا هئا ۽ تعظيم ڏيندا هئس، ڇالاءِ جو اهو بادشاهہ جو حڪم هو، پر مردڪئي نڪو ڪنڌ جهڪايو، نڪا هن کي تعظيم ڏنائين.


۽ جڏهن هامان ڏٺو تہ مردڪئي سندس اڳيان نہ جهڪيو ۽ نہ کيس تعظيم ڏنائين، تڏهن هامان ڏاڍو ڪاوڙيو.


تڏهن بہ ايتري مان مون کي ڪجهہ بہ حاصل نہ آهي، جيستائين آءٌ مردڪئي يهوديءَ کي بادشاهہ جي در تي ويٺل ٿو ڏسان.


تہ شريرن جي فتحيابي ٿوري، ۽ بيدينن جي خوشي هڪڙي لحظي جي آهي؟


جيڪڏهن منهنجي تنبوءَ جي ماڻهن ائين نہ چيو هجي، تہ ڪير اهڙو ماڻهو آهي جنهن هن وٽان گوشت سان ڍءُ نہ ڪيو آهي؟


جنهن جي نظر ۾ ڪميڻو ماڻهو نفرتي آهي؛ پر جيڪي خداوند کان ڊڄن ٿا، تن جي عزت ٿو ڪري، ۽ جڏهن قسم ٿو کڻي، تڏهن پنهنجي نقصان هوندي بہ ڦري نٿو وڃي.


جيتوڻيڪ ڪو لشڪر منهنجي برخلاف تنبو کوڙيندو، تڏهن بہ منهنجي دل کي ڊپ ڪونہ ٿيندو: جيتوڻيڪ مون تي جنگ اچي ڪڙڪندي، تڏهن بہ منهنجو ڀروسو قائم رهندو.


تڏهن نبوڪدنضر سخت ڪاوڙ ۽ جوش ۾، سدرڪ، ميسڪ، ۽ عبدنجو کي گهرائڻ جو حڪم ڏنو: ۽ انهن ماڻهن کي بادشاهہ جي حضور ۾ وٺي آيا.


۽ جيڪي بدن کي ماري ٿا وجهن، پر روح کي ماري نٿا سگهن، تن کان نہ ڊڄو، پر اُنهي کان ڊڄو جو روح ۽ بدن ٻنهي کي جهنم ۾ وجهي برباد ڪري ٿو سگهي.


پوءِ جڏهن هيروديس ڏٺو تہ مجوسين مون سان ٺڳي ڪئي آهي تڏهن ڏاڍو اچي ڪاوڙيو، ۽ انهن مجوسين کان جو وقت پڇي پڪو ڪري ڇڏيو هئائين، تنهن موجب بيت الحم ۾ ۽ ان جي آس پاس وارين حدن ۾، جيڪي ڇوڪر ٻن ورهين جا ۽ انهي کان ننڍا هئا، تن سڀني کي ماڻهو موڪلي مارائي ڇڏيائين.


افسوس اوهان تي، جي هينئر ڍاول آهيو! ڇالاءِ جو اوهين بکون ڪڍندا. افسوس اوهان تي، جي هاڻي کِلو ٿا! ڇالاءِ جو اوهين ماتم ڪندا ۽ روئندا.


آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ اوهين روئندا ۽ پِٽيندا، پر دنيا خوشي ڪندي: اوهان کي ڏک ٿيندو، پر اوهان جو ڏک ڦري خوشي ٿي پوندو.


هاڻي جڏهن هنن اهي ڳالهيون ٻُڌيون، تڏهن دل ۾ سڙي ويا، ۽ هن تي ڏند ڪرٽڻ لڳا.


افسوس ۽ ماتم ڪريو ۽ روئو: اوهان جو کلڻ بدلجي ماتم ٿيڻ گهرجي ۽ اوهان جي خوشي دلگيري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ