Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 5:4 - Sindhi Bible

4 آستر چيو تہ جي بادشاهہ جي نظر ۾ مناسب هجي، تہ اڄ جيڪا مهماني سندس لاءِ مون تيار ڪئي آهي، تنهن تي بادشاهہ ۽ هامان اچن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 آستر کيس وراڻيو تہ ”جيڪڏهن شهنشاهہ سلامت کي سٺو لڳي تہ اڄ اوهان شهنشاهہ سلامت ۽ هامان منهنجي دعوت کائين، جيڪا مون اوهان لاءِ تيار ڪئي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 5:4
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن چيائينس تہ اهو کاڌو مون وٽ کڻي اچ تہ آءٌ پنهنجي پٽ جي شڪار مان کاوان، ۽ توکي برڪت ڏيان. ۽ هن اهو سندس ويجهو آندو ۽ هن کاڌو: ۽ پوءِ هن مئي بہ آڻي ڏنس، سا بہ پيتائين.


تہ اِجهو تنهنجو ٻانهو يعقوب اسان جي پٺيان پيو اچي. ڇالاءِ جو هن چيو تہ هيءَ سوغات جا مون کان اڳ ۾ وٺيو ٿا وڃن، تنهن سان آءٌ هن جي ڪاوڙ ڍري ڪندس، ۽ پوءِ سندس منهن ڏسندس؛ تہ من هو مون کي قبول ڪري.


ساڳيءَ طرح راڻي وشتي، جيڪو شاهي گهر بادشاهہ اخسويرس جو هو، تنهن ۾ زالن جي مهماني ڪئي.


بادشاهہ جي حڪم موجب ٽپالي سعيي سان روانا ٿيا، ۽ اهو حڪم سوسن جي محلات ۾ بہ پڌرو ڪيو ويو: ۽ بادشاهہ ۽ هامان گڏجي شراب پيئڻ ويٺا؛ پر سوسن جو شهر حيران ٿي ويو.


تڏهن بادشاهہ چيس تہ راڻي آستر، تنهنجي ڪهڙي مرضي آهي؟ جي اڌ بادشاهت کڻي گهرين تہ بہ توکي ڏني ويندي.


تڏهن بادشاهہ چيو تہ هامان کي سعيو ڪريو تہ جلدي ڪري، ۽ جيئن آستر چيو آهي تيئن ڪري. نيٺ بادشاهہ ۽ هامان انهيءَ مهمانيءَ تي آيا جا آستر تيار ڪئي هئي:


تہ جي مون بادشاهہ جي نظر ۾ مانُ لڌو آهي، ۽ جي بادشاهہ منهنجو عرض قبول ڪرڻ ۽ منهنجو مطلب پورو ڪرڻ ٿو گهري، تہ جيڪا مهماني آءٌ بادشاهہ ۽ هامان جي لاءِ تيار ڪنديس تنهن تي اُهي اچن، ۽ جيئن بادشاهہ فرمايو آهي تيئن آءٌ سڀاڻي ڪنديس.


جيڪو ماڻهو رحم ڪري اُڌارو ٿو ڏئي تنهن جو ڀلو ٿيندو؛ هو پنهنجو ڪم ڪار سچائيءَ سان ڪندو.


بي عقل پنهنجي سڀ ڪاوڙ ظاهر ڪيو وجهي، پر ڏاهو ماڻهو اُها پٺ تي رکي ڇڏي ۽ انهي کي ماٺو ڪري ٿو.


اي ڀائرو، اوهين سمجهہ ۾ ٻار نہ ٿيو، بديءَ ۾ تہ ٻارڙا ٿيا، پر سمجهہ ۾ بالغ ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ