Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 5:3 - Sindhi Bible

3 تڏهن بادشاهہ چيس تہ راڻي آستر، تنهنجي ڪهڙي مرضي آهي؟ جي اڌ بادشاهت کڻي گهرين تہ بہ توکي ڏني ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 پوءِ شهنشاهہ پڇيس تہ ”اي راڻي آستر، ڪيئن آئي آهين؟ تو کي ڇا گھرجي؟ جيڪڏهن اڌ شهنشاهت جو گھرندينءَ تہ اهو بہ تو کي ڏنو ويندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 5:3
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هوءَ چوڻ لڳي تہ آءٌ توکي هڪڙو خسيس سوال ٿي ڪريان؛ اهو تون رد نہ ڪج. ۽ بادشاهہ هن کي چيو تہ امان ڀلي ڪر: آءٌ تنهنجي ڳالهہ رد نہ ڪندس.


جبعون ۾ خداوند سليمان کي رات جو خواب ۾ ڏيکاري ڏني: ۽ خدا چيو تہ ٻڌاءِ تہ آءٌ توکي ڇا ڏيان؟


تڏهن بادشاهہ مون کي چيو تہ تنهنجو مطلب ڪهڙو آهي؟ تڏهن مون آسمان جي خدا کان دعا گهري.


آستر چيو تہ جي بادشاهہ جي نظر ۾ مناسب هجي، تہ اڄ جيڪا مهماني سندس لاءِ مون تيار ڪئي آهي، تنهن تي بادشاهہ ۽ هامان اچن.


۽ بادشاهہ شراب پيئڻ مهل آستر کي چيو تہ تنهنجو عرض ڪهڙو آهي تہ اهو قبول ڪيو وڃي: ۽ تنهنجو سوال ڪهڙو آهي؟ بادشاهت جي اڌ تائين بہ اُهو پورو ڪيو ويندو.


۽ ٻئي ڏينهن بہ شراب پيئڻ مهل بادشاهہ وري آستر کي چيو تہ راڻي آستر، تنهنجو ڪهڙو عرض آهي؟ ٻڌاءِ تہ اُهو قبول ڪيو وڃي: ۽ تنهنجو سوال ڪهڙو آهي؟ ٻڌاءِ تہ بادشاهت جي اڌ تائين اُهو پورو ڪيو وڃي.


۽ بادشاهہ آستر راڻيءَ کي چيو تہ يهودين سوسن جي محلات ۾ پنج سؤ ماڻهو، ۽ هامان جا ڏهہ پٽ ڪُهي چٽ ڪيا آهن؛ تڏهن هنن بادشاهہ جي ٻين پرڳڻن ۾ ڇا ڪيو هوندو؟ هاڻي تنهنجو عرض ڪهڙو آهي؟ تہ اُهو قبول ڪيو وڃي: يا تنهنجو وڌيڪ ٻيو سوال ڪهڙو آهي؟ تہ اُهو پورو ڪيو وڃي.


۽ قسم کڻي چيائينس تہ اڌ بادشاهت تائين جيڪي بہ گهرندئين سو ڏيندوسانءِ.


تنهنجي ڪهڙي مرضي آهي تہ آئون تنهنجي لاءِ ڇا ڪريان؟ هن چيو تہ اي خداوند، هيءُ تہ مون کي ديد ملي.


تڏهن پلٽڻ جي سردار هٿ کان وٺي پاسي ڪري خلاصو ٿي پڇيس تہ مون کي ڇا چوڻو اٿيئي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ