آستر 5:2 - Sindhi Bible2 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن بادشاهہ راڻي آستر کي ايوان ۾ بيٺل ڏٺو، تڏهن هن سندس نظر ۾ ڏاڍو مانُ لڌو: ۽ بادشاهہ سوني لٺ، جا هٿ ۾ هيس سا کڻي آستر ڏانهن جهليائين. تڏهن آستر ويجهو اچي لٺ جي چوٽيءَ کي هٿ لاتو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible2 جڏهن شهنشاهہ راڻي آستر کي ايوان جي آڏو بيٺل ڏٺو، تڏهن هو راڻيءَ تي مهربان ٿيو ۽ سندس هٿ ۾ جيڪا سوني شاهي لٺ هئي سا آستر ڏانهن وڌايائين. آستر اڳتي وڌي اچي لٺ جي چوٽيءَ کي ڇهيو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
بادشاهہ جا سڀ ملازم، ۽ بادشاهہ جي پرڳڻن جا ماڻهو، چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا، تہ ڪوبہ مرد يا زال، جو بنا ڪوٺ اندرينءَ جاءِ ۾ بادشاهہ وٽ لنگهي ايندو، تنهن جي لاءِ هڪڙو ئي قاعدو آهي، تہ قتل ڪيو ويندو، سواءِ اُنهيءَ جي، جنهن ڏانهن پاڻ بادشاهہ پنهنجي سوني لٺ ڪڍي جهلي تہ انهيءَ کي جيئدان ملي: پر هنن ٽيهن ڏينهن ۾ بادشاهہ اندر اچڻ لاءِ مون کي نہ سڏيو آهي.