Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 5:11 - Sindhi Bible

11 ۽ هامان انهن کي پنهنجي وڏي دولت، ۽ گهڻي اولاد، ۽ جن سڀني ڳالهين ڪري بادشاهہ هن جو درجو وڌايو هو تن جو، ۽ ڪيئن هن کي چاڙهي ٻين اميرن، ۽ بادشاهہ جي ملازمن کان مٿي ڪيو هئائين، تنهن جو بيان ڪري ٻڌايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 هو انهن جي اڳيان پنهنجي گھڻيءَ دولت، گھڻي اولاد جو ذڪر ڪندي ۽ اهي سڀ ڳالهيون ڪندي ڊاڙون هڻڻ لڳو، جن جي ڪري شهنشاهہ سندس عزت وڌائي هئي ۽ کيس ٻين اميرن ۽ عملدارن کان مٿاهون بڻايو هئائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 5:11
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن لابن جي پٽن جون ڳالهيون ٻڌيون، جو چيائون ٿي تہ يعقوب اسان جي پيءُ جو سڀ ڪجهہ کڻي ويو آهي، ۽ اسان جي پيءُ جي مال مان هيترو شان حاصل ڪيو اٿس.


تڏهن هن گهڻن ڏينهن تائين، يعني هڪ سؤ اسي ڏينهن تائين، وڏي بادشاهت جي دولت، ۽ پنهنجي وڏي عظمت ۽ عزت پئي ڏيکاري.


انهن ڳالهين کانپوءِ بادشاهہ اخسويرس، هامان بن همداتا اجاجيءَ کي درجي ۾ وڌايو ۽ چاڙهي مٿي ڪيائينس، ۽ جيڪي امير وٽس هوندا هئا، تن سڀني کان هن جي جاءِ مٿي ڪيائين.


۽ مردڪئي بادشاهہ جي حضور مان آسماني ۽ اڇي رنگ جي شاهي پوشاڪ ۾، ۽ هڪڙي وڏي سوني ڇٽ، ۽ هڪڙي عمدي سڻيءَ جي ۽ واڱڻائي رنگ جي قبا سان نڪري آيو: ۽ سوسن جو شهر نعرا هڻي خوش ٿيو.


جيڪي پنهنجيءَ دولت تي ڀروسو ٿا رکن، ۽ پنهنجي گهڻيءَ ملڪيت تي ٿا ڪُڏن؛


تن مان ڪنهن کي بہ طاقت نہ آهي جو پنهنجي ڀاءُ کي ڇڏائي سگهي، يا خدا کي انهي جو عيوضو ڀري ڏئي.


آءٌ هميشہ تنهنجو شڪرگذار رهندس، ڇو جو تو ائين ڪيو آهي: آءٌ تنهنجي پاڪ بندن جي اڳيان تنهنجي نالي جو منتظر رهندس ڇالاءِ جو اُهو چڱو آهي.


ڇالاءِ جو هو چوي ٿو تہ منهنجا سڀ سردار بادشاهہ ناهن ڇا؟


تڏهن بادشاهہ چيو، تہ هي اُهو وڏو بابل ناهي ڇا، جو مون بادشاهہ جي رهڻ لاءِ پنهنجي اختياريءَ جي طاقت سان، ۽ پنهنجي وڏائيءَ جي شان ۽ شوڪت سان جوڙايو آهي؟


۽ شاگرد هن جي ڳالهين تي حيران ٿي ويا، پر يسوع وري ورندي ڏيئي چين، تہ اي ٻارو، جنهن جو ڀروسو دولت تي آهي، تنهن جو خدا جي بادشاهت ۾ گهڙڻ ڪهڙو نہ مشڪل آهي!


جيڪي هن موجودہ جهان ۾ دولتمند آهن تن کي حڪم ڏي تہ مغرور نہ ٿين، نڪي بي بقا دولت تي اُميد آسرو رکن، بلڪ خدا تي، جو اسان کي سڀ شيون ڪم آڻڻ لاءِ ڪثرت سان ٿو ڏئي؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ