6 اُن موجب هتاڪ شهر جي ڪشادي ميدان ۾، ۽ بادشاهہ جي دروازي جي اڳيان، مردڪئي وٽ ويو.
6 سو هتاڪ شاهي قلعي جي دروازي جي سامهون شهر جي کُليل چونڪ ۾ مردڪئيءَ وٽ آيو.
۽ سڀ ڪنهن پرڳڻي ۾، جتي جتي بادشاهہ جو حڪم ۽ پروانو آيو، اُتي بہ ڏاڍو ماتم پئجي ويو، ۽ انهن روزا رکيا، ۽ رُنو، ۽ دانهون ڪيون؛ ۽ گهڻا کٿن ۾ ۽ خاڪ تي ويهڻ لڳا.
تڏهن بادشاهہ جي ناظرن مان هڪڙو، هتاڪ، جنهن کي بادشاهہ راڻيءَ جي خدمت ۾ حاضر رهڻ لاءِ مقرر ڪيو هو، تنهن کي آستر سڏائي حڪم ڏنو تہ مردڪئي وٽ وڃي کانئس خبر وٺ تہ هي ڇا آهي، ۽ انهيءَ جو ڪهڙو سبب آهي؟
۽ مردڪئي جيڪي ٿي گذريو هو، سو هن کي ٻڌايو، ۽ يهودين کي ناس ڪرڻ جي لاءِ انهن جي بِلي جيترن پئسن جي رقم بادشاهہ جي خزانن ۾ پهچائي ڏيڻ جو هامان انجام ڪيو هو، سو بہ پوريءَ طرح ٻڌايائينس.
۽ ٻئي ڏينهن بہ شراب پيئڻ مهل بادشاهہ وري آستر کي چيو تہ راڻي آستر، تنهنجو ڪهڙو عرض آهي؟ ٻڌاءِ تہ اُهو قبول ڪيو وڃي: ۽ تنهنجو سوال ڪهڙو آهي؟ ٻڌاءِ تہ بادشاهت جي اڌ تائين اُهو پورو ڪيو وڃي.
۽ بادشاهہ آستر راڻيءَ کي چيو تہ يهودين سوسن جي محلات ۾ پنج سؤ ماڻهو، ۽ هامان جا ڏهہ پٽ ڪُهي چٽ ڪيا آهن؛ تڏهن هنن بادشاهہ جي ٻين پرڳڻن ۾ ڇا ڪيو هوندو؟ هاڻي تنهنجو عرض ڪهڙو آهي؟ تہ اُهو قبول ڪيو وڃي: يا تنهنجو وڌيڪ ٻيو سوال ڪهڙو آهي؟ تہ اُهو پورو ڪيو وڃي.