Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 4:5 - Sindhi Bible

5 تڏهن بادشاهہ جي ناظرن مان هڪڙو، هتاڪ، جنهن کي بادشاهہ راڻيءَ جي خدمت ۾ حاضر رهڻ لاءِ مقرر ڪيو هو، تنهن کي آستر سڏائي حڪم ڏنو تہ مردڪئي وٽ وڃي کانئس خبر وٺ تہ هي ڇا آهي، ۽ انهيءَ جو ڪهڙو سبب آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 تڏهن راڻي آستر شهنشاهہ جي هڪ خواجہ‌سرا خدمتگار هتاڪ کي پاڻ وٽ گھرايو، جنهن کي شهنشاهہ سندس خدمت ۾ حاضر رهڻ لاءِ مقرر ڪيو هو. راڻي آستر کيس حڪم ڏنو تہ مردڪئيءَ وٽ وڃي کانئس احوال وٺي تہ اهو سڀ ڪجھہ ڇا آهي ۽ انهيءَ جو ڪهڙو سبب آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 4:5
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ستين ڏينهن جڏهن بادشاهہ جي دل شراب جي ڪري خوش ٿي، تڏهن هن مهومان، بزتا، خربوناہ، بگتا، ۽ ابگتا، ۽ زتار، ۽ ڪرڪس کي حڪم ڏنو، جي ست ناظر اخسويرس بادشاهہ جي اڳيان خدمت ڪندا هئا،


پر راڻيءَ وشتيءَ بادشاهہ جي حڪم تي ناظرن سان اچڻ کان انڪار ڪيو: تنهنڪري بادشاهہ ڏاڍو ڪاوڙيو، ۽ ڪاوڙ منجهس ڏاڍي جوش واري ٿيڻ لڳي.


تڏهن آستر هتاڪ کي مردڪئي ڏانهن پيغام ڏيئي موڪليو تہ:


۽ آستر جي سهيلين ۽ سندس ناظرن کيس اها ڳالهہ اچي ٻڌائي؛ ۽ راڻي کي ڏاڍو ڏک ٿيڻ لڳو: ۽ هن ڪپڙا موڪليا تہ مردڪئي تان کٿو لهرائي اُهي ڍڪائينس؛ پر هن اُهي نہ ورتا.


اُن موجب هتاڪ شهر جي ڪشادي ميدان ۾، ۽ بادشاهہ جي دروازي جي اڳيان، مردڪئي وٽ ويو.


پوءِ هتاڪ اچي آستر کي مردڪئي جون ڳالهيون ٻڌايون.


جيڪي خوشي ڪن تن سان خوشي ڪريو ۽ جيڪي روئن تن سان روئو.


۽ جي هڪڙي عضوي کي ايذاءُ ٿو رسي، تہ سڀني عضون کي انهي سان گڏ ايذاءُ ٿو رسي، يا جي هڪڙي عضوي کي عزت ٿي ملي، تہ سڀني عضون کي انهي سان گڏ خوشي ٿي ٿئي.


اوهان مان ڪوبہ رڳو پنهنجيءَ حالت تي نظر نہ ڪري، پر ٻين جي تي بہ ڪري.


ڇالاءِ جو اسان جو سردار ڪاهن اهڙو ناهي جو اسان جي ڪمزورين ۾ اسان سان همدردي ڪري نہ سگهي، پر اهڙو آهي جو سڀني ڳالهين ۾ اسان وانگر آزمايو ويو، تہ بہ بيگناهہ رهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ