17 تڏهن مردڪئي هليو ويو ۽ جيئن آستر حڪم ڏنو هوس، تيئن ڪيائين.
17 تڏهن مردڪئيءَ وڃي اهو سڀ ڪجھہ ڪيو جيڪو آستر کيس چوائي موڪليو هو.
جيڪي يهودي هن وقت سوسن ۾ آهن سي سڀ گڏ ٿيو، ۽ منهنجي لاءِ روزو رکو، ۽ ٽن ڏينهن تائين، رات جو توڙي ڏينهن جو، نڪي کائو نڪي پيئو: آءٌ ۽ منهنجون سهيليون بہ ساڳيءَ طرح روزو رکنديونسين؛ پوءِ اُنهيءَ حال ۾ آءٌ بادشاهہ وٽ وينديس، جيتوڻيڪ ائين ڪرڻ قاعدي موجب نہ آهي: پوءِ جي آءٌ مُيس، تہ ڀلي مران.
هاڻي ٽئين ڏينهن هيئن ٿيو تہ آستر شاهاڻي پوشاڪ ڍڪي، ۽ بادشاهہ جي گهر جي سامهون، بادشاهہ جي گهر جي اندرين ايوان ۾ وڃي بيٺي: ۽ بادشاهہ پنهنجي شاهي محلات ۾، گهر جي در جي سامهون پنهنجي شاهي تخت تي ويٺو هو.