Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 4:16 - Sindhi Bible

16 جيڪي يهودي هن وقت سوسن ۾ آهن سي سڀ گڏ ٿيو، ۽ منهنجي لاءِ روزو رکو، ۽ ٽن ڏينهن تائين، رات جو توڙي ڏينهن جو، نڪي کائو نڪي پيئو: آءٌ ۽ منهنجون سهيليون بہ ساڳيءَ طرح روزو رکنديونسين؛ پوءِ اُنهيءَ حال ۾ آءٌ بادشاهہ وٽ وينديس، جيتوڻيڪ ائين ڪرڻ قاعدي موجب نہ آهي: پوءِ جي آءٌ مُيس، تہ ڀلي مران.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 ”وڃ، سوسن شهر ۾ هن وقت جيڪي بہ يهودي آهن تن سڀني کي گڏ ڪري کين تاڪيد ڪر تہ اهي ٽن ڏينهن تائين منهنجي لاءِ روزو رکن، رات جو توڙي ڏينهن جو هو نڪي کائين نڪي پيئن. آءٌ ۽ منهنجيون ٻانهيون بہ ائين ئي روزو رکنديونسين. پوءِ آءٌ شهنشاهہ وٽ وينديس، جيتوڻيڪ ائين ڪرڻ قانون جي خلاف آهي، پوءِ جي منهنجي جان وڃي تہ ڀلي وڃي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 4:16
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو مون کي هن جي خبر آهي تہ هو ضرور پنهنجن ٻارن کي ۽ پنهنجي خاندان کي، جو کانئس پوءِ ٿيندو، تنهن کي حڪم ڪندو تہ هو خداوند جي واٽن تي قائم رهن، انصاف ۽ عدالت ڪن؛ انهيءَ لاءِ تہ خداوند جيڪي ابرهام جي بابت چيو آهي سو پورو ڪري.


شل قادر مطلق خدا انهيءَ ماڻهوءَ کي اوهان تي مهربان ڪري تہ هو اوهان جي ٻئي ڀاءُ کي ۽ بنيمين کي آزاد ڪري اوهان کي ڏئي.


چڱي همت جهل تہ پنهنجي قوم لاءِ، ۽ پنهنجي خدا جي شهرن لاءِ بهادري ڏيکاريون: پوءِ خداوند کي جيڪي وڻي سو ڪري.


جيڪڏهن اسين چونداسين تہ شهر ۾ ٿا گهڙون، تہ ڏڪار اڳيئي شهر ۾ آهي، ۽ اسين اُتي مري وينداسين: ۽ جي هتي ماٺ ڪيو ويٺا هونداسين، تہ بہ مري وينداسين. تنهنڪري هاڻي هلو تہ هلي ارامين جي لشڪر جي وچ ۾ پئون: جي هنن اسان کي جيئرو بچايو تہ جيئرا رهنداسين؛ ۽ جي اسان کي ماريائون تہ بہ نيٺ مرنداسين.


تڏهن يهوسفط ڊنو ۽ خداوند جي ڳولا ڪرڻ لڳو؛ ۽ اشتهار ڪرايائين تہ ساري يهوداہ ۾ ماڻهو روزو رکن.


تنهن کانپوءِ، اهوا نديءَ وٽ مون روزو رکڻ جو اشتهار ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ اسين پاڻ کي پنهنجي خدا جي اڳيان نماڻا ڪريون، ۽ انهيءَ کان پنهنجي لاءِ، ۽ پنهنجن ٻارن لاءِ، سنئون رستو گهرون، ۽ پنهنجي مال ملڪيت لاءِ بہ سوال ڪريون.


تڏهن آستر هنن کي چيو تہ مردڪئي کي هيءَ ورندي ڏجو تہ


تڏهن مردڪئي هليو ويو ۽ جيئن آستر حڪم ڏنو هوس، تيئن ڪيائين.


۽ سڀ ڪنهن پرڳڻي ۾، جتي جتي بادشاهہ جو حڪم ۽ پروانو آيو، اُتي بہ ڏاڍو ماتم پئجي ويو، ۽ انهن روزا رکيا، ۽ رُنو، ۽ دانهون ڪيون؛ ۽ گهڻا کٿن ۾ ۽ خاڪ تي ويهڻ لڳا.


هاڻي ٽئين ڏينهن هيئن ٿيو تہ آستر شاهاڻي پوشاڪ ڍڪي، ۽ بادشاهہ جي گهر جي سامهون، بادشاهہ جي گهر جي اندرين ايوان ۾ وڃي بيٺي: ۽ بادشاهہ پنهنجي شاهي محلات ۾، گهر جي در جي سامهون پنهنجي شاهي تخت تي ويٺو هو.


انهيءَ لاءِ تہ اهي پوريم جا ڏينهن، ٺهرايل وقتن تي، جيئن مردڪئي يهوديءَ ۽ راڻي آستر کين حڪم ڪيو هو، ۽ جيئن هنن پاڻ پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي اولاد لاءِ، روزن رکڻ، ۽ ماتم ڪرڻ جي نسبت ۾ ٺهراءُ ڪيو هو، تيئن قائم رکندا اچن.


۽ انهي ڏينهن خداوند، لشڪرن جي خداوند، اوهان کي رئڻ ۽ ماتم ڪرڻ لاءِ، ۽ مٿي ڪوڙائڻ ۽ چيلهہ تي کٿي ٻڌڻ لاءِ سڏيو:


هاڻي يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم بن يوسياہ جي پنجين ورهيہ جي نائين مهيني ۾ هيئن ٿيو تہ يروشلم جي سڀني ماڻهن ۽ يهوداہ جي شهرن مان جيڪي ماڻهو يروشلم ۾ آيا تن سڀني خداوند جي اڳيان روزي رکڻ جو اشتهار ڪيو.


انهي لاءِ تہ هو اُنهي ڳجهہ لاءِ آسمان جي خدا کان رحمت جو سوال ڪن؛ تہ داني ايل ۽ سندس سنگتي بابل جي ٻين ڏاهن ماڻهن سان گڏ ناس نہ ٿين.


ڇالاءِ جو جيئن يوناہ ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون مانگر مڇ جي پيٽ ۾ پيو هو، تيئن ابن آدم بہ ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون زمين جي پيٽ ۾ رهندو.


ڇوتہ جيڪو ڀانئين تہ پنهنجي جان بچايان سو اُها وڃائيندو، پر جيڪو منهنجي ڪاڻ پنهنجي جان وڃائيندو، سو ئي اُنهي کي بچائيندو.


پلاطس ورندي ڏني، تہ جيڪي لکيم سو لکيم.


۽ جنهن ملائڪ ساڻس ڳالهايو، سو جڏهن هليو ويو، تڏهن هن پنهنجي ٻن نوڪرن کي، ۽ جيڪي سپاهي هميشہ سندس خدمت ۾ رهندا هئا، تن مان هڪڙي ديندار سپاهيءَ کي سڏيو،


پر مون کي پنهنجي جان جو فڪر ڪونهي، نڪي اُنهيءَ سان اهڙي دل اٿم، فقط اِهو فڪر اٿم تہ آئون پنهنجو دور پورو ڪريان، ۽ جيڪا خدمت خداوند يسوع کان مون کي ملي آهي، سا پوري ڪريان؛ يعني خدا جي فضل جي خوشخبري ٻڌائيندو رهان.


تنهن تي هن ورندي ڏني، تہ اوهين هي ڇا ٿا ڪريو، جو روئي رڙي منهنجي دل ٿا ڀڃو! ڇالاءِ جو آئون تہ خداوند يسوع جي نالي تي يروشلم ۾ نہ رڳو ٻَڌجڻ لاءِ تيار آهيان، پر مرڻ لاءِ بہ.


اڃا صبح ٿيڻ تي هو تہ پولس سڀني کي عرض ڪيو تہ ڪجهہ کائو، ۽ چيائين تہ اوهان کي انتظار ڪندي ڪندي، ۽ بکون ڪڍندي اڄ ڏهون ڏينهن اچي ٿيو آهي، جو ڪي بہ ڪين کاڌو اٿوَ.


۽ ٽي ڏينهن هو ڏسي نٿي سگهيو، ۽ نڪي کاڌائين نڪي پيتائين.


جي منهنجي حياتيءَ جي لاءِ پنهنجو سر ڏيڻ لاءِ تيار هئا، تن جو نہ فقط آئون شڪرگذار آهيان، پر غير قومن جو سڀ ڪليسيائون بہ.


ڇالاءِ جو هو مسيح جي ڪم جي ڪري مرڻ تي هو، ۽ پنهنجي جان جوکي ۾ وڌائين، انهي لاءِ تہ منهنجي خدمت ۾ اوهان جي طرفان جيڪا گهٽتائي هئي، سا پوري ڪري.


۽ جيڪڏهن خداوند جي عبادت ڪرڻ اوهان کي خراب نظر ۾ اچي، تہ اڄوڪي ڏينهن فيصلو ڪريو تہ ڪنهن جي عبادت ڪرڻ گهرو ٿا: اُهي معبود جن جي عبادت اوهان جا ابا ڏاڏا نديءَ جي هن ڀر ڪندا هئا، يا امورين جا معبود جن جي ملڪ ۾ اوهين رهو ٿا: پر آءٌ ۽ منهنجو گهراڻو، اسين خداوند جي عبادت ڪنداسين.


ڇالاءِ جو هن پنهنجو ساهہ تري تي رکي هن فلستيءَ کي ماريو، ۽ خداوند ساري اسرائيل کي هڪڙي وڏي فتح حاصل ڪرائي: تو پاڻ اها ڏٺي ۽ خوشي ظاهر ڪئي: تڏهن ڇو هن بيگناهہ جو رت هارڻ ٿو گهرين ۽ بي سبب هن کي مارائڻ ٿو گهرين؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ