Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 4:11 - Sindhi Bible

11 بادشاهہ جا سڀ ملازم، ۽ بادشاهہ جي پرڳڻن جا ماڻهو، چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا، تہ ڪوبہ مرد يا زال، جو بنا ڪوٺ اندرينءَ جاءِ ۾ بادشاهہ وٽ لنگهي ايندو، تنهن جي لاءِ هڪڙو ئي قاعدو آهي، تہ قتل ڪيو ويندو، سواءِ اُنهيءَ جي، جنهن ڏانهن پاڻ بادشاهہ پنهنجي سوني لٺ ڪڍي جهلي تہ انهيءَ کي جيئدان ملي: پر هنن ٽيهن ڏينهن ۾ بادشاهہ اندر اچڻ لاءِ مون کي نہ سڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 ”شهنشاهہ جا سڀيئي عملدار ۽ شاهي صوبن جا سڀيئي ماڻهو چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا تہ ڪوبہ مرد يا ڪابہ عورت، جيڪڏهن بنا گھرائڻ جي شهنشاهہ جي درٻارِخاص ۾ لنگھي ايندو تہ انهيءَ جي لاءِ رڳو هڪڙو ئي قانون آهي تہ کيس قتل ڪيو وڃي. سواءِ ان جي جنهن ڏانهن پاڻ شهنشاهہ پنهنجي سوني شاهي لٺ ڊگھيري تہ انهيءَ کي جيئدان ملي. پر مهينو ٿيندو جو شهنشاهہ مون کي پاڻ وٽ ڪين گھرايو آهي سو آءٌ وٽس ڪيئن وڃان؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 4:11
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن بادشاهہ جي مرضي هجي تہ هڪڙو شاهي اشتهار جاري ڪيو وڃي ۽ فارسين ۽ مادين جي قاعدن ۾ اهو لکيو وڃي ۽ وري نہ بدلي، تہ وشتي وري ڪڏهن بہ بادشاهہ اخسويرس جي اڳيان نہ اچي: ۽ بادشاهہ ان جو شاهي درجو ڪنهن ٻيءَ زال کي ڏئي، جا کانئس بهتر هجي.


شام جو هوءَ ويندي هئي ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو ٻئي زنانخاني ۾ موٽي اچي شعشجز جي حوالي ڪئي ويندي هئي، جو بادشاهہ جو ناظر هو، ۽ سريتن جي نگهباني ڪندو هو: هوءَ وري ٻيو ڀيرو بادشاهہ وٽ نہ ايندي هئي، سواءِ ان جي تہ اُها بادشاهہ کي پسند اچي، ۽ اُهو نالي سان کيس وري گهرائي.


تڏهن آستر هتاڪ کي مردڪئي ڏانهن پيغام ڏيئي موڪليو تہ:


۽ آستر جي اها ڳالهہ مردڪئي کي وڃي ٻڌايائون.


۽ بادشاهہ چيو تہ ايوان ۾ ڪير آهي؟ هاڻي بادشاهہ جي گهر جي ٻاهرين پاسي ايوان ۾ هامان آيو هو، انهيءَ لاءِ تہ بادشاهہ کي چوي تہ جيڪا سوري مردڪئي جي لاءِ ٺهرائي هئائين، تنهن تي انهيءَ کي چاڙهي.


تڏهن بادشاهہ سوني لٺ آستر ڏانهن جهلي. تنهن تي آستر اُٿي بادشاهہ جي اڳيان بيهي رهي.


پر جي اوهين مون کي اُهو خواب ياد نہ ڏياريندا تہ اوهان جي لاءِ فقط هڪڙو ئي حڪم آهي: ڇالاءِ جو اوهان منهنجي آڏو ڪوڙ، ۽ ٺڳيءَ جي ڳالهين ڪرڻ جي تياري ڪئي آهي، تہ ڀلي وقت ٽري وڃي: تنهنڪري مون کي خواب ٻڌايو، تہ پوءِ آءٌ ڄاڻندس تہ اوهين انهي جو تعبير بہ بيان ڪري سگهندا.


۽ اوهين جي مرد آهيو، سي بہ ساڳيءَ طرح پنهنجين زالن کي نازڪ ظرف سمجهي ساڻن سياڻپ سان هلو، ۽ پاڻ کي انهن سان زندگيءَ جي نعمت جي ورثي ۾ شريڪ ڄاڻي، کين عزت ڏيو؛ انهي لاءِ تہ اوهان جون دعائون روڪجي نہ وڃن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ