Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 3:9 - Sindhi Bible

9 جيڪڏهن بادشاهہ جي مرضي هجي تہ اهڙو حڪم لکيو وڃي تہ انهن کي ناس ڪري ڇڏجي: ۽ آءٌ چانديءَ جا ڏهہ قنطار انهن ماڻهن جي هٿن ۾ ڏيندس، جي بادشاهہ جو ڪم ڪار ٿا ڪن، تہ اُهي بادشاهہ جي خزانن ۾ پهچائي ڏين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 جيڪڏهن شهنشاهہ سلامت جي مرضي هجي تہ انهيءَ قوم کي ناس ڪرڻ لاءِ هڪڙو حڪم جاري ڪيو وڃي. آءٌ اهو ڪم ڪندڙن لاءِ ٽي لک ڪلوگرام چاندي شاهي خزاني ۾ جمع ڪرائيندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 3:9
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ابرهام، عفرون جي ڳالهہ قبول ڪئي؛ ۽ ابرهام اوتري چاندي، جيتري هن حت جي پٽن جي روبرو چئي هئي، يعني چانديءَ جا چار سؤ سڪا، جي واپارين ۾ چالو هئا، سي توري ڏنائينس.


تڏهن بادشاهہ پنهنجي هٿ مان منڊي لاهي يهودين جي دشمن هامان بن همداتا اجاجيءَ کي ڏني.


۽ هامان بادشاهہ اخسويرس کي چيو تہ هڪڙي قوم آهي، جا بادشاهت جي سڀني پرڳڻن ۾ ۽ ٻين قومن ۾، گڏيل ۽ پري پري پکڙيل آهي؛ ۽ انهن جا قاعدا ٻين سڀني قومن جي قاعدن کان علحدا آهن؛ هو بادشاهہ جي قاعدن تي نٿا هلن: تنهنڪري انهن کي ائين ڇڏي ڏيڻ مان بادشاهہ کي ڪوبہ فائدو ڪونهي.


۽ مردڪئي جيڪي ٿي گذريو هو، سو هن کي ٻڌايو، ۽ يهودين کي ناس ڪرڻ جي لاءِ انهن جي بِلي جيترن پئسن جي رقم بادشاهہ جي خزانن ۾ پهچائي ڏيڻ جو هامان انجام ڪيو هو، سو بہ پوريءَ طرح ٻڌايائينس.


ڇالاءِ جو آءٌ ۽ منهنجي قوم وڪيا ويا آهيون، انهيءَ لاءِ تہ ناس ٿيون، ۽ مارجي چٽ ٿي وڃون. پر جي اسين ٻانها ۽ ٻانهيون ٿي وڪامون ها تہ آءٌ ماٺ ڪري ويهان ها، جيتوڻيڪ دشمن بادشاهہ جي نقصان جو ڪوبہ عيوضو ڏيئي نہ سگهي ها.


هاڻي انهي وقت ڪي ڪسدي ويجها آيا، ۽ يهودين تي تهمت آندائون.


۽ جڏهن هنن سان ليکو لاهڻ لڳو، تڏهن وٽس هڪڙو ماڻهو وٺي آيا، جنهن ڏانهن سندس ڏهہ هزار قنطار هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ