Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 3:8 - Sindhi Bible

8 ۽ هامان بادشاهہ اخسويرس کي چيو تہ هڪڙي قوم آهي، جا بادشاهت جي سڀني پرڳڻن ۾ ۽ ٻين قومن ۾، گڏيل ۽ پري پري پکڙيل آهي؛ ۽ انهن جا قاعدا ٻين سڀني قومن جي قاعدن کان علحدا آهن؛ هو بادشاهہ جي قاعدن تي نٿا هلن: تنهنڪري انهن کي ائين ڇڏي ڏيڻ مان بادشاهہ کي ڪوبہ فائدو ڪونهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 پوءِ شهنشاهہ اخسويرس کي هامان چيو تہ ”هڪڙي قوم آهي جيڪا اوهان جي شهنشاهت جي سڀني صوبن ۾ ٽڙيل پکڙيل ۽ ٻين قومن کان الڳ‌ٿلڳ رهي ٿي. انهيءَ جا رسم وَ رواج ٻين سڀني قومن جي رسم وَ رواجن جي خلاف آهن ۽ اها قوم اوهان شهنشاهہ سلامت جي قانونن کي بہ ڪونہ ٿي مڃي. سو اها ڳالهہ اوهان جي حق ۾ ناهي تہ ان قوم کي ائين ئي ڇڏي ڏجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 3:8
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اخسويرس جي بادشاهيءَ جي شروع ۾، هنن يهوداہ ۽ يروشلم جي ماڻهن جي برخلاف هڪڙي فرياد لکي.


آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ جيڪو ڪلام تو پنهنجي ٻانهي موسيٰ سان ڪيو هو سو ياد رک، ۽ تو چيو هو تہ جي اوهين گناهہ ڪندا تہ آءٌ اوهان کي غير قومن ۾ پکيڙي ڇڏيندس:


جيڪڏهن بادشاهہ جي مرضي هجي تہ اهڙو حڪم لکيو وڃي تہ انهن کي ناس ڪري ڇڏجي: ۽ آءٌ چانديءَ جا ڏهہ قنطار انهن ماڻهن جي هٿن ۾ ڏيندس، جي بادشاهہ جو ڪم ڪار ٿا ڪن، تہ اُهي بادشاهہ جي خزانن ۾ پهچائي ڏين.


هاڻي جيڪي هي سڀ ڪيو ويو، تنهن جي خبر جڏهن مردڪئيءَ کي پيئي، تڏهن هن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا، ۽ خاڪ ملي کٿو ڍڪيائين، ۽ نڪري شهر جي وچ ۾ ويو، ۽ دانهون ڪري زار زار روئڻ لڳو:


جيڪي هن قوم ڳالهايو آهي تنهن تي تو ويچار نہ ڪيو ڇا، جو چون ٿا تہ جن ٻن فرقن کي خداوند پسند ڪيو، تن کي هن رد ڪري اُڇلائي ڇڏيو آهي؟ انهي طرح هو منهنجي قوم کي ڌڪارين ٿا، انهي لاءِ تہ اُهي سندن اڳيان وري ڪڏهن بہ قوم ٿي نہ رهن.


اسرائيل رلي ويل رڍ آهي؛ شينهن انهي کي ڀڄائي ڪڍيو آهي: پهرين اشور جو بادشاهہ انهي کي کائي ويو؛ ۽ پڇاڙيءَ ۾ هن بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر ان جا هڏ ڀڃي ڇڏيا آهن.


تنهنڪري تون چئُہ، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جيتوڻيڪ مون هنن کي پري ڪڍي قومن ۾ رکيو آهي، ۽ هنن کي ملڪن ۾ پکيڙي ڇڏيو اٿم تڏهن بہ آءٌ، جن جن ملڪن ۾ هو آيا آهن اُتي ٿوري وقت لاءِ هنن جي لاءِ هڪ اَجهو ٿيندس.


تنهن هوندي بہ آءٌ ڪجهہ باقي ڇڏيندس، جي اوهان مان ترار کان بچي نڪري قومن ۾ ويندا؛ ۽ انهي وقت اوهين ملڪن ۾ ڇڙوڇڙ ٿي ويندا.


هاڻي انهي وقت ڪي ڪسدي ويجها آيا، ۽ يهودين تي تهمت آندائون.


تڏهن هنن ورنديءَ ۾ بادشاهہ جي حضور عرض ڪيو، تہ اي بادشاهہ، اُهو داني ايل جو يهوداہ جي قيدين جي اولاد مان آهي، سو نہ تنهنجي پرواهہ ٿو رکي، نہ تنهنجي منع نامي جي، جنهن تي تو صحيح ڪئي آهي، پر هو ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا دعا گهري ٿو.


تڏهن بادشاهہ اهي ڳالهيون ٻڌي ڏاڍو ناراض ٿيو، پر دل ۾ ارادو ڪيائين تہ داني ايل کي بچائي: ۽ سج لٿي تائين هن کي ڇڏائڻ لاءِ پئي ڪوشش ڪيائين.


۽ آءٌ اوهان کي غير قومن ۾ دربدر ڪندس، ۽ اوهان جي پٺيان ترار ڪڍندس: ۽ اوهان جو ملڪ ويران، ۽ اوهان جا شهر غير آباد ٿي ويندا.


پر آءٌ کين سڀني قومن ۾، جن جا هو واقف نہ آهن، واچوڙي سان ڇڙوڇڙ ڪندس. ائين ئي ملڪ هنن کانپوءِ ويران ٿي ويو ۽ انهيءَ ۾ ڪابہ آمدرفت ڪانہ هئي: ڇالاءِ جو هنن دلپسند ملڪ کي ويران ڪيو.


ڇالاءِ جو جبلن جي چوٽيءَ تان آءٌ هن کي ڏسان ٿو، ۽ ٽڪرين تان منهنجي هن تي نظر ٿي پوي: ڏس، هيءَ اُها اُمت آهي جا اڪيلي ٿي رهي، ۽ ٻين قومن ۾ شمار نہ ڪئي ويندي.


تڏهن يهودي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ هيءُ ڪيڏانهن وڃڻو آهي، جو اسين لهي ڪين سگهنداسونس؟ يونان منجهہ جي ڇڙوڇڙ ٿي ويا آهن، تن وٽ وڃي يونانين کي تعليم ڏيندو ڇا؟


ڇالاءِ جو اسان جي نظر ۾ هيءُ ماڻهو هڪڙي وڏي آفت آهي، ۽ دنيا جي سڀني يهودين ۾ فساد مچائيندڙ، ۽ ناصرين جي بدعتي فرقي جو هڪڙو مهندار آهي:


پر چڱو ٿيندو تہ جيڪي تنهنجا خيال آهن، سي اسان کي ٻُڌاءِ: باقي هن فرقي جي بابت اسان کي خبر آهي تہ جتي ڪٿي انهي جي گلا آهي.


تڏهن خداوند تنهنجو خدا تنهنجو قيد ڦيرائي ڇڏيندو، ۽ توتي رحم ڪندو، ۽ جن جن قومن ۾ خداوند تنهنجي خدا توکي دربدر ڪيو هوندو، تن سڀني مان توکي موٽائي آڻي گڏ ڪندو.


مون چيو تہ آءٌ انهن کي پري پري پکيڙي ڇڏيندس، آءٌ انهن جي يادگيري ماڻهن منجهان ڪڍي ڇڏيندس.


۽ خداوند اوهان کي قومن ۾ دربدر ڪندو، ۽ جن قومن ۾ خداوند اوهان کي وٺي ويندو، تن ۾ اوهان جو شمار گهڻو گهٽجي ويندو.


خدا ۽ خداوند يسوع مسيح جي بندي يعقوب جي طرفان اُنهن ٻارهن قبيلن کي سلام رسن، جي جدا جدا ملڪن ۾ ٿا رهن.


يسوع مسيح جي رسول، پطرس جي طرفان انهن مسافرن ڏانهن جي پنطس، ۽ گلتيہ، ۽ ڪپدڪيا، ۽ آسيا، ۽ بٿنيہ ۾ پکڙيل آهن،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ