Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 3:7 - Sindhi Bible

7 بادشاهہ اخسويرس جي بادشاهت جي ٻارهين سال جي پهرين مهيني ۾، جو نيسان جو مهينو آهي، هنن هامان جي روبرو پور يعني ڪُڻو وڌو، ۽ اُهو روز بروز، ۽ ماهہ بماهہ، ٻارهين مهيني تائين، جو ادار جو مهينو آهي، وجهندا رهيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 شهنشاهہ اخسويرس جي شاهيءَ جي ٻارهين سال جي پهرئين مهيني يعني نيسان مهيني ۾ هامان جي مرضيءَ مطابق يهودي قوم کي قتل ڪرڻ واسطي ڏينهن ۽ مهينو چونڊڻ لاءِ ”پُوريم“ يعني ڪڻو وڌو ويو. انهيءَ ڪڻي ۾ ٻارهين مهيني يعني ادار مهيني جي تيرهين تاريخ نڪتي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 3:7
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اخسويرس جي بادشاهيءَ جي شروع ۾، هنن يهوداہ ۽ يروشلم جي ماڻهن جي برخلاف هڪڙي فرياد لکي.


۽ دارا بادشاهہ جي بادشاهيءَ جي ڇهين سال ۾، آدار مهيني جي ٽين تاريخ، اهو گهر پورو ٿيو.


۽ ارتخششتا بادشاهہ جي ويهين سال ۾، نيسان مهيني ۾، هيئن ٿيو تہ جڏهن شراب هن جي اڳيان هو، تڏهن مون شراب کڻي بادشاهہ کي ڏنو. هاڻي آءٌ اڳي ڪڏهن بہ سندس حضور ۾ غمگين نہ ٿيو هوس.


تڏهن، سندس بادشاهيءَ جي ٽئين سال ۾، هن پنهنجن سڀني اميرن ۽ ملازمن جي مهماني ڪئي؛ فارس ۽ مادي جا زور وارا ماڻهو، ۽ پرڳڻن جا امير ۽ والي، اچي وٽس حاضر ٿيا:


نيٺ آستر کي بادشاهہ اخسويرس جي شاهي گهر ۾، سندس بادشاهيءَ جي ستين سال جي ڏهين مهيني، يعني طيبت مهيني ۾ وٽس وٺي آيا.


هاڻي ٻارهين مهيني، يعني آدار مهيني جي تيرهين تاريخ جڏهن بادشاهہ جي حڪم ۽ فرمان جي تعميل ٿيڻ جو وقت اچي ويجهو ٿيو، جنهن ڏينهن يهودين جي دشمنن کي اُميد هئي تہ انهن تي غالب ٿيندا؛ ۽ ڳالهہ انهيءَ جي اُبتڙ ٿي پيئي، جو يهودي پنهنجن دشمنن تي غالب پيا،


جن ۾ انهن کي تاڪيد ڪيائين تہ آدار مهيني جي چوڏهين تاريخ، ۽ پندرهين تاريخ وارا ڏينهن هر سال عيد ڪن،


۽ يهودين پنهنجن سڀني دشمنن کي ترار جي ڌار سان، ۽ ڪوس ڪرڻ سان ماري مات ڪيو، ۽ جن جي ساڻن دشمني هئي، تن کي جيئن وڻين تيئن ڪيائون.


ڪڻو جهوليءَ ۾ اُڇلايو ٿو وڃي؛ پر انهيءَ جو انتظام خدا وٽان آهي.


۽ جڏهن هن کي صليب تي چاڙهي رهيا، تڏهن سندس ڪپڙن تي پُکا وجهي پاڻ ۾ ورهائي کنيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ