Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 3:12 - Sindhi Bible

12 تڏهن پهرين مهيني جي تيرهين تاريخ بادشاهہ جا محرر سڏيا ويا، ۽ جيئن هامان حڪم ڏنو تيئن بادشاهہ جي نائبن ۽ سڀني پرڳڻن جي والين ۽ سڀني قومن جي سردارن ڏانهن لکيو ويو؛ سڀ ڪنهن پرڳڻي ڏانهن اُن جي اکرن ۾، ۽ سڀ ڪنهن قوم ڏانهن ان جي ٻوليءَ ۾؛ اُهو بادشاهہ اخسويرس جي نالي سان لکيو ويو، ۽ انهيءَ تي بادشاهہ جي منڊيءَ سان مهر ڪئي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 پوءِ پهرئين مهيني جي تيرهين تاريخ شاهي ڪاتبن کي سڏايو ويو. جيئن هامان کين حڪم ڏنو تيئن هُنن شهنشاهہ جي سڀني نائبن، سڀني صوبن جي گورنرن ۽ سڀني ماڻهن جي اڳواڻن ڏانهن لکيو. اهي خط هر صوبي جي رسم‌الخط ۽ هر قوم جي ٻوليءَ ۾ لکيا ويا. اهي خط شهنشاهہ اخسويرس جي نالي سان لکيا ويا ۽ انهن تي شاهي منڊيءَ جي مُهر لڳائي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 3:12
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو هن اخي آب جي نالي سان خط لکيا، ۽ سندس مهر مٿن هنيائين، ۽ اُهي خط اُنهن بزرگن ۽ اميرن ڏانهن موڪليائين جي سندس شهر ۾ هئا، ۽ نبوت سان گڏ رهندا هئا.


۽ هنن بادشاهہ جا پروانا، بادشاهہ جي نائبن، ۽ نديءَ جي هن ڀر وارن والين کي پهچائي ڏنا: ۽ انهن قوم جي، ۽ خدا جي گهر جي مدد ڪئي.


ڇالاءِ جو هن بادشاهہ جي سڀني پرڳڻن مان هرهڪ ۾، اُتي جي اکرن موجب ۽ هرهڪ قوم کي اُن جي ٻوليءَ ۾ خط لکيا تہ سڀ ڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي گهر ۾ حڪم هلائي، ۽ پنهنجي قوم جي ٻوليءَ ۾ اهڙو اشتهار ڪرائي.


۽ بادشاهہ هامان کي چيو تہ اها چاندي بہ توکي ڏني ٿي وڃي ۽ اُهي ماڻهو بہ، جيئن توکي وڻي تيئن انهن سان ڪر.


۽ بادشاهہ پنهنجي مُنڊي، جيڪا هامان کان ورتي هئائين، سا لاهي مردڪئي کي ڏني. ۽ آستر مردڪئي کي هامان جي گهر تي رکيو.


يهودين ٺهراءُ ڪيو، ۽ پاڻ تي، ۽ پنهنجي اولاد تي، ۽ جيڪي ساڻن گڏ ٿيا تن سڀني تي، اهو فرض هموار ڪيو، تہ ضرور ان جي لکئي موجب، ۽ ان جي ٺهرايل وقت تي، هر سال اهي ٻہ ڏينهن عيد ڪندا رهن؛


اي بادشاهہ تو اهو حڪم جاري ڪيو آهي تہ جيڪو ماڻهو شرنائي، توتاري، بربط، رباب، سنطور، سارنگي ۽ ٻين سڀني قسمن جي سازن جو آواز ٻڌي، سو هيٺ جهڪي انهي سوني مورت کي سجدو ڪري:


تڏهن هو ويجهو آيا ۽ بادشاهہ جي حضور ۾ سندس منع نامي جي نسبت ۾ چوڻ لڳا، تہ اي بادشاهہ تو اهڙو منع نامو صحيح ڪين ڪيو آهي ڇا تہ جيڪو ماڻهو ٽيهن ڏينهن اندر ڪنهن بہ معبود کان يا ماڻهوءَ کان، توکان سواءِ، سوال ڪندو تنهن کي شينهن جي غار ۾ وجهبو؟ ۽ بادشاهہ جواب ڏيئي چيو تہ اها ڳالهہ ميدين ۽ فارسين جي قاعدي موجب، جو ڦرندو ڪين آهي، سچي آهي.


تڏهن اُهي ماڻهو بادشاهہ جي اڳيان گڏ ٿيا ۽ کيس چوڻ لڳا، تہ اي بادشاهہ توکي خبر آهي تہ ميدين ۽ فارسين جو اهو قاعدو آهي تہ جيڪو منع نامو يا قانون بادشاهہ جاري ڪري سو ڦرڻ جو نہ آهي.


تڏهن بادشاهہ دارا سڀني ماڻهن ۽ قومن، ۽ جدا جدا ٻولين وارن ڏي لکيو، جي دنيا ۾ رهندا هئا، تہ شل اوهان جي لاءِ سلامتي وڌي.


هاڻي اي بادشاهہ، اهو منع نامو جاري ڪر، ۽ اهڙي لکيل حڪم تي صحيح ڪر، تہ اُهو ڦري نہ سگهي، جيئن ميدين ۽ فارسين جو قاعدو ڦرندو نہ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ