Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 3:10 - Sindhi Bible

10 تڏهن بادشاهہ پنهنجي هٿ مان منڊي لاهي يهودين جي دشمن هامان بن همداتا اجاجيءَ کي ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 تڏهن شهنشاهہ پنهنجي آڱر مان مُهر واري منڊي لاهي يهودين جي دشمن هامان ولد همداتا اجاجيءَ کي ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 3:10
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ فرعون پنهنجيءَ مهر واري منڊي پنهنجي هٿ مان لاهي، يوسف جي هٿ ۾ پارائي، ۽ هن کي عمدي ڪپڙي جي خلعت پهرايائين، ۽ هڪڙي سوني زنجيري سندس ڳچيءَ ۾ پاتائين؛


انهن ڳالهين کانپوءِ بادشاهہ اخسويرس، هامان بن همداتا اجاجيءَ کي درجي ۾ وڌايو ۽ چاڙهي مٿي ڪيائينس، ۽ جيڪي امير وٽس هوندا هئا، تن سڀني کان هن جي جاءِ مٿي ڪيائين.


۽ بادشاهہ هامان کي چيو تہ اها چاندي بہ توکي ڏني ٿي وڃي ۽ اُهي ماڻهو بہ، جيئن توکي وڻي تيئن انهن سان ڪر.


جيڪڏهن بادشاهہ جي مرضي هجي تہ اهڙو حڪم لکيو وڃي تہ انهن کي ناس ڪري ڇڏجي: ۽ آءٌ چانديءَ جا ڏهہ قنطار انهن ماڻهن جي هٿن ۾ ڏيندس، جي بادشاهہ جو ڪم ڪار ٿا ڪن، تہ اُهي بادشاهہ جي خزانن ۾ پهچائي ڏين.


۽ آستر چيو تہ دشمن ۽ ويري هي شرير هامان آهي. تڏهن هامان بادشاهہ ۽ راڻيءَ جي اڳيان ڊڄي ويو.


۽ بادشاهہ پنهنجي مُنڊي، جيڪا هامان کان ورتي هئائين، سا لاهي مردڪئي کي ڏني. ۽ آستر مردڪئي کي هامان جي گهر تي رکيو.


اوهان کي جيئن وڻي تيئن اوهين بہ يهودين کي بادشاهہ جي نالي سان لکو، ۽ اُنهيءَ تي بادشاهہ جي مهر هڻو: ڇالاءِ جو جيڪو لکيو بادشاهہ جي نالي سان لکيو ويو آهي، ۽ جنهن تي بادشاهہ جي مُنڊيءَ جي مهر هنئي ويئي آهي، تنهن کي ڪوبہ ماڻهو رد ڪري نٿو سگهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ